Home / ڪرنٽ نيوز / ٿري ۽ فور جي جي نيلامي، ٻولي 90 ڪروڙ 28 لک ڊالرن تائين پهچي وئي
above article banner

ٿري ۽ فور جي جي نيلامي، ٻولي 90 ڪروڙ 28 لک ڊالرن تائين پهچي وئي

793190645_1357441138 (1)

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاران ٿري ۽ فور جي سيڪٽرم جي نيلامي ٿي آهي. ڇهن مرحلن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻولي 90 ڪروڙ 28 لک ڊالر تائين پهچي وئي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاران ٿري ۽ فور جي سيڪٽرن جي نيلامي ٿي رهي آهي. ٿري جي اسپيڪٽرم جي 1 لاٽ جي بنيادي قيمت 29 ڪروڙ 50 لک ڊالر جڏهن ته فور جي اسپيڪٽرم جي هڪ لاٽ جي بنيادي قيمت 21 ڪروڙ ڊالر آهي هر ٻولي وچ ۾ 42 منٽن جووقفو آهي. آن لائين نيلامي لاءِ خاص سافٽ ويئر استعمال ڪيو ويو. نيلامي جو عمل هڪ کان ٻن ڏينهن يا اُن کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو. پي ٽي اي چيئرمين جو چوڻ هو ته ٿري جي ۽ فور جي اسپيڪٽرم کي صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽيڪنالوجي جي ايڪسپرٽ عثمان خان جوچوڻ هو ته هن ٽيڪنالاجي سان انڊسٽري ۽ ننڍي ڪاروبار کي تمام گهڻو فائتو ٿيندو. عثمان خان ٻڌايو ته ٿري جي ٽيڪنالوجي جو دارومدار معاشي صورتحال تي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو