Home / دنيا / ڀارتي اليڪشني دنگل وڏا سياسي بت لڙهي ويندا؟
above article banner

ڀارتي اليڪشني دنگل وڏا سياسي بت لڙهي ويندا؟

Picture41ڪجهه ورهين کان هندستان جا سماجي ڪارڪن پاڪستان کي ان ڳالهه لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ته ڀڳت سنگهه، راج گرو ۽ سک ديو کي خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي، جن آزادي لاءِ جدوجهد ڪندي ڦاسي ميڻ بتيون ٻاري جو ڦندو قبول ڪيو هو. پاڪستان ۾ تبديلي آئي آهي. لاهور ۾ 23 مارچ تي يعني ڀڳت سنگهه کي سندس ٻن ساٿين سميت ڦاسي ڏيڻ واري ڏينهن هڪ زبردست قسم جي تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستاني ميڊيا به ڀڳت سنگهه جي ياد ۾ خصوصي پروگرامن جو اهتمام ڪيو.

مون کي پڪ آهي ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن هندستان ۽ پاڪستان گڏيل طور ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين جي شهادت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪندا.

Picture7

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هندستان جيڪو ڀڳت سنگهه تي پنهنجي دعويٰ ته جتائي ٿو ليڪن ٽنهي شهيدن جي قربانين جو ڪو اعتراف ناهي ڪيو. ميڊيا ان سلسلي ۾ خاموشي اختيار ڪري پاڻ کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. سندس ياد ۾ ميڻ بتيون ٻارڻ ته پري جي ڳالهه آهي، انهن جي ياد ۾ ڪو جلسو به ناهي ٿيو. سچ اهو آهي ته هندستاني سماج مان قدر موڪلائي چڪا آهن ليڪن مون ڪڏهن اهو تصور به نه ڪيو هو ته هندستاني سياسي نظام کي وجود ۾ آڻيندڙ کي به وساريو ويندو.

هڪ ٻي تبديلي جيڪا منهنجي فهم کان ٻاهر آهي، اهي بي جي پي جا اندروني اختلاف آهن، جيڪا پنهنجي اتحاد ۽ سالميت جي حوالي کان ڪافي مشهور آهي. جڏهن جسونت سنگهه جهڙو اهم ليڊر به جنهن بي جي پي حڪومت ۾ ماليات ۽ پرڏيهي معاملن جي وزارتن جي سربراهي ڪئي هجي، ٽڪيٽ کان محروم ڪيو وڃي ۽ اهو به پنهنجي چونڊتڪ ٻاڙ مير مان ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿو نڪري ته پارٽي اندر ڀڃ ڊاهه ضرور آهي. جسونت سنگهه تي ٽي وي ڪيمرائن آڏو خاموشي ڇائنجي وئي. هن نالا وٺڻ کانسوءِ “ٻاهر جي ماڻهن” کي پنهنجي ٽڪيٽ نه ملڻ جو ذميوار ڪوٺيو. ظاهر آهي ته سندس اشارو راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) ڏانهن هو، جيڪا پسمنظر ۾ رهڻ بدران سياست ۾ سڌي ريت حصو وٺي رهي آهي ۽ بي جي کي پنهنجو آله ڪار بڻائي رهي آهي.

آر ايس ايس مبنيه طور اهو محسوس ڪري ٿي ته بي جي پي خاص طور سندس قيادت هندتو نظرئي سان ٺاهه ڪري ورتو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آر ايس ايس سربراهه موهن ڀاڳوت پارٽي اميدوار جي چونڊ لاءِ ٿيل سينٽرل ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ موجود هو.

گجرات جو وزير اعليٰ رهندڙ نريندر مودي آر ايس ايس جي تجويز ڪيل فارمولي لاءِ موزون آهي. هو 2002ع ۾ پنهنجي رياست ۾ ملسمانن جي قتل عام تي معذرت جو لفظ زبان تي آڻڻ کان انڪاري آهي ۽ نهايت فخر سان هندستاني قومپرستي بدران هندو قومپرستي جو نعرو هڻي ٿو. مودي جنهن ترقي جو ڏوراپو ڏئي ٿو اهو حڪومت جو معاملو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پلاننگ ڪميشن وڏن وزيرن کي پنجن سالن جي منصوبي جي منظوري ڏيندڙ نيشنل ڊيولپمينٽ ڪائونسل جي گڏجاڻي ۾ گهرائي ٿي.

مودي جي ڪا لهر ڪانهي. عوام ڪانگريس مان نجات ۽ تبديلي چاهين ٿا جيڪا بدعنواني ۽ بدنظمي ۾ ڦاٿل آهي. کين ڪو متبادل کپي ٿو. بي جي پي بهتر متبادل نه آهي ۽ ان جي حڪومتي دور ۾ به ڪرپشن جو بول بالا هو. ان پروپيگنڊا جو اعتدال پسند ماڻهو به شڪار ٿي وڃن ٿا ته معاملا درست ڪرڻ لاءِ ملڪ کي هڪ قومي اڳواڻ جي ضرورت آهي. اندرا گانڌي به غربت ختم ڪريو جو نعرو هنيو هو، انهي حد تائين جو آئين کي معطل ڪري ايمرجنسي پڻ مڙهي هئي. هندستان هڪ وفاقي سياسي نظام آهي ۽ ان ۾ صدارتي طرز حڪومت جي ڪا به گنجائش نه آهي.

مون کي اهڙن راين اچڻ سان خوشي ٿي آهي ته هلندڙ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ بدعنواني ۽ فرقيواريت جي وچ ۾ مقابلو آهي. ٻئي عنصر برائي جي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏهن ڪو اميدوار بدعنوان ۽ فرقي پرست آهي ته ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو منهنجي خيال ۾ اهو فرق ڪجهه اميدوارن جي دماغ جي تخليق آهي، جيڪي بدعنوان آهن ۽ اڪثريت جو نعرو هڻي پنهنجي گناهن تي پردو وجهڻ چاهين ٿا.

Picture3

ان هوندي به هن سڄي بحث جو تعلق نتيجن سان آهي. ٻن وڏين پارٽين يعني ڪانگريس ۽ بي جي پي داغدار ۽ انتهاپسند اميدوارن کي ميدان تي لاٿو آهي (30 سيڪڙو اميدوارن جو رڪارڊ مجرماڻو آهي) ڪانگريس تي ان سلسلي ۾ وڌيڪ الزام اچي ٿو ڇو ته ان جو نظريو سيڪيولر آهي. بي جي پي جيئن ته معاشري کي پنهنجي انتهاپسند سوچ تحت هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ چاهي ٿي ان ڪري ان جي هندو نواز موقف بابت ڪي به ٻه رايا نه آهن. سونيا گانڌي جو اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته بي جي پي زهر جو ٻج ڇٽي رهي آهي.

ڪانگريس جنهن جو قائد راهول گانڌي آهي، اها دعويٰ ڪري ٿي ته اها نظرياتي اعتبار کان سيڪيولر آهي ليڪن ان دعويٰ سان ڪانگريس جي حڪومتي دور ۾ ملڪ ۾ ٿيل فرقيوار فسادن جا داغ ڌوپي نه سگهندا، جن ۾ اها پنهنجي 10 ورهين جي حڪومتي دور ۾ ملوث رهي آهي. هن وقت تمام گهڻن رازن تان پردو لٿو آهي. مرڪز ۾ غير ڪانگريسي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ سان اڃا وڌيڪ حقيقتن جو انڪشاف ٿي سگهي ٿو.

عام آدمي پارٽي (APP) جي شڪل ۾ هڪ نئين تبديلي رونما ٿي آهي جنهن هڪ ڀيرو آدرشرواد جي جذبي کي هوا ڏئي غير ڪانگريسي ۽ غير بي جي پي متبادل مهيا ڪيو. ليڪن اها پارٽي پنهنجي شهريت ان لاءِ وڃائي رهي آهي جو ان ۾ نظرئي جو فقدارن آهي ۽ اها رڳو پنهنجي ليڊر اروند ڪيجريول کي ئي اڀاري رهي آهي. هن جي هٿ ۾ تمام گهڻا اختيار اچي ويا آهن. جنهن جو اظهار هو ڪندو به رهندو آهي.

هڪ معمولي ووٽر ان ڪشمڪش ۾ ورتل آهي ته هو ڪهڙي پارٽي کي ووٽ ڏئي. مودي کي ووٽ ٿو ڏئي ته ملڪ ۾ آمريت جو هر طرح سان امڪان آهي. حالانڪ ترقي جي بنيادن ۾ هندستان تي مرڪز جوا ختيار وڌيڪ آهي ۽ جمهوري گهٽ ٿيندو.

هن جي شهرت ۾ معمولي واڌ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته ماڻهو گهڻي ڀاڱي ترقي جي ان مان ڏسي رهيا آهن، جيڪا مودي جي ڄار مان ٺاهيل آهي.

جڏهن آءُ راهول گانڌي جي تقرير ٻڌان ٿو ته ان کي سمجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪريان ٿو. پهرين ٻن هفتن ۾ بهتري آئي آهي ليڪن ملڪ جي ذميواري کيس نٿي سونپي سگهجي. 2019ع جي چونڊ تائين سندس شعور پختو ٿي ويندو. هن وقت ته هو هر ماڻهو کي خوش رکڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي ٿو. هن ۾ نظرياتي پختگي جي کوٽ آهي ۽ پرڏيهي پاليسي جي لحا ظ کان اڃا به وڌيڪ.

ملڪ جي اڳيان اصل مسئلو قيادت ۽ حڪمراني جي صلاحيت جي فقدان جو آهي. ڪانگريس ٻنهي حوالن کان ڪمزور آهي. پارٽي پنهنجي اقتدار ۾ 10 سال ضايع ڪري ڇڏيا. اڄ به ڪانگريس اهڙي قيادت کان ڪيئي ميل پري آهي جيڪا 1970ع جي ڏهاڪي ۾ مهيا ڪري رهي هئي. شايد قومي تحريڪ جي تجربي ۾ پچي راس ٿيندڙ ماڻهن جي ڪري ان ۾ اها صلاحيت شروع ۾ موجود هئي.ا ڄ ڪانگريس انهن ماڻهن کانسواءِ ڪجهه به ناهي جيڪي ترڪتالي وسيلي اقتدار حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن.

پارٽي سياست کي اقتدار سان جوڙي معاف نه ڪرڻ جهڙو ڏوهه ڪيو آهي. جڏهن وزير سودي بازي ڪرڻ لڳن ته پوءِ گهٽ پگهارن وارا سرڪاري ملازم ايئن ڇو نه ڪندا؟ بيشڪ بي جي پي ڪانگريس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪري ورتي آهي. جڏهن ڪجهه اعليٰ آفيسر ملازمت مان نيڪالي يا استعفيٰ کانسواءِ پارٽي ۾ شامل ٿين ته پوءِ سنجيدگي سان ان ڳالهه جو مطالعو ٿيڻ گهرجي ته ائين ڀلا ڇو ٿي رهيو آهي؟ ( ©International Media )

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو