Home / اسپيشل افيئر / ڪجهه جيئرن جي دڙي بابت!
above article banner

ڪجهه جيئرن جي دڙي بابت!

مظهر

اسان لاءِ اڇي رنگ وارا سڀ ويسٽرنر (مغربي) ماڻهو انگريز آهن. مثال طور جرمنيءَ جو انگريز، فرانس جو انگريز، اٽليءَ جو انگريز، ڪينيڊا ۽ آمريڪا جو انگريز وغيره. انگلينڊ جو انگريز ته خير هونئن ئي انگريز آهي. ايئن به آهي ته لفظ ”گورا“ استعمال ڪرڻ وقت مشڪل سان ڪنهن کي ان ڳالهه جو احساس ٿيندو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ ايجاد ٿيل اهو لفظ دراصل هڪ Racist لفظ آهي. پاڻ جيئن ته انگريزن سان اٿندا ويهندا آهيون، بلڪه انگريز پاڻ کي اٿ ويهه ڪرائيندا آهن، تنهنڪري پاڻ اهڙو نسل پرستيءَ وارو لفظ حرام جو چپن تي آڻيون. باقي اها ٻي ڳالهه آهي ته حرام شيءَ چپن تي اچي مزو ڏاڍو ڏيندي آهي.

بهرحال، ويجهڙ ۾ ڪنهن دوست معرفت هڪ ”فرانس جو انگريز“ مون کي مٿي ۾ لڳو آهي جيڪو مبينه طور موهن جي دڙي تي ڪتاب لکي رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ چوندا آهن، ”مطلب ته واندو آهي!“

شروع شروع واري اي ميل لک پڙهه دوران هن مون کان پڪ ڪئي ته ڇا هن صحيح سمجهيو آهي ته ”دڙو“ معني مئلن جو (“that of dead”) ۽ ”موهن جو“ معني ”دڙو“(“mound”)؟ جنهن تي وضاحت فرمايم ته ابتو پيو وڃين. همراهه سمجهي ويو ۽ انگريزن واريون گهربل سموريون ”سوريون“ ڪيائين ڄڻ وڏو ڪو ڏوهه ڪري ويٺو هجي. ڄڻ دڙي ۾ پيلن کي هن ئي ماري پوريو هجي.

Picture6

”سوري“ اهو لفظ آهي جيڪو سڀني مغربي ملڪن جا انگريز ڏينهن ۾ ايترا ڀيرا استعمال ڪندا آهن جيترا ڀيرا هو ساهه کڻندا آهن. اهو لفظ کين تسلي ڏيندو آهي ته هو polite (شائسته) آهن ۽ خدانخواسته ڪا بدتهذيبي واري ريڊ لائين ڪراس نه پيا ڪن ۽ جڏهن ڪنهن غيرانگريز سان لهه وچڙ ۾ اچن ته هنن جي سوريءَ مان صفا رسو نڪري ويندو آهي. هڪڙي ٻي ڳالهه جيڪا هڪڙي سنگتي ٽائيپ انگريز گهڻي وقت کان پوءِ راز وانگر سلي سا اها هئي ته ”توهان وٽ politeness ۽ friendliness ذري گهٽ ساڳي ڳالهه آهن. اسان فقط polite هوندا آهيون پر توهان سمجهندا آهيو ته همراهه هاڻي يار ٿي ويو آهي ۽ بس پوءِ حجتون شروع ڪري ڏيندا آهن.“ منهنجو خيال آهي ته هو منهنجو بهترين دوست آهي، ڇو جو اڃا تائين هن جي شائستگيءَ جو پيمانو لبريز نه ٿيو آهي.

سو ڪجهه ڏينهن اڳ فرانس جي انگريز اي ميل ڪري پڇيو ته دڙي تي ته پنهنجو اتفاق راءِ ٿي ويو آهي، پر اهو ٻڌاءِ ته اهو دڙو ”مُوئين جو“ آهي، ”مُئن جو“ آهي يا ڪنهن ”موهن جو“ آهي. چيو مانس ان تي اسان وٽ به اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو آهي ۽ هاڻي ٿيڻ جو ڪو چانس به ڪونهي جو ”نبو“ جهان ڇڏي ويو آهي ۽ اطلاعن مطابق ”علو“ وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ تان هٿ کڻي ويو آهي. (”نبو“ ۽ ”علو“ حسن درس جا نبي بخش خان بلوچ ۽ غلام علي الانا تي رکيل ”پيار“ جا نالا آهن.)

جواب ۾ فرانس جي انگريز ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ان تي پاڻ ريسرچ ڪندو ۽ ڪوشش ڪندو ته پنهنجي ڪتاب وسيلي سنڌين جي اها مشڪل آسان ڪري کين ڪنهن اتفاق راءِ تي پهچڻ ۾ مدد ڏئي. مون اهو ڪم ٿيڻ کان اڳي،يعني اڳواٽ سندس شڪريو ادا ڪيوجنهن تي هن جو چوڻ هو ته ان سان سندس تمام گهڻي حوصلي افزائي ٿي آهي. اڳتي هلي مون ان تي جام پڇتايو ته ايتري حوصلي افزائيءَ جي الائي ضرورت هئي به يانه؟ڪهڙي خبر، انگريز ماڻهو آهي، ڪٿي واقعي ڪجهه ڪري نه ڏيکاري.

اصل ۾ آئون ڊڄي رهيو هئس ته جيڪڏهن هن پنهنجي ريسرچ وسيلي اهو معاملو نبيري ڇڏيو ته اهو هڪ قومي نقصان هوندو جو علوءَ ۽ نبوءَ جي سموري ريسرچ مشڪوڪ ٿي ويندي. ۽ جي علوءَ ۽ نبوءَ جي ريسرچ مشڪوڪ ٿي وئي ته پوءِ اسان وٽ پراڻي پستول جهڙيون جيڪي تمام ٿوريون نادر شيون آهن، جن تي اسين فخر ڪندا آهيون تن مان هڪ شيءَ گهٽجي ويندي. پوءِ اسين فخر ڇا تي ڪنداسين؟ سوال ته اهو به اهم آهي ته هينئر جڏهن سنڌ واڳن جي وات ۾ آهي، جڏهن سنڌ چئومکي لڙائي لڙي رهي آهي، اهڙي وقت جي اهو پستول به نه رهيو ته اسين ٺلهي ٺش ٺش به ڇا سان ڪنداسين؟ سڀ کان وڏو نقصان اهو ته جي ان سوال جو فائنل نبيرو ٿي ويو ته دڙو ”مُوئين جو“ آهي، ”مُئن جو“ آهي يا ڪنهن ”موهن جو“ ، ته پوءِ اسين اڳتي لاءِ ريسرچ ڇا ٿي ڪنداسين؟هڪ دوست ڪارڪن طور مون کي خيال آيو ته خدانه ڪري خدا نه ڪري، جيڪڏهن ايئن ٿيڻ وارو آهي ته بهتر ٿيندو ته سنڌ جا علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارا ۽ تنظيمون ان فرانس جي انگريز جي پروجيڪٽ جو نوٽيس وٺن ۽ گهٽ ۾ گهٽ مذمتي پريس رليز ته اڳواٽ تيار ڪري رکن ته اهو پروجيڪٽ سنڌين جي گڏيل قومي ورثي کي نقصان پهچائڻ جي ارادي سان ٿيندڙ هڪ تحقيقي تخريب ڪاري آهي.

جي اهو پريس رليز پليجي جي ڪنهن شاگرد کان لکرايو ويو ته توهين ڏسجئو ويٺا ته هو ان ۾ اهو اضافو به ڪندو ته ”…………. قومي ورثي کي نقصان پهچائڻ جي ارادي سان ٿيندڙ هڪ تحقيقي تخريب ڪاريءَ جو پيش خيمو آهي.“

ڪافي ڏينهن گذري ويا. فرانس جي انگريز جڏهن ڪوبه رابطو نه ڪيو ته ڪجهه ڪجهه تسلي ٿيڻ لڳي ته ايڏي ڏکي ڳجهارت ڀڃڻ ڪنهن فرانس جي انگريز جي وس جي ڳالهه ڪانهي. مون جيڪا کيس اسان جي ڪيل پيار جي پورهئي واري عالمي معيار جي املهه ريسرچ جي لسٽ ڏني هئي تنهن به ته پنهنجو اثر ڏيکاريو هوندو. پنهنجو سنڌ اندر ٿيل ريسرچ تي پورو ڀروسو آهي. ريسرچ جوڪم رڳو ڪنفيوزن ختم ڪرڻ ئي ڪونه هوندو آهي. ڪنفيوزن پيداڪرڻ ڇا ڪو گهٽ ريسرچ وارو ڪم آهي؟

ڪافي ڏينهن شانتي رهي. جنهن کان پوءِ آنند آيو ۽ ويزا ختم ٿيڻ تي واپس ويو. هڪ ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ فرانس جي انگريز اي ميل لکي پڇيو ته جيڪڏهنdead”“(that) of کي سنڌيءَ ۾ ”مئن جو“ چيو وڃي ٿو ته پوءِ “(that) of living”) کي سنڌيءَ ۾ ڇا چيو وڃي ٿو؟ مطلب ته هاڻي همراهه کي ”جيئرن“ لاءِ مروج سنڌي لفظ کتو ٿي. مون وضاحت فرمائي ۽ لفظ کي رومن ۾ ٽائيپ ڪري سمجهاڻين سان annotate ڪري کيس روانو ڪيو.

اي ميل جو جواب ڏيڻ کان پوءِ اچي وسوسن کنيو ته آخر فرانس جو انگريز سنڌ اندر ”جيئرن“ جي باري ۾ ڇو پڇي رهيو آهي؟ ڪٿي هن جو ”مُئن“ مان انٽريسٽ ختم ته ڪونه ٿي ويو آهي؟ ڪٿي هن ”مُئن“ جي باري ۾ ڪتاب لکڻ جو ارادو ترڪ ته نه ڪري ڇڏيو آهي؟ اڃا وڌيڪ ڳڻتيءَ وارو سوال اهو هو ته ڪٿي هن ”مُئن“ جي باري ۾ ڪتاب مڪمل ڪري هاڻي ”جيئرن“ جي باري ۾ ڪتاب لکڻ ته شروع نه ڪري ڇڏيو آهي؟ سنڌي اڄڪلهه نه مئن گڏ آهن نه جيئرن گڏ، آئون کيس سنڌ جي جيئرن جي باري ۾ ”مستند“ معلومات ڪٿي ڏيئي سگهندس؟ هڪ ٻيو سوال جيڪو اٿي کڙو ٿيو، سو اهو هو ته فرانس جي انگريز سنڌ ۾ ڪٿي ڪو ”جيئرن جو دڙو“ ته دريافت نه ڪري ورتو آهي؟ ڀائي انگريز ماڻهوءَ جي ڪهڙي خبر؟ ڪرڻ تي اچي ته خدا کي خبر ڇا ڪري. ۽ ان ۾ ڪا گهڻي محنت به ڪانه ڪرڻي پئي هوندس جو پيپلز پارٽيءَ جي ”سونهري دور“ ۾ سنڌ جيئرن جو دڙو ئي ته آهي!

صاف ظاهر آهي ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي جن جي روضن جي يوپي ايس ۽ دعائن جي سي اين جي تي سنڌ قائم ۽ دائم آهي، تنهنڪري مون کي ڪا حيرت ڪانه ٿي جڏهن فرانس جي انگريز چيو ته اصل ۾ هو ”مُئن جي دڙي“ ۾ ئي انٽريسٽيڊ آهي ۽ هاڻي ته سندس ڪتاب تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهو ٻڌائي منهنجي ڳڻتي ختم ڪئي ته هو ”جيئرن“ جي باري ۾ ان ڪري پڇي رهيو هو ته جيئن پنهنجي ڪتاب جي ”مقدمي“، ”پيش لفظ“، ”مهاڳ“ ۽ ”ديباچي“ ۾ سنڌ جي جيئرن ماڻهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري سگهي.

ڪالهه جڏهن فرانس جي انگريز مون کي تمام گهڻن شڪرين وارو اي ميل لکيو ته هڪ لمحي مون کي سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي ”مخزن“ ”مهراڻ“ جو اهو ايڊيٽوريل ياد آيو جنهن جو عنوان هو ”شڪريو، عبدالله شاهه صاحب شڪريو!“ ياد رهي ته اهو ايڊيٽوريل سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن جي کري بيهي رهيل پگهارن کي ڌڪو ڏيئي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ ثقافت کاتي کان گرانٽ ملڻ تي مهرباني مڃيندي لکيو ويو هو. ۽ جي ٿي سگهي ته اهو به ياد رهي ته عبدالله شاهه صاحب کان اهو ايڊيٽوريل بلڪل وسري ويو. حميد آخوند صاحب جي يادداشت به تڏهن واپس آئي جڏهن سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻي ٽماهيءَ جي پگهارن لاءِ گرانٽ جاري ڪرڻ جي عرض سان ساڳيو خط وري کيس موصول ٿيو.

شڪرئي جي ان ايڊيٽوريل نما اي ميل ۾ هڪ ٻيو ڪم ڏسيل هو جنهن تي مون دل ئي دل ۾ فرانس جي انگريز کي گهٽ وڌ ڳالهايو. آخر اسلام آباد ۾ انگريزن لاءِ ڪم ڪندڙ اهڙو بيوقوف ڪير آهي جيڪو ڊالر ۽ پائونڊ نه وٺندو هجي؟ ۽ هڪڙو هي انگريز آهي جيڪو مون کان مفت جي ڪنسلٽنسي وٺي رهيو آهي! پر آئون سنڌ جي عشق ۾ ايموشنل …. صفا سينٽي….. اهو مفت وارو ڪم ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان.ڏني هار ڏنا، صابوءَ هار پاتا.. پر هي بُنڊ ڳرو آهي! هي ڪم ٿورو ڏکيو آهي.

فرانس جي انگريز مون کي چيو آهي ته هو پنهنجي ڪتاب جي ٽائٽل تي ڪتاب جي انگريزي نالي سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جو ڪو اهڙو لفظ وڏي فونٽ ٽائيپ ۾ ڇپرائڻ چاهي ٿوجيڪو Life (زندگي)، Purity (پاڪيزگي)، ۽ Serenity(سڪون) جي ترجماني ڪندو هجي. اهوخيال به آيو ته هن کي Serenity وارو لفظ ڪٿي ان ڪري ته نٿو کپي جو جڏهن کان هو آيو آهي، سيرينا (Serena)۾ ئي ترسيل آهي.

موراڪو جي ماڻهن ڪاغذ ايجاد ڪيو، فونيشيا وارن الفابيٽ ايجاد ڪئي ۽ حيدرآباد جي اخبارن سنڌي ٻولي ايجاد ڪئي. آئون تذبذب ۾ آهيان ته جيئرن جي دڙي ۾ ايجاد ڪيل هن ٻوليءَ ۾ ڇا ڪو اهڙو لفظ بچيو آهي جيڪو هڪ ئي وقت زندگيءَ، ان جي پاڪيزگيءَ ۽ ان اندر سڪون جي ترجماني ڪندو هجي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو