Home / ڪرنٽ افيئر / لياري: عذير ۽ لاڏلا وچ ۾ اياز لطيف طرفان ڪرايل ٺاهه گهڻا ڏينهن هلندو؟
above article banner

لياري: عذير ۽ لاڏلا وچ ۾ اياز لطيف طرفان ڪرايل ٺاهه گهڻا ڏينهن هلندو؟

Sameer Mandhoro

لياري ۾ گهڻي ڀاڱي امن بحال ٿي چڪو آهي. ڪجهه گهٽين کي ڇڏي باقي سمورو نوگو ايريا ييس گو ايرياز بڻجي ويا آهن. اڳ جتي لياري جا رهائشي وڃڻ کان لنوائيندا هئا اتي هاڻ ٻاهريان ماڻهو به وڃڻ جي جسارت ڪري رهيا آهن. ايئن ٿو لڳي لياري ۾ کيڏيل رت جي راند ڪا هندستاني فلم هئي جيڪا شايد ڪنهن Produce ڪئي هئي. اياز لطيف پليجو هٿان راضي نامو ڪرائڻ کان پوءِ نه صرف عذير بلوچ ۽ نور محمد عرف بابا لاڏلا وچ ۾ ڪا خوني جنگ ٿي آهي ۽ نه ئي ڪنهن عام خاص سان ڪا هٿ چراند ٿي آهي. اهي گهٽيون جتي ڏينهن جو به هٿياربند سرعام هلندي نظر ايندا هئا اتان سڀ ڪجهه اوچتو غائب ٿي ويو آهي. 15 مارچ واري ٺاهه کان اڳ ۽ گذريل چونڊن کان ترت پوءِ هٿيارن جي آزادانه استعمال مان ايئن ٿي لڳو ته لياري ۾ صرف ڏوهارين جي حڪمراني هجي. هزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، علائقو يا شهري ئي ڇڏي ويا. ڪي ته ملڪ مان ئي هميشه لاءِ لڏي ويا.

Picture6

پوءِ ڇا ٿيو جو حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ميٽنگ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جيڪو سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ سمورا ادارا نه ڪري سگهيا ؟ اهو ڪهڙو انتر منتر هيو جنهن خونريزي کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ماٺو ڪري ڇڏيو؟ ڇا اهو راضپو ۽ نظر ايندڙ امن برقرار رهي سگهندو؟ اياز لطيف ڇو، ڪنهن بلوچ سردار ڇو نه وچ ۾ اچي معاملي کي ٺاريو؟ ڇا هي ڪا سياسي گيم ته ناهي جنهن ۾ اياز لطيف کي استعمال ڪيو ويو؟ ڇا قومي عوامي تحريڪ جي صدر جا لاڳاپا انتهائي مطلوب ڏوهارين سان ايترا بهترين آهن جو هن جي حڪم تي مڙني هٿيار ڦٽا ڪيا؟ ڇا اهڙي ثالثي واري ڪردار مان لياري جو عوام خوش آهي؟ اهڙا ڪيترائي سوال آهن جيڪي لياري ۾ بحث هيٺ آهن.
اياز جي ٽياڪڙي کان صرف ٽي ڏينهن اڳ لياري جي مشهور بازار جهٽ پٽ مارڪيٽ ۾ اوچتو ڌماڪن سان 15 عورتن سميت 19 ڄڻا مارجي ويا. ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ بابا لاڏلا جي ٽن ويجهن مائٽن سميت پنجن ڄڻن جا تشدد ٿيل لاش مواڇ ڳوٺ مان مليا. انهي کان ڪجهه ڏينهن پهرين بابا لاڏلا جو سالو پنهنجي ساٿي سميت چنيسر ڳوٺ ۾ مارجي ويو. مطلب ته حيدرآباد واري ٺاهه کان اڳ بابا لاڏلا کي پوليس، رينجرز ۽ عذير بلوچ جي ماڻهن پاران انتهائي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئي پيا. بابا لاڏلا جي امڪاني شڪست شروع ٿيڻ کان تقريبن 10 ڏينهن پهرين عذير جو گهيرو هر طرف کان تنگ ڪيو ويو هو، جنهن جون شڪاتيون سنڌ حڪومت کي ثنا ناز بلوچ ۽ لياري مان ٻيو چونڊجي ايندڙ نمائندو جاويد ناگوري ڏئي چڪا هئا. خبرون هيون ته ڪجهه ڳراهٿ ۽ سياسي قوتون لاڏلا سان ملي عذير کي هميشه لاءِ آئوٽ ڪرڻ پيون چاهين، انهن ئي ڏينهن ۾ اڃا خبر پهتي ته حبيب جان بلوچ جيان (جيڪو چيل چوڪ تي آپريشن دوران) لنڊن پهچي ويو. انهي دوران به اياز کي چيو ويو ته هو لاڏلا کي راضي ڪري پر هن نه مڃيو. جهٽ پٽ مارڪيٽ واقعي کان اڳ به عذير مضبوط پوزيشن ۾ هو ۽ لاڏلا جي ڪوشش شروع ٿي ته ڪو ٺاهه ڪرائي. پر عذير نه مڃيو.
مطلب ته حيدرآباد ٺاهه کان اڳ به ٻئي ڌريون اياز سان رابطي ۾ هيون. انهي سڄي ثالٽي واري ڪردار ۾ پيپلز پارٽي اياز لطيف کي وچ ۾ آندو، ته جيئن رينجرز ۽ وفاقي حڪومت طرفان مڪمل تڏا ويڙهه کان اڳ اهڙو ڪم ڪجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ “همراهه” ڪم به اچن ۽ لياري به هٿ ۾ رهي. وفاقي حڪومت طرفان امن امان قائم ڪرائڻ جي صورت ۾ لياري هٿن مان ويندي ٿي نظر آئي. جتي جون ٻه ايم پي ايز ۽ هڪ ايم اين اي جون سيٽون اهميت واريون آهن نه ڪي اتي جا پيپلا!
چيو وڃي ٿو ته عذير ۽ لاڏلا جي مٿي تي نه صرف سياسي شفقت آهي بلڪه حساس ادارا به مٿن وڏا مهربان رهيا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ اياز طرفان ٺاهه کي اهي ماڻهو شڪ جي نظر سان ڏسن ٿا جيڪي جهٽ پٽ مارڪيٽ سانحي کانپوءِ جرئت ڪري روڊن تي آيا هئا. “گينگ وار کي عوام جي مار کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي” هڪ نوجوان چيو، جنهن نوالين ۾ مسلسل اذيتون برداشت ڪيون هيون. هن جو خيال آهي ته ٻئي گروپ وڙهي ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ عوام جي برداشت به جواب ڏئي چڪي هئي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ٻنهي گروپن جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه جي باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار مشڪوڪ ٿي ڏٺو ۽ عوام پاڻمرادو روڊن تي آيو ٿي انهي وقت اهڙو ٺاهه سواءِ ٻنهي گروپن کي بچائڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي.
معاملو اياز کان انهي ڪري حل ڪرايو ويو جو هن جو ٻنهي گروپن سان سٺو تعلق هيو ۽ ٻيو ته ڪو به سياسي ۽ سماجي رهنما ڏوهارين جي مسئلي ۾ پوڻ کان صاف انڪاري هيو هڪ تاثر اهو به هيو ته جيڪڏهن وري ٻئي گروپ ٺاهه تي راضي ٿي هڪ ٿي ويا ته لياري ۾ وري ساڳيون ڏوهاري سرگرميون شروع ٿي وينديون جيڪي ظفر بلوچ جي قتل ٿيڻ کان هڪ مهينو اڳ جاري هيون. تاثر اهو به هيو ته ڏوهارين ۾ ٺاهه ناهن ڪرائبا بلڪه هنن کي مجبور ڪيو ويندو آهي ته هو خونريزي بند ڪن ۽ پاڻ کي قانون جي حوالي ڪن .
ذريعا ٻڌائن ٿا ته رينجرز ۽ پوليس الڳ الڳ طريقن سان پنهنجا پلان مڪمل ڪري رهيا هئا ته پهرين ننڍا ننڍا ڏوهاري يا ته پڪڙي رهي هئي يا
مبينا مقابلن ۾ ماري رهي هئي ته جيئن وڏين مڇين کي پاڙان کان ڪمزور ڪري سگهجي ۽ ڪنهن حد تائين عذير ۽ لاڏلا گروپ کي ڪمزور به ڪيو ويو هو. ٻنهي گروپن وٽ نه صرف پئسا ختم ٿيڻ تي هئا بلڪه ڪجهه سنگت جو خيال آهي ته همراهن وٽ گوليون به ختم ٿيڻ تي هيون، عذير ۽ لاڏلا سميت مڙيئي وڏا ڪمانڊر صورتحال کي ڏسندي لياري، ڪراچي ۾ ته ڪي ملڪ ئي ڇڏي چڪا هئا.

Baba-Ladla
ٻنهي گروپن کان اڳ لياري ۾ اهو ڪڏهن نه ٻڌوسين ته امن ڪميٽي يا ان جا اڳواڻ ڪي ڏوهاري آهن. هو نه صرف انهن کي پنهنجا اڳواڻ سمجهندا هئا بلڪه عذير ۽ لاڏلا لاءِ عوام پنهنجون جانيون به ڏيڻ لاءِ تيار رهندا هئا. انهي جو مطلب هر گز اهو ناهي ته هو واقعي به هنن کي ان قابل سمجهندا هئا بلڪه اهو خوف هو ته جيڪو سندن خلاف ڳالهائيندو اهو خاموش ڪيو ويندو. جهٽ پٽ مارڪيٽ واقعي کان پوءِ ڪجهه تبديلي نظر اچي ٿي. عوام هاڻ هنن ٻنهي جا نالا وٺڻ کان سواءِ ڏوهارين جي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.
16 اپريل تي اٺ چوڪ تي نوجوانن کي مون پاڻ ڏوهارين جي خلاف ڳالهائيندي ڏٺو. وڌيڪ کوجنا ڪرڻ سان خبر پئي ته لياري جي ماڻهن کي هاڻ انهي ڳالهه جي پڪ ٿيڻ لڳي آهي ته ڪجهه تبديل ٿيندو. هڪ ڳالهه جي هنن کي پڪ ناهي ته اهو امن دير تائين برقرار رهندو. هو اهو محسوس ڪن پيا ته اهي چهرا جن طاقت جي نشي ۾ ڌت ٿي پنهنجن جا خون وهايا اهي واپس نه ايندا.
اهو ممڪن آهي ته هاڻي ڪجهه نوان چهرا لياري جون واڳون سنڀالي وٺن جن ۾ اڳوڻو يوسي ناظم جنهن 2002ع ۾ مقامي چونڊن ۾ پي پي جي ٽڪيٽ تان عذير بلوچ کي شڪست ڏني هئي يعني رئوف بلوچ سر فهرست آهي. ذريعا چون ٿا ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت لياري جي معاملن کي پاڻ ڏسي پئي پر هي بي يقيني واري صورتحال هڪ اهڙي لياري طرف وڃي پئي جنهن جون واڳون شاطرن وٽ ٿي سگهن ٿيون. انهي جو مطلب ته لياري جي عوام کي وري استعمال ڪيو ويندو ۽ هو هميشه جيان وري استعمال ٿيندا.
عذير ۽ لاڏلا جي سر جي قيمت وري لڳڻ کان پوءِ هاڻ ايئن ٿو لڳي ته هو پيپلز پارٽي جي ڪم جا ناهن رهيا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو