Home / ڪرنٽ نيوز / مندرن تي حملا سنڌ کي بدنام ڪرڻ لاءِ هئا، طالبان دهشت جو قانون پيا مڙهن: بلاول ڀٽو زرداري
above article banner

مندرن تي حملا سنڌ کي بدنام ڪرڻ لاءِ هئا، طالبان دهشت جو قانون پيا مڙهن: بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-Bhutto-Zadari

پيپلز پارٽي جي سرپرست بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگرد اسان کان اسان جي سڃاڻپ ڦرڻ چاهين ٿا، مذهب جي نالي تي انتهاپنسدي کي هٿي ڏني پئي وڃي. اسين انهيءَ موڙ تي بيٺا آهيون جتي چئن ئي پاسن کان بي يقيني آهي. ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان جي معيشت ساهه وڃائي رهي آهي، دهشتگرد اسان جا اسڪول ڦرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو هڪ سوچ، فلسفي ۽ هڪ نظام جو نالو هو، ذوالفقار علي ڀٽو جي نام نهاد منصفن تختو اونڌو ڪري ڦاهي تي لٽڪائي ڇڏيو، ذوالفقار علي ڀٽو جي پڪار تي قوم هڪ ٿي دنيا ۾ جيئڻ چاهي ٿي، اُهي شهر جتي هٿيارن جو نالو به نه هو، اُتي گولين جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، بلاول ڀٽو زرداري خطاب دوران کپي کپي ڀٽو کپي جا نعرا هڻندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو بيروزگار نوجوانن لاءِ اميد جي ڪرن هو، بدقسمت آهيون اسين جو ذوالفقار علي ڀٽو نه رهيو. هن چيو ته حڪومتي ادارن جي نجڪاري جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي نجڪاري جي نالن تي حڪومت اسان جو گهر وڪڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي. هن چيو ته اکين وارا ڳالهين جي نالن تي انڌن کان رستو پڇي رهيا آهن. ڀٽو هو ته دنيا جي وڏي طاقت به پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي همت نه ڪندو هو، اڄ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀٽو جي ضرورت آهي، اسان کي جهالت جي روشني جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو چيو ته موجوده حڪومت ڳالهين جي رٽ لڳائيندي نٿي ٿڪجي، تباهي مچائي جنت جون حورون وٺڻ چاهين ٿا اُهي اُنهن کي نه ملنديون، جاڳ منهنجا پنجاب جاڳ، پاڪستان سڙي رهيو آهي، دهشتگر درنده آهن، مسلمان ناهن، ڳالهيون ضرور ڪريون پر ٿيندو ڇا؟ ڪڏهن اوهان به ملا محسود جي موت تي هنجون هاريندا هئا ۽ ڪڏهن فوجين جي شهادت تي تعزيت ڪندا آهيون، اسلام جي نالي تي جهالت جي هن دور ڦٽو ڪيو پيو وڃي جيڪو اسلام کان پهرين عرب ۾ هو، هن ملڪ ۾ ظالماڻو نظام لاڳو ٿي ويو ته سنڌ ۾ ڌيئرون زنده دفن ٿينديون. هن چيو ته آصف زرداري بينظير ڀٽو کي دفنائڻ وقت پاڪستان کپي جو نهرو هنيو جڏهن ته ڌوکي جو اُن کان پڇو جيڪي پنهنجي فوجي پٽن کي دفنائڻ وقت تي پاڪستان زنده باد چون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جوزف ڪالوني ۾چرچ کي باهه لڳائي وڇي ٿي ۽ هڪ شخص گرفتار نٿو ٿئي، هي اُهي کي ماڻهو هئا جيڪي پاڪستان جي مخطالفت ڪندا هئا، اُهي ماڻهو قائداعظم کي ڪافر اعظم چوندا هئا، پاڪستان پيپلز پارٽي اقليتن کي اڪيلو نه ڏيندي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اسلام جي نالي تي پنهنجي دهشت جو قانون لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي پنهنجي صوبي ۾ دهشتگردن کي سياست جي نالي تي پناهه ڏيندا آهن، انهن ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اُهو اسلام ناهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس جيالا دهشتگردن خلاف چٽان وانگر بيٺا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪنهن به دهشتگرد کي اجازت نه ڏينداسين ته مذهب نسل جي نالي تي فساد پکيڙين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي تي لاشن تي سياست جو الزام هڻندڙ ٻارن جي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن، بي گناهه ماڻهن جي رت جي قيمت انهن چند ماڻهن لاءِ ڪابه معنيٰ نٿي رکي، اهڙن ماڻهن کي خبردار ڪريان ٿو ته هي وقت سياست جو ناهي هڪ قوم بڻجڻ جو آهي.

Larkana4-1024x350

هن چيو ته هي سسي ڪپجي سگهي تهي پر ڪنهن جي آڏو جهڪي نٿي سگهي، آصف زرداري کي 11 سال قيد ۾ رکي سندس عزم ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آصف زرداري جو عزم ڦريندڙ سندس مسڪراهٽ به نٿا ڦري سگهن. ڪجهه ماڻهن سنڌ فيسٽيول جي مخطالفت ڪئي، ڪجهه ماڻهو اهڙا به هئا جن کي سنڌ فيسٽيول جي ترقي پسند نه آئي. اُنهن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ تحفظ کي پنهنجو هٿيار بڻائڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت 2018ع ائين ٿر جي گهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسان جي فوج غيرتمند فوج ۽ سرمايو آهي ڪنهن جي جاڳير ناهي، اسان جي پنهنجي جنگ ختم ناهي ٿي ۽ اوهان ٻين جي جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا آهيو. هن چيو ته جن قومن کان جمهوريت ڦري وڃي ٿي اُتي غريب اهڙي غربت جو شڪار رهن ٿا، اسان کي انهيءَ لاءِ ٿر جي عوام چونڊيو ڇو ته اسان جي پارٽي غريبن جي پارٽي آهي. هن چيو ته ميان صاحب جي ٽيم اسان سڀني کي مايوس ڪيو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرامجي رقم روڪي وئي، ميان صاحب کي نوٽيس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته زرداري پرڏيهي پريشر ۾ اچڻ کانسواءِ گيس پائيپ لائين منصوبو شروع ڪيو، موجوده حڪومت اقتدار ۾ اچي آصف علي زرداري جو گيس پائيپ لائين منصوبو ختم ڪري ڇڏيو جڏهن ته پاڪستان جي قيمت 1.5 ارب ڊالر لڳائي وڃي ٿي ۽ قوم کي اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي. بلاول ڀٽو سوال ڪيو ته ڇا اُها قيمت ملڪ جي جوانن جي سر جي قيمت آهي؟ حڪومت جي نيت صاف هئي ته قوم کي ڇو نه ٻڌايو ويو؟ هن چيو ته حڪومت جو مسئلو پرائيويٽائيزيشن يا نيشنلائيزيشن جو نه پرنسلائيزيشن جو آهي. هن چيو ته اسين پنهنجي قوم کي بيروزگاري جي دلدل ۾ نه وجهڻ ڏينداسين. پاڪستان جا اثاثا غريبن جو سرمايو ان، پاڪستان جو قرض ادار ڪندڙ صوبن جا حق ڦرڻ نه ڏينداسين. بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جا وڏا وزير اثاثن مان پنهنجو حصو گهرن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو