Home / ڪرنٽ نيوز / پنوعاقل لڳ هانءُ ڏاريندڙ حادثو، مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ 42 مسافر فوت، 27 زخمي
above article banner

پنوعاقل لڳ هانءُ ڏاريندڙ حادثو، مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ 42 مسافر فوت، 27 زخمي

SANYO DIGITAL CAMERAسانگي قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ ڪوچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، معصوم ٻارڙن، عورتن سميت 42 ماڻهو فوت، 27 زخمي، 10 جي حالت نازڪ، حادثي واري هنڌ ڪوئي عملدار نه پهتو، زخمين جون دانهون، مقامي ماڻهن، ايڌي رضاڪارن ۽ موٽر وي پوليس جي اهلڪارن فوتين ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن اماڻيو. تعلقه اسپتال مان مسيحا غائب، ڪيترين ئي زخمين ڊاڪٽر غير حاضر هجڻ سبب تڙپي تڙپي زندگي جي جنگ هارائي ويا، وزير اعلي نوٽيس ورتو، ڪمشنر، ايس ايس پي، ڊي سي سکر تعلقه اسپتال پهتا، انتظاميه حادثي کان باخبر هوندي بي خبر بڻيل، سوين شهري اسپتال پهچي ويا. فوتين جي وارثن جو روڄ راڙو ماتم جهڙو منظر، رپورٽ موجب. تقريبن رات جو 3 وڳي ڌاري پنجاب جي شهر ڊيراغازي خان کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ نمبر بي ايس جي 286 سانگي ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب اڳيان ويندڙ ٽرالر کي ٽڪر هنيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ جو اڌ حصو ٽٽي دٻجي ويو. جنهن سبب هڪ ئي خاندان جا ڊيراغازي خان واسي 7 ئي ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا جيڪي ڪراچي مائٽن جي شادي جي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا. مسمات طاهره ، محمد عباد، سلمي بي بي، محمد ارشاد، شاهد علي، مسمات شڪيلان، مسمات فوزيه، ثانيه، نفال، مينال، حفيظ الله، طاهر عزيز، خالد، حاجي غلام ياسين، غلام فريد، غلام مختيار، غلام علي، بشير احمد، الله بخش، غلام محمد، ولي محمد، واحد بخش، ۽ معصوم ٻارڙن ۾ علي رضا، مريم، فاطمه، احسن، فياض محمد عزير، اورنگزيب، ۽ حيدرآباد واسي هڪ سال جو رضا حسين پيءُ عبدالهادي به فوت ٿي ويا. حادثي واري هنڌ موٽر وي پوليس ۽ ايڌي رضاڪارن گاڏين سميت پهچي زخمين ۽ فوتين کي پنوعاقل تعلقه اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري پٽييوالن ۽ ڊسپينسرن زخمين کي اسپريٽ جو پوپو هڻي سکر سول اسپتال، روهڙي تعلقه اسپتال، سي ايم ايچ ڏانهن اماڻيو ويو. ڪيترن ئي زخمي مسافر طبي امدادا نه ملڻ ڪري تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ بيڊ جي سهولت نه هجڻ ڪري ڌرتي تي پيل تڙپندا رهيا. واضح رهي ته سرڪاري مشينري 5 ڪلاڪ گذرڻ بعد حادثي واري هنڌ نه پهتي ميڊيا تي حادثي جون خبرون نشر ٿيڻ بعد وزير اعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه حادثي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طلب ڪئي ۽ هدايت ڪندي چيو ته زخمين کي فوري طور طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. غفلت ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن بعد ضلعي انتظاميه تحرڪ ۾ اچي وئي ۽ مقامي انتظاميه گهري ننڊ مان جاڳي اٿيا ۽ ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ ڊي سي سکر تعلقه اسپتال پهچي ويا. جتي زخمين کي فوري طور ٻين اسپتالن ڏانهن ريسڪيو ڪرايو ويو. هوڏانهن عبدالستار ايڌي پاران افسوس جو اظهار ڪندي ايڌي انتظاميه کي فوتين کي بنا معاوضي ماڳن تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي. جنهن بعد ايڌي ايمبوليس ذريعي 27 فوتين جا لاش ڊيراغازي خان، راجن پور ۽ هڪ نوجوان جو فريد جو لاش خيرپور ضلعي جي ڪنب تعلقي ڏانهن روانا ڪيا ويا. جڏهن ته موٽر وي پوليس ۽ مقامي ماڻهن پنهنجين گاڏين ذريعي زخمين مسمات ريحانه، فرحانه، بضرين، تابنده، ڪوثر، بختاور، راڻا راشد، محمد وسيم، محمد ڪامران، ارسلان علي، سهيل احمد، محمد هاشم، شڪور، محبوب، ذوالقرنين، محمد رمضان، دانيال ۽ شهزاد سخت زخمي ٿي پيا جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن کڻائي ويا تعلقه اسپتال ۾ فوتين جا وارث ۽ سوين شهري پهچي ويا. اسپتال ۾ قيامت صغري جا منظر نظر آيا. هر طرف روڄ راڙو ۽ ماتم جو منظر هو. هوڏانهن ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر واقعي جي ابتدائي رپورٽ تيار ڪري وزير اعلي سنڌ کي اماڻي ڇڏي آهي. ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روڊ جي حالت خراب ۽ تيز رفتاري سبب اوور ٽيڪ ڊرائيور جي غفلت سبب حادثو پيش آيو چيو ويو آهي ته مسافر ڪوچ ۾ 69 ماڻهو سوار هئا جنهن مان 42 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ٻي طرف حادثي جو شڪار بڻيل 3 عورتن سميت 10 ڄڻن جا لاش سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري اسپتال ۾ پيل رهيا. حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. واضح رهي ته فوتين ۽ زخمين جو تعلق پنجاب جي ڊيراغازي خان، جهنگ، جهانپور، ڪوٽ بنگه، مظفر گڙهه، جام پور شهرن سان ٻڌايو وڃي ٿو. هوڏانهن سانگي پوليس ٽرالر کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو