Home / ويندي ويندي / کير کاريندڙ ٻلو، جانو جرمن پارٽي جو مهمان!
above article banner

کير کاريندڙ ٻلو، جانو جرمن پارٽي جو مهمان!

جنرل مشرف پنهنجي سيڪيورٽي جي باري ۾ جيڏو حساس رهيو آهي تنهن کي ڏسندي جڏهن اها خبر آئي ته ڪراچيءَ ۾ ايئرپورٽ ويجهو حامد مير تي گوليون وسايون ويون آهن ته هن کي ڪراچيءَ جو وزٽ ڪينسل ڪرڻ کپندو هو. هونئن به اتي وڃي ”بظاهر“ رڳو ڊاڪٽر کي ئي ڏيکارڻو هو، جيڪو پوءِ به ٿي سگهيو ٿي. پر جنرل مشرف کي سيڪيورٽي صورتحال به نه روڪي سگهي۽ هو هڪ چارٽرڊ جيٽ ۾ چڙهي ڪراچي جي پراڻي ايئرپورٽ تي لٿو جتان وي وي آئي پي لائونج مان بم پروف گاڏين جي ڪانواءِ سان پنهنجي منزل زمزمي جي جنرلز ڪالوني اچي پهتو. سيڪيورٽيءَ وارن جي لشڪر سان هو ان ئي رستي تان گذريو جنهن تي ڪجهه ڪلاڪ اڳ حامد مير کي ننڌڻڪن وانگر نشانو بنايو ويو هو.

مطلب ته ڪراچيءَ جو دورو ڪينسل ڪرڻ جوڳو ڪونه هو. چوڻ وارن چيو ته ڪراچي جنرل جي منزل ناهي، بلڪه منزل ڏانهن ويندڙ رستو آهي جنهن ۾ مسافر کي ڪجهه ڏينهن ضرور لڳندا. متان وساريو ته پنهنجي فيس بوڪ پرستارن جي پرزور اصرار تي جنرل مشرف آيو به ”براسته“ ڪراچي هو. سندس فرينڊز ساڻس ڌڪ ڪري ويا جنهن بعد هن به اهو چوڻ شروع ڪيو ته ”فيس بوڪ ڪي ياري، جان په ڀاري!“

پر سندس سچا يار ساڻس اڃا تائين گڏ بيٺا آهن. بظاهر ڪنهن به نه بيماريءَ بنا هن ڊگھو عرصو فوجي اسپتال ۾ گذاريو آهي. حڪمت عملي فول پروف هئي. جڏهن وارنٽ نڪتل هجن ته پوليس کان صرف اهوئي بچائي سگهي ٿو جيڪو پوليس کان ڏاڍو هجي ۽ پوليس کان ڏاڍي آهي اها پوليس جنهن کي اسين ٻوڙي پوليس سڏيندا آهيون. ان ڳالهه کي پنجابيءَ ۾ وري ايئن چوندا آهن ته ”مولي نون مولا نان ماري تي مولا نـــيـون مردا!“

بيماري ماڻهوءَ جي جان وٺندي آهي، پر جنرل مشرف ۽ سندس ڊاڪٽرن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته بيماري ماڻهوءَ جي جان بچائيندي به آهي.

ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کان به جيڪو وڌيڪ اهم ڪم هو سو جنرل مشرف پهرئين ڏينهن ڪيو. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ته سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍيو وڃي. هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ڪراچيءَ جو وزٽ ”مرتا ڪيا نه ڪرتا“ جي مثال ڪينسل ڪرڻ جوڳو ڇو ڪونه هو!

 Picture

لڳي ٿو ته جنرل مشرف سمجهي ويو آهي ته اسلام آباد ۾ هو ساڳئي نڀاڳ جي دائري ۾ گول گول ڦرندو رهندو. اسلامي جمهوريه مان ٻاهر نڪرڻ جو جيڪڏهن ڪو رستو کيس مليو ته اهو ڪراچيءَ مان ملي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ شايد انصاف به ڪنهن ٻي سوچ ۾ هجي. مشرف جي سچي ياريءَ واري هڪ ٻي ڌر به ڪراچيءَ ۾ آهي جنهن جي مرضيءَ کان سواءِ اتي پن به چرندو آهي. (اها ڌر هڪ ڀيرو وري سنڌ سرڪار مان وصولي ڪرڻ لاءِ شيروانيون استري ڪرائي رهي آهي.) ان ڌر جو هڪ سينيٽر ۽ برک بيريسٽر جنرل جو وڪيل آهي. هاڻي ويٺا حساب ٻڌو ته اسلام آباد ۾ ڪيترو پاور ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيترو پوٽينشل آهي.

پر پاڻ کي اهو ڇو پيو لڳي ته اسلام آباد وارا هن ”کير کاريندڙ ٻلي“ کي ٻوريءَ ۾ وجهي 1200 ڪلوميٽر پري ڪراچيءَ جي جهنگ ۾ ڇڏي پاڻ کسڪي ويا آهن. هاڻي ٻلو جانو جرمنن جي حوالي آهي. ڪٿي ايئن ته ڪونهي ته ٻلي کي سمنڊ پار اماڻڻ لاءِ سڀني ڌرين طئي ڪري ورتو آهي ته انهن جو ڪردار ڇا هوندو؟

لڳي ٿو ته”تنهنجو نصيب ٺهي وڃي، منهنجو به قرض لهي وڃي!“ وانگرسنڌ جي جانو جرمن پارٽي ميان نواز شريف جو پراڻو ٿورو لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اوهان کي ريمنڊ ڊيوس جي اوچتي آزادي ۽ ملڪ مان روانگي ياد آهي؟ ان ۾ ڪيترين ڌرين هڪٻئي سان ”ڪوآپريشن“ ڪيو هو ان کي ياد ڪريو.

زرداري، جان ڪيريءَ کي چيو ته ريمنڊ ڊيوس کي ڇڏيون ٿا، اوهين رڳو پاشا کي راضي ڪريو. پاشا چيو ته اسان کي اعتراض ڪونهي پر انهيءَ مصيبت کي آزاد ڪرڻ جي ذميداري ۽ خواري ڪير کڻندو؟ سياڻي زرداريءَ ڪيريءَ کي ميان برادران ڏانهن موڪلي ونگار وهڻ لاءِ چيو ۽ باقي سڀ ڪم پاشا جي حڪم سان پاڻهي ٿيندا ويا.

ياد رهي ته ريمنڊ جي روانگيءَ کان هفتو اڳ ميان نواز شريف کي بيمار ٿيڻو پيو جنهن ڪري هو وڃي لنڊن مان نڪتو. بڙي ميان جي بيماريءَ جو ٻڌي پنجاب جي چيف منسٽر ڇوٽي ميان کي به ظاهر آهي ته سندس طبيعت پڇڻ لاءِ لنڊن وڃڻو پئجي ويو.ايئن ميان برادران تڏهن واپس آيا جڏهن ريمنڊ واري فلم ڪيترين سينيمائن تان لهي چڪي هئي.

لڳي ٿو ته جانو جرمن سرڪار کي پنهنجي لفظن جي به ڪا پرواهه ڪانهي جنهن چيو هو ته ”بلا جاني نه پائي!“ هنن مان نه ته ڪو بيمار ٿيندو ۽ نه ئي ڪو ٻيو ان کي پڇڻ جي بهاني ڪنڊ وٺندو. هنن اڳي به هن کي گارڊ آف آنر ڏياري روانو ڪيو هو. هنن جي سرڪار ٻلي کي پاڻ کير پيش ڪندي ۽ عدالت جي باقاعدي اجازت سان کيس ايئرپورٽ جي وي وي آئي پي لائونج تي به پڄائي ايندي. ۽ جڏهن ٻلو روانو ٿيو ته پويان رڳو ”ميائون“ رهجي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو