Home / ڪرنٽ نيوز / قومي ادارن تي ثبوتن کانسواءِ الزام ڳڻتي جوڳا آهن: چوڌري نثار
above article banner

قومي ادارن تي ثبوتن کانسواءِ الزام ڳڻتي جوڳا آهن: چوڌري نثار

nisar-summons-peace-mediators-in-islamabad-1398185679-7206وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران جهڙيءَ طرح اهم دفاعي ادارن تي تنقيد ۽ الزامن جو نشانو بڻايو جنهن جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. چوندا آهن ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي تحفظ لاءِ روزانو پنهنجي جانين جون قربانيونڏئي رهيا آهن. هڪ طرفي پروپيگنڊا ڳڻتي ۽ مذمت جوڳي آهي. اسلام آباد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته گذريل ڏينهن ۾ جهڙي طرح اهم دفاعي ادارن تي تنقيد ۽ الزام هنا ويا اُن جو مثال دنيا جي ڪنهن بگه ملڪ ۾ نٿو ملي. حد ته اُها آهي ته جيڪي منفي پروپيگنڊا ادارن جي باري ۾ مخصوص حلقي ڪئي آهي اُن جي گونج ۽ شهير اسان جي دشمنن سڄي دنيا ۾ پکيڙي آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته اڄ جڏهن اسان جا دفاعي ادارن جا آفيسر ۽ جوان پاڪستان جي تحفظ خاطر هر روز پنهنجي جانين ۽ رت جي قرباني ڏئي رهيا آهن اُها هڪ طرفي ۽ منفي پروپيگنڊا ڳڻتي جوڳي نه پر مذمت جوڳي به آهي. هن چيو ته جڏهن حڪومت سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئر ججن تي ٻڌل ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي ته اهڙي قسم جي الزام بازي ڪهڙي معنيٰ رکي ٿي. وفاقي وزير چيو ته سينيئر صحافي حامد مير تي حملي جو واقعو رڳو سندن خاندان ۽ اداري لاءِ نه پر سڄي پاڪساني صحافتي برادري ۽ قوم لاءِ به انتهائي واقعو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. پر انهيءَ واقعي کي جواز بڻائي پاڪستان جي قومي ادارن تي حملا ڪيا پيا وڃن جهڙي طرح ثبوتن کانسواءِ الزام هنيا پيا وڃن انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو