Home / ڪور افيئر / لائسنس، ڪينسل ڪرا ڪي جيو!
above article banner

لائسنس، ڪينسل ڪرا ڪي جيو!

مظهر

اردو چوڻيءَ موجب قبلو ٺيڪ ته ڪونه ٿيو آهي پر لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ پاور جو قبلو آهستي آهستي تبديل ضرور ٿي رهيو آهي. سموري سياسي لٽريچر ۾ استاد چوندا آيا آهن ته پاور جو سرچشمو جاگيرداري نظام آهي. تبديلي اها ٿي آهي ته فيوڊل پاور يا اقتدار تي جاگيردارن جي هڪ هٽي ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي آهي. ان نظام جي اوڇنگار البته شهري تنظيم وقتا فوقتا ڏيندي رهندي آهي، پر جاگيرداري نظام مان ان جي مراد سنڌين جو اهو مستقل حق حاڪميت آهي جنهن جي ڪري شهري تنظيم پنهنجي هيڏين حاصلاتن جي باوجود اڃا تائين پنهنجو هڪ وڏوٽارگيٽ حاصل نٿي ڪري سگهي: يعني ان جو چيف منسٽر نٿو اچي.
پر اها ته پراڻي ڳالهه ٿي. نئين ڳالهه اها آهي ته وڏو عرصو رياست ۽ سوسائٽي کي پنهنجي ڊائريڪشن ۾ هلائيندڙ ملٽري پاور هاڻي پنهنجي جڪڙ وڃائي رهيو آهي.”ڇو؟ ۽ ڇالاءِ؟“ جا هڪ کان وڌيڪ اشارا موجود آهن جن مان ڪيترا نهايت واضح آهن.
ڪو زمانو هو جنگ اخبار جي موجودگيءَ ۾ آءِ ايس پي آر کي پريس رليز جاري ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي هئي. مير خليل الرحمان کي اڳواٽ اندازو ٿي ويندو هو ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ ان کان اڳي جو ڪو کيس اچي باضابطي چوي، هو اڳواٽ گهربل لکاوت جاري ڪري ڇڏيندو هو. مثال طور باچا خان کي ”غدار“ ۽ ”ملڪ دشمن“ سڏڻ، جي ايم سيد کي ”علحدگي پسند“ ۽ خيربخش کي ”پاڪستان دشمن“ سڏڻ ۽ باربار اها ڳالهه دهرائيندو رهڻ ته اهي سڀ پنهنجي غيرملڪي آقائن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن، وغيره ۽ اهڙيون ٻيون ڪهاڻيون. باچا خان ڪيئي ڀيرا چيو ته ”آئون ته انگريز جو دشمن هئس جنهن ڪري انگريز مون کي ”غدار“ سڏيندو هو، هاڻي ته ملڪ آزاد آهي، مون کي اوهين ڇو ٿا غدار سڏيو؟“ مزي جي ڳالهه ته ”غدار“ ۽ ”ملڪ دشمن“ فقط ٻين صوبن مان دريافت ٿيندا هئا، پنجاب ۾ ڪوبه غدار ڪونه ملندو هو. چون ٿا ته ڪو ٿوري وقت لاءِ ميان افتخارالدين کي ”اڌ غدار“ جو مرتبو حاصل ٿيو هو باقي ڪنهن به پنجابي اهڙو اعزاز ڪونه ماڻيو.
تمام تيزيءَ سان صورتحال تبديل ٿي آهي ته ان کي اها اسپيڊ ٻن ڳالهين وٺرائي آهي. هڪ ته اسٽيبلشمينٽ جي ايڪسٽينڊيڊ فيمليءَ ۾ فوج پنهنجي ڏورانهن مائٽن کان اهو اختيار کسڻ چاهي ٿي ته اهي ان کان منظوري وٺڻ بنا ڪنهن کي غدار ۽ ڪنهن کي ملڪ دشمن قرار ڏين. يعني اهڙو سرٽيفڪيٽ مجاز اختياريءَ بنا ڪو ٻيو جاري نه ڪري. جڏهن ته وڏو عرصو اهو اختيار بنا ڪنهن پڇاڻي جي انڌاڌنڌ استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ هاڻي اهي ڏوراهان مائٽ جوابي جهيڙو جوٽي رهيا آهن ته هو ڇو نٿا اهو اختيار استعمال ڪري سگهن. نتيجي ۾ خود ڏورانهن مائٽن کي ”غدار“ ۽ ”ملڪ دشمن“ قرار ڏنو ويو آهي. خيرن سان پهريون ڀيرو پنجاب ۾ ”غدار“ ۽ ”ملڪ دشمن“ هٿ آيا آهن. رياستي پاور جي سماجي تجزئي جو نتيجو اهو آهي ته ڌڻين جي پنهنجي گهر اندر جهيڙو جاري آهي. پنجاب ۾ پيدا ٿي پيل غدار به سرڪاري ادارن کي غدار ۽ سابق طالع آزما جنرلن جي مارشل لائن کي ”سنگين غداري“ سڏي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ”تون سڄي ڪاري..تون پڇ ڪاري“ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي.

geo
اصل ۾ سڄوNarrative ٻين کي ڪنفيوز ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڄار وانگر اڻيو ويو هو. اهو ڄار 67 سال پئي اڻيائون…. پئي اڻيائون… هاڻي اهو ايڏو ته ڦهلجي ويو آهي جو ڌڻي پاڻ ان ۾ وچڙي ڪرڻ لڳا آهن.
…..۽ پوءِ اوهان ڏٺو ته مخالف چينلز تي پيڊ پرفارمرز ڪيئن نه ليڪا اڪري ويا….. وڙهن چور ته ڀلو ٿئي ڀاڳئي جو!… چيو ويو ته اهڙي ملڪ جي ئي ڪا ضرورت ڪانهي جنهن ۾ فوج کي ”بي توقير“ ڪيو ويندو هجي. پوءِ مخالف چينل جي صحافين کي ملندڙ ڌمڪين ۾ تيزي آئي ۽ سوشل ميڊيا تي اهو شعر به گردش ڪندو رهيو ته: ”ميريـــا ڍول صحافيا، تينون رب ديان رکان!“ … ۽ پوءِ پهرين پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي جنهن لاءِ سرڪاري پريس رليز چيو ته ”اس موقع پر خواجه آصف ڀي موجود ٿي“ جڏهن ته پي ٽي ويءَ تان ڏيکاريل سرڪاري فوٽيج ۾ خواجو ڪٿي به نظر ڪونه آيو. ان کان پوءِ ڌريون جڏهن صفا دست و گريبان ٿي ويون ته يوم شهداءِ رينجرز اچي ويو، ان کان سگهوئي پوءِ يوم شهداءِ پاڪستان آيو. ٻنهي ڏهاڙن تي ”غدار“ چينل کي به افواج پاڪستان جي شان ۾ گيت ۽ پروگرام نشر ڪرڻا پيا. پر اڃا اهي ڏهاڙا لنگهيا ئي مس ته انٽرنيشنل پريس فريڊم ڊي آيو جنهن تي صحافتي آزاديءَ جي علمبردارن وڏيون گجگوڙون ڪيون ۽ ڌريون وري پنهنجي پنهنجي اصل موقف جي مورچي تي موٽي آيون. ان سڄي عرصي ۾ اصل غدار ۽ ”سنگين غداري“ ڪيس جي ملزم جنرل مشرف جي اسٽوري سائيڊ تي هلي وئي.
تجزئي نگار چون ٿا ته بادشاهه سلامت لڳي ٿو ته جلدبازيءَ سان فيصلا وٺندو آهي، جنهن ڪري چينل جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چينل ويچاري گهڻيئي ليلڙاٽ ڪيا آهن پر صورتحال گبر سنگهه ۽ سانڀا جي ڊائيلاگ واري ٿي وئي آهي: ”سردار…. مين ني آپ کا نمڪ کايا هئي!“…… ”اور اب گولي ڀي کا!“ …..”ٺـــــا!“…. ”لائسنس ڪينسل ڪراڪي جيو!“
لڳي ٿو ته بادشاهه سلامت چينل بند ڪرڻ کي بظاهر رڳو هڪ دهيءَ جي دڪان بند ڪرڻ جهڙو ننڍڙو ڪم سمجهيو پر کيس لڳي پتو ويو آهي ته ان دڪان بند ٿيڻ سان اظهار جي آزاديءَ تي به لت ايندي جنهن سان بادشاهه سلامت جو سڄي دنيا ۾ اميج به متاثر ٿيندو. هينئر ئي صورتحال واضح آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تقريبا نالي واريون سڀ ڌريون بادشاهه سلامت جي فيصلي جي خلاف آهن. خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيولر ڌريون ۽ ويندي ڪجهه مذهبي ڌريون به بادشاهه سان گڏ ڪونه آهن. پنجاب ۾ نواز ليگ اڃا فيصلو نه ڪيو آهي ته هو ڪهڙي ڌر جو پاسو وٺي، پر جي ان ڪنهن جو به پاسو نه ورتو ته اها نيوٽرل رهندي. ان جي معني اها ٿيندي ته اڄ جي جيو جي لائسنس ڪينسل ٿيڻ خلاف تحريڪ هلي ته ٽي صوبا بادشاهه سلامت خلاف بيٺل نظر ايندا، جڏهن ته پنجاب به پوريءَ ريت ساڻس گڏ بيٺل نظر نه ايندو. ان صورتحال ۾ ”مخالفت نه ڪرڪي جيو“ واري نظرئي تي هلندڙ پيپلز پارٽيءَ واري اپوزيشن جي ليڊر ميان خورشيد شاهه ڪمال جي ڳالهه چئي آهي ته حڪومت ڪنهن جي چوڻ تي خواجي آصف کي نه هٽائي. سڀ فرمائشون پوريون نه ڪريو. اڄ خواجي لاءِ پيا چون، سڀاڻي جي وزيراعظم جو سرگهرندا ته پوءِ ڇا اوهين ڏيندا؟
شايد بادشاهه سلامت کي به پنهنجي غلطيءَ جو ڪجهه احساس ٿيو آهي ته هاڻي عزت واري طريقي سان واپسيءَ جا رستا ڳوليا پيا وڃن. سڄي ملڪ ۾ پيڊ پرفارمرز کي روڊن رستن تي آڻي يڪجهتيءَ وارا جلوس ڪڍرايا ويا آهن جنهن تي عاصمه جهانگير چيو آهي ته سرڪاري محڪمي کي سياسي جماعت واري عادت اختيار نه ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به سرڪاري محڪمي کي پنهنجي حق ۾ نعرا لڳرائڻ ۽ جلوس ڪڍرائڻ جهڙن ڪمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. عاصمه ڀلي ڇا به چوي پر صاف ظاهر آهي ته ماڻهو ويچارا ته محبت وچان مجبور ٿي رستن تي اچي رهيا آهن جن کي روڪي نٿو سگهجي.
پر ڪجهه رينٽ اي ڪرائوڊ اهڙا آهن جن جو رستي تي اچڻ نقصان ڏيئي سگهي ٿو. مثال طور شيخ الاسلام علامه طاهرالقادريءَ جو”ترت“ ۽”وقتائتو“ ميدان تي نڪري اچڻ، فرزند راولپنڊي شيخ رشيد جو ڪينيڊا ياترا تي وڃڻ ۽ علامه کي خصوصي پيغام پهچائڻ، تحريڪ انتشار پاران اليڪشن ڌانڌليءَ جي سالگرهه ملهائڻ لاءِ روڊن تي اچڻ ۽ ان جي حمايت ۾ ”سياست نهين، رياست بچائو“ جي نعري سان طاهرالقادريءَ پاران ان سالگرهه جي حمايت ڪرڻ ۽ جناب عمران الله عمران پاران اوچتو جيو چينل کي اليڪشن ڌانڌليءَ ۾ ملوث ڪرڻ شامل آهن.
سوال آهي ته واپسيءَ جو عزت ڀريو رستو ڳولهيو پيو وڃي يا مستقل اچي مهمان ٿيڻ لاءِ عوامي ڊيمانڊ پيدا ڪرائي پئي وڃي؟ خبر ڪانهي ته بادشاهه سلامت جي من ۾ ڇا آهي. هو جنهن اسپيڊ سان وڃي پيو تنهن مان ڊپ ٿو ٿئي ته گاڏي ڪو حادثو نه ڪري وجهي.
بهرحال، جيڪي فوجي حڪومتون هڪٻئي پٺيان آيون تن جو جيڪڏهن تجزيو ڪري ڏٺو وڃي ته خبر پوندي ته هر نئين فوجي حڪومت اڳوڻيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ طاقتور هئي.
يعني ڏينهو ڏينهن ملٽري پاور جي جڪڙ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. تنهنڪري ”پروبلم“ اهو ناهي ته پاڪستان ۾ هاڻي ڪڏهن به فوجي حڪومت نٿي اچي سگهي، اڄ به فوجي حڪومت اچي سگهي ٿي پر ان لاءِ مسئلو اهو آهي ته اها اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ accommodative هوندي ٻي صورت ۾ هلي ڪانه سگهندي. اهو نئين زماني جي ڪنهن امڪاني طالع آزما لاءِ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هي ايڪويهين صدي آهي، پراڻي ڪهاڻي ڪانه هلي سگهندي. ان ۾ ڪا نواڻ پيدا ڪرڻي پوندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو