Home / ڪرنٽ نيوز / چارسده ۾ پوليس وين تي بم حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي
above article banner

چارسده ۾ پوليس وين تي بم حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي

535612f6cdb1aچارسده ۾ پوليس وين تي بم حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا
نوشهره روڊ تي پوليس ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته آس پاس جي دڪانن کي به نقصان رسيو آهي.مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، زخمين مان ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته زخمي ٿيلن ۾ پوليس اهلڪارن سميت عام شهري به شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس وين کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ ڌماڪيدار مادو موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو ۽ ڌماڪو رموٽ ڪنٽرول ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو.
ڌماڪي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گهيري هيٺ آڻي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو