Home / دنيا / چيني قوم جي ترقي جو راز: نڀاڳ جي ننڊ مان آجائي!
above article banner

چيني قوم جي ترقي جو راز: نڀاڳ جي ننڊ مان آجائي!

Picture2اها ڳالهه آهي 1978ع آڪٽوبر مهيني جي، مون چين جي زمين تي قدم رکيو. مان ۽ منهنجو سوٽ هدايت بلوچ (ماڻهو اسان کي ڀائر سمجهندا آهن) ڪراچي ۾ هڪ فوٽ پاٿ تي وڃي رهيا هئاسين ته هدايت هڪ فال ڪڍڻ واري وٽ پهچي ويو. فال واري کي چيائين ته تنهنجو طوطو ڇا ڪندو آهي؟ فال واري جواب ڏنو ته اوهان جي تقدير ٻڌائيندو وغيره. فال واري طوطي کي موڪليو ۽ هدايت جو لفافو کڻي آيو ۽ کولي چيائين ته تون سٺو ماڻهو آهين، هٿ جو کليل آهين، عاشق مزاج آهين وغيره. وري طوطي کي منهنجي قسمت جو لفافو کڻڻ لاءِ موڪليو. طوطي لفافو کڻي اچي پنهنجي مالڪ کي ڏنو هن لفافو کوليو ۽ گهڻو ٻيو به چيائين ليڪن اهو مون کي ۽ هدايت کي ياد آهي ته “ تون جلدي ٻاهرئين ملڪ لاءِ سفر ڪندين” منهنجون ته اکيون کليل جو کليل ئي رهجي ويون ۽ هدايت ٽهڪ ڏئي پيو ته واهه ڙي طوطا تون سچو آهين. ڇو ته مان ٻن ڏينهن کانپوءِ چين جي سفر تي روانو ٿيڻو هيس. 

اهي هئا طوطي جا ڪمال، ڪافي دوستن عزيزن ايئرپورٽ ڇڏي دعائن سان الوادع ڪيو ڇو ته ڪو پهريون ماڻهو فيملي مان هيو جيڪو ٻاهرئين ملڪ ٻولي سکڻ لاءِ ۽ نوڪري ڪرڻ پيو وڃي. 

ستن ڪلاڪن جو سفر ڪرڻ کانپوءِ نيٺ اچي بيجنگ پهتاسين، جنهن کي اتان جا ماڻهو پيچنگ (Beijing) چوندا آهن. اڃا ٿورو اڳتي وڌيس ته هڪ ماڻهو آواز ڏنو “آگئي” ڏٺم ته منهنجو ئي دوست حبيب الرحمان بيٺو هيو. هڪ ته هن صاحب جو قد ننڍڙو هيو ۽ وري ڪجهه سردي هئڻ ڪري ڪوٽ ۽ ٽوپي پيل هيس، مان بنهه سڃاڻي نه سگهيس ڀاڪرن ۾ ٻکجي ويا سين. 

ان اچي سفارتخاني جي گاڏي وٺي مونکي Peking Language Institute پهچايو ۽ اچي ڪمري ۾ ويهاريو. جيئن ته هو سال کن اڳ انهي انسٽيٽيوٽ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو ۽ اڃا هڪ سال اتي پڙهڻو هئس. سو چيائين ته سڀاڻي ملاقات ڪنداسين هاڻي تون به ٿڪل آهين ۽ مان گهر ويندس، رات ڪافي گذري چڪي آهي ۽ پنڌ به اڳڀرو آهي. صبح جو وري حبيب الرحمان اچي 7 وڳي در کڙڪائي اٿاريو گڏجي وڃي نيرن ڪئيسين ۽ پوءِ ڪاليج پهتاسين. هن صاحب ڪلاس ۾ وٺي وڃي استادن سان ملايو ۽ پوءِ ڪاليج جي هڪ هڪ جڳهه ڏيکاري ته ڪهڙي شيءِ ڪٿان ملندي آهي. لائبريري مٿي آهي اهو به ٻڌايائين ته هت ڪهڙي بلڊنگ ۾ ڪيترائي باٿ روم آهن جتي شام جو 5 کان 8 وڳي تائين گرم پاڻي هلندو آهي ۽ جيڪڏهن توکي تڙ ڪرڻو آهي ته ان وچ ۾ ڪري وٺجانءِ نه ته پوءِ گرم پاڻي بند ٿي ويندو آهي. هو صبح جو سوير ڪلاڪ کن جي بسن جو سفر ڪري اچي صبح جو 7:30 بجي مون کي در کڙڪائي ننڊ مان اٿاريندو هو. حبيب صاحب اهڙو ته ڀلو، مزاحيه ۽ مزيدار ماڻهو هو جو کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهي ڇڏيندو هو. هو اڳ ۾ ڀلو دوست هو انڪري پيڪنگ ۾ مون کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ڪو نه ٿي. سٺي ڪمپني ملي وئي ۽ عيد، برات ۾ گهر گهرائي ڏاڍا طعام به کارائيندو هو. الله جنت ۾ جايون ڏئيس هو هن فاني دنيا کي الواع ڪري ويو. ويٽنام ۾ سفر تي هيو ته دل جي دوري پوڻ ڪري پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو ۽ ان جا ٻار ۽ گهرواري اسلام آباد ۾ رهندا آهن ۽ ساڻن اڃا تائين ملاقات ٿيندي رهندي آهي.

Picture8

اچو ته هاڻي چين جي ماڻهن تي ڪجهه لکجي. چيني سادا، سٺا ۽ ان وقت جي حساب سان غريب هئا. بيشمار آبادي جي ڪري ماڻهن جون ننڍيون فيمليون هونديون هيون. يا ته زال، مڙس يا ڌيءَ، پٽ هوندو هو ۽ پاڻ ۾ ٻن ڪمرن واري فليٽ ۾ رهندا هيا. انهن کي گورنمينٽ طرفان ٻن يا ٽن ڪمرن جو فليٽ مليل هوندو هيو. بجلي ۽ پاڻي فري هوندو هين، باقي گهر جو ڪرايو صرف هڪ يا ڏيڍ يوئان يعني ان وقت 10 يا15 روپيا پاڪستاني حساب سان ڏيندا هئا. ماني به بيحد سستي ملندي هين ليڪن ڏاڍي سادي، ٻه ٽي گول مانٿو Mentho ۽ سبزي يا چانور جيڪي هو هڪ ڪٽوري ۾ وجهي تيار سبزي وجهي چوب اسٽڪز سان کائيندا هئا. شام جو چيني هڪٻئي سان ملندا هئا بلڪل ايئن جيئن اسان سنڌي هڪ ٻئي سان سلام دعا ڪندا آهيون يا سائين ڪهڙا حال آهن، وغيره چيني هڪ ٻئي کان پڇندا هئا ته ماني کاڌي اٿئي، اهو ان ڪري جو ڪميونسٽ دور کان اڳ چينين کان زور زبردستي ڪم ورتو ويندو هيو. ديوار چين به ته غريب چينين کان ان وقت جي بادشاهه يا امير ٺهرائي جت ڪيئي هزارين ماڻهو ڪم ڪندي بکئي پيٽ جي ڪري مري پوندا هئا. جنهن کي اڄ ڪلهه زبردستي ڪم يا اسان وٽ ڪجهه اڳ به خرڪار ماڻهن يا ننڍن ڇوڪرن کي اغوا ڪري ۽ انهن کان زبردستي ڪم وٺندا هئا ۽ رات جو گهٽ ماني ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي ڇڏيندا هئا. هاڻي شايد اهو سلسلو يا ته ختم ٿي چڪو آهي يا تمام گهٽ آهي.

چيني اڪثر رات جو جڏهن گرميون زورن سان هونديون هيون ته چوڪڙيون ٺاهي پتي راند ڏاڍي کيڏندا هئا ۽ ڪافي لڙ ۽ خوشي جو اظهار ڪندا هئا.

چينين جي ٻن قسمن جي ڊريس يا يونيفارم هوندي هئي جيڪا پائيندا هئا. هلڪو سائو سوٽ يعني پينٽ ۽ شرٽ ان تي ڪالرن جي ٻنهي طرفان ستارو لڳل هوندو هئو يا وري بلو پتلون قميص ۽ مٿي تي مائو ڪيپ لازمي هئي. اوهان ڪٿي به وڃو چاهي آفيسن ۾، فيڪٽرين ۾ يا دڪانن تي ان ڊريس کان سواءِ ٻي ڪا به ڊريس اسان پنهنجي ٽن سالن ۾ ڪو نه ڏٺي ۽ کين سردين ۾ هڪ ٿلهو اوور ڪوٽ صبح سوير ٿيندي ته سائيڪلن جي روڊ جي ٻنهي طرفان الڳ الڳ روڊ رهيا جيڪي اڻ کٽ لائين هئي جيڪا پئي سائيڪلن سان هلندي هئي. اها يونيفارم سڀني کي هڪ جهڙي. اڻ کٽ لائين جڏهن ڪنهن هوٽل يا مٿاهين گهر جي بالڪوني کان بيهي ڏسندا هياسين ته بيحد سهڻي لڳندي هئي. اهي ماڻهو عورتون ۽ مرد صبح سوير پنهنجي پنهنجي ڪمن تي نڪري ويندا هئا. ڪجهه ماڻهو آفيسن ۾ ته ڪجهه فيڪٽرين ۾ ته ڪجهه وري ٻين مختلف جڳهن تي ڪم ڪرڻ پهچي ويندا هئا. اهو ڊسپيلين ڏسي اسان کي ته اچرج وٺي ويندي هئي ته هي ماڻهو ڪهڙا نه پنهنجي ڪم سان وفادار آهن. وري ساڳي طرح شام جو 5 کان ست اٺ تائين وري اهو سلسلو گهرن ڏانهن موٽڻ جو هوندو هيو. اسان جڏهن انهن سان پاڻ کي ڀيٽيندا هياسين ته شرم ايندو هيو. آفيسون 8/9 بجي صبح جو کلنديون هيون ته اسان 10/11 بجي آفيس ايندا هياسين ۽ مجال جو ڪا شرمندگي ٿئي. اهو ئي کڻي سمجهو ته اسان 47ع ۽ چين 49 ۾ آزادي ورتي اڄ هو ڪٿي آهن ۽ اسان ڪٿي.

چينن کي موالي قوم چيو ويندو هو ليڪن مائوزيننگ انهن کي اتان کڻي هڪ باوقار قوم بڻائي ڇڏيو آهي اهو ماڻهو جيڪو جيڪڏهن چوندو هيو ته سج اڄ اوڀر کان اولهه ڏانهن اڀرندو ته اهي يقين ڪندا هئا چيني ان وقت مائو سان ايترو ته پيار ڪندا هئا جو يقين ڪري و‎ٺندا هئا ته مائو جيڪي چيو آهي اهو سچ آهي جيئن پٿر تي لڪير. ڪجهه پڙهڻ ۽ گهڻو ماڻهن سان ڳالهائڻ وغيره کان پوءِ خبر پئي ته چين کي آزادي کان پوءِ 1976ع تائين ٺاهڻ ۽ صحيح رستي تي آڻڻ ۽ ترقي جي پٽڙي تي آڻڻ وارو چواين لائي هيو. پيرس جو پڙهيل، بيحد هوشيار ۽ دنيا کي ترقي يافته ڏسي هوهميشه چين جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ سوچيندو رهيو ۽ انهن ئي پاليسين تي عمل ڪرڻ لاءِ گامزن رهيو. جڏهن عمر جي آخري سالن ۾ هن کي ڪمزوري ٿيڻ لڳي ۽ چيڪ اپ ڪرائڻ کانپوءِ خبر پيس ته کيس ڪئنسر جي بيماري آهي ته هو ڏينهن رات ڪم ڪندو هيو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته هو رات جو دير تائين ڪم ڪري رهيو هو هن سان جيڪي آفيس ۾ ماڻهو ڪم ڪري رهيا هئا گڏ ٿي هن کي اچي چيائون ته ڪامريڊ تون بيمار آهين ۽ وري ايترو گهڻو ڪم ٿو ڪرين، اسان سڀني کي تنهن جي صحت جو فڪر آهي ۽ تو کي اسان اهڙي حال ۾ نٿا ڏسي سگهون. هاڻي هل ۽ وڃي ڪجهه آرام ڪر، انهن کي تسلي ڏيندي چيائين، توهان صحيح آهيو مان وڃي سمهان ٿو پر اوهان کي اهو ٻڌائي ڇڏيان مون وٽ وقت تمام ٿورو آهي ان ڪري چاهيان ٿو ته ڪجهه پنهنجي ملڪ لاءِ ڪري وڃان.

اهو ٻڌي سڀني جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ روئڻ شروع ڪري ڏنائون. ماڻهو چو اين لائي سان بيحد محبت ڪندا هئا. مون کي ياد آهي ته منهنجي ساڍن پنجن سالن دوران ڪنهن هڪڙي به چيني جو اين لائي جي گلا يا گهٽ وڌ ڪو نه ڳالهايو البته جنهن سان به منهنجو هن شخص تي ڳالهائڻ ٿيو ان پنهنجي محبت، پيار ۽ تعريفن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڳالهايو.

ليکڪ چين، جاپان ۽ ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڪستان جو سفير رهيو آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو