Home / ڪرنٽ نيوز / پاڪ فوج سمورن ادارن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي
above article banner

پاڪ فوج سمورن ادارن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي

1385562412_Gen Raheel Sharif 2آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ فوج سمورن ادارن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي پر پنهنجي اداري جي وقار جو به هر حال ۾ تحفظ ڪيو ويندو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف راولپنڊي ۾ غازي تربيلا بيس ۾ اسپيشل سروسز گروپ جو دورو ڪيو، جتي وائيس چيف آف اسٽاف جنرل غير محمود سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي خلاف ڪمانڊوز جي صلاحيتن کي ساراهيو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته اسپيشل فورسز گروپ کي ڏکي وقت ۾ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، ايس ايس جـِي جوانن جي بهادري ۽ همت تي کين فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ دنيا جي اسپيشل فورس آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج سمورن ادارن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته هاڻوڪي ڏينهن ۾ ڪجهه عنصرن پاڪ فوج جي غير ضروري تنقيد ڪئي پر پاڪ فوج پنهنجي اداري جو وقار جو تحفظ هر هال ۾ يقيني بنائيندي. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جي جوانن وطن جي حفاظت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ هو ڪهڙي به قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه هٽندا. جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج قومي سلامتي ۽ تعميري ترقي سان گڏ روايتي ڀائيچاري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو