Home / ڪرنٽ نيوز / قومي اسيمبلي، مدرسن جي تعليم ۾ بهتري لاءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور
above article banner

قومي اسيمبلي، مدرسن جي تعليم ۾ بهتري لاءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور

National Assembly

قومي اسيمبلي، مدرسن جي تعليم ۾ بهتري لاءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ايوان ۾ يوٽيوب تان پابندي هٽائڻ لاءِ شازيه مري پاران پيش ڪيل قرارداد جي حڪومتي ميمبرن پاران مخالفت تي اسپيڪر معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي عورت ميمبر نفيسه شاهه مدرسن جي تعليم ۾ بهتري لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو. نفيسا شاهه چيو ته مدرسن جي اڪثريت تعميري ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر ڪيترائي مدرسا اهڙا آهن، جيڪي فرقيواريت ۽ عسڪريت پسندي کي هٿي وٺرائي رهيا آهن. نفيسا شاهه چيو ته مدرسن ۾ سائنس جي تعليم پڻ ڏني وڃي، جنهن تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف چيو ته مدرسن جي ريگيولرٽري لاءِ مشاورتي ٿي رهي آهي، 8 هزار اهڙا مدرسا آهن، جتي سائنس پڙهائي پئي وڃي. ايوان ۾ ٺهراءَ تي بحث ٿيڻ کانپوءِ اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو