Home / ڪرنٽ نيوز / ڏڪار سٽيل ٻارڙي ۽ عورت فوت، امداد نه ملڻ جو نوٽيس، عملدار طلب، احتجاج
above article banner

ڏڪار سٽيل ٻارڙي ۽ عورت فوت، امداد نه ملڻ جو نوٽيس، عملدار طلب، احتجاج

مٺي: ڏڪاريل ڏيهه جي ٿري ماروئڙن تان موت جو راڪاس نه ٽريو، معصوم ٻارڙيسميت Thar-Parkar-Sindh-map-300x2342 ڄڻا فوت، ڊاڪٽرن جي کوٽ برقرار، نون 58 ڊاڪٽرن مان ڀرتي ڪيل 51 ڊاڪٽرن جوائن ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن جو امداد نه ملڻ خلاف احتجاج. ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري سول اسپتال ۾ 4 ڏينهن جي معصوم نياڻي فوت ٿي وئي ۽ اسلام ڪوٽ جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ داخل 45 ورهين جي مسمات سرهي مهراڻ پوٽو غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي وئي. جڏهن ته سيڪريٽري صحت سنڌ جي حڪم تي 58 ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪيو ويو. جن 16 ليڊي ڊاڪٽرياڻين ۽ 42 ڊاڪٽرن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا هئا. 58 ڊاڪٽرن مان هيستائين 51 ڊاڪٽرن جوائن ڪري چڪا آهن. پر 15 ڏينهن گذي وڃڻ باوجود جوائن نه ڪيو آهي. ڊي ايڇ او ٿرپارڪر جليل احمد ڀرڳڙي اهڙي رپورٽ سيڪريٽري صحت کي موڪلي ڇڏي آهي. ڏيپلي تعلقي جي مختلف ڳوٺن اٽاڊهو، ٻانڀڻڪو، پاٿاڻو ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن گدامن تان اماڻيل امدادي ڪڻڪ ۽ راشن نه ملڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن رليف جج ميان فياض رباني کي درخواست ڏيڻ بعد مٺي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. متاثر اسحاق سومرو، اڪبر سومرو، جاڳڻ سومرو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سندن ڳوٺن جو امدادي سامان مقامي ڊيلر ستار سومرو،ماسترن هارون سومرو، الهه بچايو سومرو روينيو تپيدارن سان ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪيو آهي. جڏهن ته رليف جج ميان فياض رباني معاملي جو نوٽيس وٺندي مختيارڪار ڏيپلو، يوسي کيتلاري جي روينيو سپروائيزر،تپيدار ۽ ڊيلر ستار سومرو ۽ ٻين کي 16 اپريل تي مٺي جي عدالت ۾ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. رليف جج ان ڏس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ متاثرن سان انصاف ڪرايو وڃي. هن چيو ته ٿر ۾ امدادي ڪارروايون شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ ضلعي انتظاميا سنجيده نظر نه ٿي اچي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو