Home / ڪور افيئر / پرويز مشرف جي ڪراچي مان پرڏيهه روانگي- ڊيل ٿي چڪي!
above article banner

پرويز مشرف جي ڪراچي مان پرڏيهه روانگي- ڊيل ٿي چڪي!

Aajiz Jamaliآمر جنرل مشرف کي ڪراچي پهچڻ تي ايترو ئي پروٽوڪول مليو جيترو پروٽوڪول کيس ملڪي صدر يا آرمي چيف هوندي ملندو هو. ڪراچي ايئرپورٽ کان وٺي ڊفينس جي زم زما اسٽريٽ 31 تائين سمورا رستا سيل ڪيا ويا هئا. مشرف جي سيڪيورٽي جو مڪمل ڪنٽرول فوج ۽ رينجرز وٽ هو. سنڌ پوليس پڻ مشرف جي روٽ تي ان ڏينهن هزارين پوليس اهلڪار مقرر ڪيا هئا. غداري جي ڪيس ۾ “مجرم” (فرد جرم کانپوءِ) قرار ڏنل مشرف کي سنڌ سرڪار جو ايڏو پروٽوڪول ڏيڻ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. 

ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مشرف کي ڪراچي آڻڻ جون خبرون هليون ته مان هڪ سينيئر وزير جي آفيس ۾ هئس ۽ موصوف کان اهو سوال پڇيو ته جيڪڏهن مشرف ڪراچي آيو ته اوهان کي کيس پروٽوڪول ڏيڻو پوندو ۽ ڪراچي آڻي ممڪن آهي ته مشرف کي هتان ڀڄايو وڃي. هن جو چوڻ هو ته “سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي” هن اهو به چيو ته “ اڃا تائين اسان کي وفاقي حڪومت ڪو نه چيو آهي پر چيائين ته به اسان کيس سيڪيورٽي نه ڏينداسين. پر جڏهن گذريل ڇنڇر (19 اپريل) تي شام جو مشرف ڪراچي پهتو ته ڪراچي جي ٽنهي زونز جا ڊي آءِ جي ۽ ڪراچي پوليس جوسربراهه شاهد حيات ڪراچي ايئرپورٽ جي ڀرپاسي موجود هئا. 

مشرف جي آمد کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير تي قاتلاڻو حملو ٿيو هو. اهو حملو به اهڙي وقت ٿيو جڏهن مشرف لاءِ مڪمل پروٽول ايئرپورٽ تي موجود هو. جنرل مشرف هينئر ڪراچي ۾ مڪمل پروٽوڪول هيٺ پنهنجي گهر ۾ سڪون سان ويٺو آهي. ساڻس سندس “آفيسر دوست” مٽ مائٽ، پارٽي جا اهم ماڻهو ۽ وڪيل ملن ٿا. ڊاڪٽرن کي به هو گهر ئي سڏائي ٿو. سندس ڪجهه ذاتي دوست ڊاڪٽر نيوي جي اسپتال “پي اين ايس شفا” ۾ موجو دآهن جن به مشرف جي گهر اچي کيس تپاسيو. ڊاڪٽرن چواڻي کيس ڪرنگهي جي هڏي ۾ تڪليف آهي ان لاءِ اسپتال ۾ تپاسيو ويندو. ممڪن آهي ته هي سٽون ڇپجڻ تائين هي سڀ مرحلا مڪمل ٿي چڪا هجن.

Picture1

مشرف جو اسلام آباد کان ڪراچي اچڻ بابت سڀ کان اهم سوال اهو ئي رهيو آهي ته ڇا مشرف کي ڪراچي مان ئي ٻاهر روانو ڪيو ويندو؟ مون اهو سوال جنرل پرويز مشرف جي گهر ٻاهران سندس وڪيل احمد رضا قصوري کان پڇيو. سندس جواب هن ريت هئو “جنرل مشرف کي ٻاهر وڃڻ لاءِ ڪٿي به وڃڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن ڪير اسڪردو ايئرپورٽ مان به اڏامي ويو ته کيس ڪير روڪي نه سگهندو.”

جنرل مشرف کي ڪراچي مان پرڏيهه ڪڍڻ لاءِ سندس ٻئي وڪيل ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيٽر فروغ نسيم سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪندي چيو آهي ته “ ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ” (اي سي ايل) مان مشرف جو نالو ڪڍيو وڃي. مشرف جي پرڏيهه وڃڻ آڏو صرف اها هڪڙي ئي رڪاوٽ آهي جو سندس نالو اي سي ايل ۾ آهي، ڇو ته غداري ڪيس هلائيندڙ ڪميشن جو چوڻ هئو ته اي سي ايل ۾ نالو سرڪار وڌو آهي عدالت ڪو نه وڌو آهي، ان ڪري اها سرڪار جي مرضي آهي ۽ اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ لاءِ درخواست ڀلا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ئي ڇو؟ 

اها به ڏاڍي معنيٰ خيز آهي، جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ڊڪٽيٽر مشرف کي بيماري جي بهاني پرڏيهه وڃڻ جاياجازت ملي ٿي ته سندس ڪراچي مان روانگي سولائي سان ٿي سگهي ٿي. بيماري لاءِ هاڻي “ڪرنگهي جي هڏي” جو جواز آندو ويو آهي. ممڪن آهي ته ان لاءِ پي اين ايس شفا ڪراچي مان مشرف جا “آفيسر دوست” سرٽيفڪيٽ به ڏئي ڇڏين. انهن ڊاڪٽرن ساڻس سومر ڏينهن منجهند جي ماني تي ملاقات به ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻيو ڪو به ماڻهو موجود نه هئو. ايتري تائين جو جنرل مشرف جي سڀ کان ويجهو دوست ۽ ساٿي جنرل رٽائرڊ راشد کي به ان ملاقات جي اجازت ملي. 

مشرف جي وڪيل احمد رضا قصوري جو اهو به چوڻ هو ته “مشرف مامري تي شهباز شريف جو موقف سمجهه ڀريو آهي. هو چاهي ٿو ته جنرل مشرف کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو وڃي ڇو ته مشرف سبب اسان جي سموري امداد رڪيل آهي” جنرل مشرف جي ڊيل جي مامري تي مسلم ليگ نون ۽ وفاقي ڪابينه اندر اختلاف موجود آهن. خواجه آصف ۽ سعد رفيق سميت ڪيترائي ميمبر مشرف کي سزا ڏيارڻ جي حق ۾ آهن. پر شهباز شريف ۽ چوڌري نثار سميت ڪجهه وزير مشرف جا حامي آهن. مشرف جي مامري تي ٻيو اهم پهلو وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ملاقات آهي. آصف علي زرداري گذريل سال ڳڙهي خدا بخش ۾ خطاب ڪندي چيو هئو ته “ٻلي کي وڃڻ نه ڏنو ويندو” ان جو نواز شريف تي اڃا تائين گهرو اثر آهي ڇو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي مشرف جي مسئلي تي راضي نه هوندي ته پوءِ نواز شريف لاءِ سڀ کان وڏ مسئلو هوندو.

ڪجهه تجزئي نگارن جو اهو به خيال آهي ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ملاقات ۾ مشرف کي محفوظ رستو ڏيڻ جي مسئلي تي ٻنهي نويڪلائي ۾ڳالهايو. هڪ خيال اهو آهي ته مشرف جي ڪراچي آمد زرداري جي رضامندي سان ٿي آهي. ان ۾ رحمان ملڪ ۽ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جو به وڏو هٿ رهيو ڇو ته جنرل مشرف لاءِ ايم ڪيو ايم اڄڪلهه هر محاذ تي ميدان ۾ آهي ۽ ايم ڪيو ايم مشرف کي “بچاءُ جو رستو” ڏيارڻ چاهي ٿي. اهو ساڳيو رستو فوج اندر موجود هڪ وڏو حلقو ۽ سگهارا ادارا چاهين ٿا.

صحافي حامد مير به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي جنهن هميشه ٽي وي پروگرامن ذريعي مشرف کي ٻاهر ڇڏڻ جي مخالفت ڪئي، 

حامد ميربلوچن جي جدوجهد جي پڻ حمايت ڪئي. حامد مير مخالفت ڪئي سگهاري اداري جو نالو وٺي ان جي مخالفت ڪئي. وڏي ميديا تي حامد مير اڪيلو ماڻهو اڪيلو ماڻهو آهي جنهن کي جنرل مشرف جي ويجهو دوست جنرل ڌمڪيون ڏنيون ۽ تڏهن کان وٺي مٿس حملي ٿيڻ تائين اهو سلسلو جاري هو. اهو ئي ڪارڻ هئو جو حامد مير ڳچ عرصو اڳ پنهنجي ڪٽنب کي “دبئي” اماڻي ڇڏيو هئو. ان ڪري حامد مير تي حملي جا سلسلا پڻ جنرل رٽائرڊ مشرف جي آمد سان ملن ٿا. جنهن ڏينهن جنرل مشرف کي ڪراچي اچڻو هئو ان جي ٻئي ڏينهن آچر تي حامد مير کي پنهنجي ٽي وي تي ڪراچي مان “ شو” ڪرڻو هئو ان” شو” ۾ فوڪس جنرل مشرف هئو.

حامد مير جيئن ته باخبر ماڻهو آهي ان ڪري وٽس مشرف کي پرڏيهه وڃڻ بابت هلندڙ ڊيل جي ڪافي ڄاڻ ٿي سگهي ٿي. حامد مير ساڳي ريت آصف علي زرداري سان پڻ ويجها لاڳاپا رکي ٿو. ان ڪري وٽس نواز شريف ۽ زرداري ملاقات جو به احوال هوندو ان ڪري آچر ڏينهن جيئو ٽي وي تي حامد مير جو ٽيلي ڪاسٽ ٿيندڙ پروگرام به اهم هئو.پر ان کان اڳ حامد مير نشانو بڻجي ويو.

Picture2

حامد مير هاڻي پاڻ واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندو، پر ان سان گڏ سگهاري اداري ۽ ميڊيا وچ ۾ هڪ نئين جنگ ڇڙي پئي آهي. ان جنگ جو ڪارڻ به اصل ۾ جنرل مشرف آهي. سو مشرف جي ڪراچي آمد ۽ پرڏيهه روانو ٿيڻ جا قانوني ۽ غير قانوني رخ ٻئي موجود آهن. سڌ ٻڌ جوڳا ذريعا ٻڌائن ٿا ته مشرف ڪراچي مان ئي وڃڻو آهي. سندس لاءِ قانوني ۽ غير قانوني آپشنس موجود آهن، سرڪار پاڻ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ بدران عدالت مٿي ڇڏيندي، جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته علاج بهاني جنرل مشرف قانوني طور تي پرڏيهه هليو ويندو. سرڪار به چوندي ته عدالت جو فيصلو آهي ۽ پيپلز پارٽي به ان صورت ۾ ”ماٺ“ رهندي. شايد اهو ئي بهتر رستو آهي. ان تحت پڻ ڪراچي مان راونگي ٿي سگهي ٿي پر اطلاع آهن ته نواز سرڪار آخري گهڙين تائين مشرف جي مامري تي ٻڏتر جو شڪار آهي. پر کيس اها صلاح ڏني وئي آهي ته فوج سان دوستي لاءِ کيس مشرف کي “ محفوظ رستو” ڏيڻو پوندو.

aajizjamali@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو