Home / رانديون / ڪاري آنڌي جي شاهينن کي شڪست، ٽيم ٽي-20 ورلڊ ڪپ مان ٻاهر
above article banner

ڪاري آنڌي جي شاهينن کي شڪست، ٽيم ٽي-20 ورلڊ ڪپ مان ٻاهر

CRICKET-WORLD-ICCT20-PAK-WISٽي-20 ورلڊ ڪپ جي آخري مرحلي واري مئچ ۾ پاڪستاني شاهين ڪاري آنڌي جي ور چڙهي ويا، سڄي ٽيم صرف 82 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن بعد پاڪستاني ٽيم ٽي-20 ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، ڍاڪا جي ميدان تي ويسٽ انڊيز جي ڏنل 167 رنسن جي ٽارگيٽ پويان لڳندي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم 18 هين اوور ۾ صرف 82 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ويسٽ انڊيز جي ٽيم مئچ 84 رنسن تان کٽي ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي، برائو ۽ ڊيرن سيمي پاڪستان جي بالرن کي آخري 5 اوورن ۾ 82 رنسن جو ڪٽڪو ڏئي ورلڊ رڪارڊ ٺاهيو، اجمل 4 اوورن ۾ 41، عمر گل 2 اوورن ۾ 29 رنسون ڏنيون، پاڪستاني ٽيم طرفان احمد شهزاد 0، ڪامران اڪمل 0، عمر اڪمل 1، شعيب ملڪ 2 ۽ محمد حفيظ سڀ کان وڌيڪ 19 رنسون ٺاهيون، پاڪستاني ٽيم پهريون ڀيرو ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري نه سگهي، ويسٽ انڊيز طرفان سنيل نارائڻ ۽ بدري 3-3، سينٽوڪي ۽ رسل 2-2 شڪار ڪيا،خميس تي ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا وچ ۾ سيمي فائنل ٿيندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو