Home / ڪور افيئر / آزاد ميڊيا تي ڳجهن جا لامارا!
above article banner

آزاد ميڊيا تي ڳجهن جا لامارا!

aijzملڪ ۾ مناظرن، چئليجن، ڄنگهون ڇڪڻ ، ميڊيا بمقابله ميڊيا جي موسم دوران ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ امن امان جي نالي تي ٿيل غير معمولي اجلاس بابت اجلاس ۾ شريڪ هڪ اهم همراهه ٻڌائي ٿو ته اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي مرضي سان ڪرسين جي ترتيب تبديل ڪرائي. هن پنهنجي ساڄي پاسي فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف، کاٻي پاسي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جون ڪرسيون رکرايون. ان کان اڳ آصف علي زرداري جي ڪرسي نه رکي وئي هئي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جڏهن آصف زرداري گونر هائوس پهتو ته وزيراعظم نواز شريف سميت ٻيا سڀ ماڻهو سندس استقبال لاءِ دروازي تائين آيا هئا پر جنرل راحيل شريف پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيو. ليڪن جڏهن آصف علي زرداري اندر داخل ٿيو ته هو جنرل راحيل شريف سان ڀاڪر پائي مليو ۽ انگريزي ۾ ساڻس “سُس پُس” به ڪيائين. ڪراچي آپريشن جي ايجنڊا تي ٿيل هن اجلاس ۾ ملٽري ۽ سولين ڌريون شريڪ هيون. جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار بابت اجلاس ۾ پنهنجي پارٽي يعني ،مسلم ليگ نون ۽ پنهنجي اتحادي فنڪشنل ليگ کي پارٽي جي صورت ۾ ڪو نه سڏايو ويو هئو پر پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي هن اجلاس ۾ نمائندگي لاءِ سڏايو ويو هو. وزيراعظم سان گڏ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف، آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر جنرل ظهير الاسلام، ڪور ڪمانڊر، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اهم ادارن جا نمائندا پڻ شريڪ هئا. بظاهر ته هڪ اجلاس هئو پر اجلاس دوران آصف علي زرداري جون نواز شريف ۽ جنرل راحيل شريف سان الڳ الڳ ملاقاتون به ٿيون. اجلاس کي ويجهڙائپ کان ڏسندڙن جو خيال آهي ته هن اجلاس ۾ مقصد رڳو ڪراچي آپريشن ڪو نه هئو پر هڪ چٽو سياسي پيغام پڻ هئو اهو سياسي پيغام حڪومت ڊاهڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ عمران خان، طاهر القادري، شيخ رشيد، جماعت اسلامي ۽ انهن سڀني ڌرين لاءِ هئو جيڪي وچ مدي واريون چونڊون يا نئين اليڪشن ڪرائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا يا اهي قوتون جيڪي ملڪ ۾ هڪ نئين آءِ جي آءِ ٺاهڻ چاهن ٿيون. بينظير ڀٽو جي سرڪار ڊاهڻ لاءِ 1989ع ۾ جيڪا اسلامي جمهوري اتحاد (آءِ جي آءِ) ٺهي هئي. ان جي سپريم ڪورٽ ۾ آيل رڪارڊ ۾ ثابت ٿي ويو ته چونڊيل سرڪار ڊاهڻ لاءِ آءِ ايس آءِ اسلامي جمهوري اتحاد ٺهرايو هيو. مهراڻ بينڪ اسڪينڊل ۽ يونس حبيب جو سپريم ڪورٽ ۾ بيان، مهراڻ بنيڪ مان ڏنل رقمون سڀ هاڻي ڳجهيون نه آهن. پر هن ڪيس ۾ سگهارو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري به هيڻو بڻجي ويو. ڇو ته هن ڪيس جو مک ڪردار هاڻوڪو وزيراعظم ميان نواز شريف هئو.

may-15-2014 (24)

نواز شريف جي موجوده حڪومت خلاف نئين آءِ جي آءِ اسلامي بدران “انقلابي” ٺهي رهي آهي. ذريعن چواڻي ته طاهر القادري، عمران خان، شيخ رشيد، رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف ڪجهه مذهبي ڌريون. ڪجهه پابندي مڙهيل تنظيمون ملڪ ۾ “انقلاب جمهوري اتحاد” ٺاهڻ لاءِ تيار بيٺون آهن. پر نواز شريف ڪراچي واري اجلاس ذريعي اهو پيغام ڏنو ته ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي اهڙي اتحاد جو ساٿ نه ڏينديون. ملڪي سطح تي فضل الرحمان پڻ سرڪار سان گڏ بيٺل آهي ۽ جماعت اسلامي پڻ الڳ نقطئه نظر رکڻ شروع ڪيو آهي. هي “ميڊيا وار” کانپوءِ جيڪا نئين صورتحال پيدا ٿي آهي ان ۾ به نواز شريف سرڪار ۽ مٿيون ٽئي ڌريون جيو ٽي وي جي خلاف نه ويون آهن. ڇو ته جيو ٽي وي جي مخالفت جو مطلب آهي ان ڪئمپ ۾ وڃڻ جتان نواز سرڪار ڊاهڻ لاءِ ڳالهيون ٿين ٿيون. ذريعن چواڻي نواز سرڪار جيو ٽي وي ۽ فوج وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جيو ۽ جنگ گروپ جي مالڪ مير شڪيل الرحمان سان دبئي ۾ هڪ ملاقات پڻ ڪئي وئي. هن ملاقات ۾ اطلاعات جي وفاقي وزير پرويز رشيد سان گڏ نواز شريف جي پٽ حسين نواز به شرڪت ڪئي.

ٻڌ سڌ جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ فوج طرفان جيو ٽي وي لاءِ جيڪو پيغام اماڻيو ويو هئو ان ۾ جيو ٽي وي لاءِ ٽي شرط رکيا ويا هئا. ذريعن چواڻي اهي ٽئي شرط مير شڪيل الرحمان قبول ڪو نه ڪيا هئا. پهريون اهو ته جيو ٽي وي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي خبر هلائڻ تي آءِ ايس آءِ کان معافي وٺي. ٻيو اهو ته جيو ٽي وي رضاڪاراڻي طور تي هڪ هفتي لاءِ پنهنجي نشريات بند ڪري. ٽيون اهو ته جيو ۽ جنگ گروپ مان پنج ڇهه ناليوارن اينڪرز ۽ صحافين کي نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي، جن ۾ حامد مير، انصار عباسي، عمر چيما، افتخار احمد، شاهين صهبائي ، نجم سيٺي ۽ ڪجهه ٻيا نالا ورتا ويا.

ذريعن چواڻي جيو انتظاميه ٽيئي شرط مڃڻ بدران چيو ته هو پيمرا ۾ ڪيس وڙهي رهي آهي، پيمرا ڀلي جيو ٽي وي بند ڪري ته بند ڪري. پيمرا وفاقي سرڪاري ادارو آهي. (ياد رهي ته تازو پئمرا هڪ اجلا س کانپوءِ جيو جو لائسنس معطل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي) پيمرا طرفان جيو کي بند ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته نواز سرڪار ۽ جيو ٽي وي جي وچ ۾ ٻيهر 1995ع واري تاريخ ورجائي وڃي. عالمي سطح تي پڻ سرڪار لاءِ حالتون خراب ٿي وينديون جيڪڏهن ملڪ ۾ ميڊيا تي بندش لڳي ته. ان ڪري نواز سرڪار هن مامري کي ختم ڪرائڻ لاءِ جيو ٽي وي ۽ فوج وچ ۾ جهڙوڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڇو ته هي نئين ڇڪتاڻ شروع ٿي تڏهن کان ئي جڏهن 19 هين اپريل تي ناليواري صحافي حامد مير تي ڪراچي ۾ حملو ٿيو ۽ ان حملي کانپوءِ حامد مير جي ڀاءُ عامر مير اهو انڪشاف ڪيو ته حامد مير اڳي ئي بيان رڪارڊ ڪرايو ته جيڪڏهن کيس ماريو ويو ته ان جي ذميواري آءِ ايس آءِ هوندي بعد ۾ حامد مير اهو ساڳيو بيان عدالتي ڪميشن آڏو پڻ ڏنو. هن جنگ ۾ ميڊيا جا ڪيترائي چينل جيو جي خلاف بيٺل آهن. ڏسڻو اهو آهي ته سرڪار ان جنگ کي ٿڌو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي يا نه. ڇو ته فوج ۽ جيو جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو ٿڌو ٿيڻ لازمي آهي ان جو اثر عمران خان ۽ طاهر القادري تي پوڻو آهي. اهي به ٿڌا ٿي ويندا. پر ڪجهه ڌريون هن جنگ کي تيز ڪرڻ چاهين ٿيون جيئن چونڊيل سرڪار تي راتاهو هڻي سگهجي. انقلابي جمهوري اتحاد ۽ گذريل اسلامي جمهوري اتحاد ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته آءِ جي آءِ جي اڳواڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ نواز شريف ڪئي هئي پر اڄ پيپلز پارٽي نواز شريف سان گڏ بيٺل آهي نه رڳو پيپلز پارٽي بلڪه ان جون اتحادي ڌريون ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي به جمهوري سرڪار جي جاري رهڻ واري نقطي تي نواز شريف سان گڏ بيٺل آهن. عمران خان ۽ جماعت اسلامي وٽ هڪ صوبي جي سرڪاري آهي ۽ عمران خان خود پارليامينٽ۾ به موجود آهي ان ڪري جيڪڏهن “پس پرده” قوتون هٿ ڪڍي وڃن ٿيون ته عمران خان به هلڪو هٿ رکڻ شروع ڪندو. باقي اڪيلي طاهر القادري جي وس جي ڳالهه ڪانهي ته هو سرڪار ڊاهي سگهي. مونکي نواز شريف جي هڪ ويجهي ساٿي ٻڌايو ته “جيڪڏهن اسان جيو ۽ فوج ۾ ٺاهه ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته سڄو مسئلو ختم ٿي ويندو” سندس ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي ڇو ته گذريل هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ احتجاج جي نالي تي جيڪا ٻڙڌڪ متل آهي اهو اصل ۾ شروع ئي تڏهن ٿيو جڏهن حامد مير تي حملو ٿيو يا جڏهن ان حملي ۾ آءِ ايس آءِ جو نالو ورتو ويو.

هاڻي اچون ٿا ڪراچي آپريشن تي جنهن جي ايجنڊا تي ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو. ذريعن چواڻي ته قانون لاڳو ڪندڙ ذميوارن ۽ پوليس پنهنجي بريفنگ ۾ هڪ دفعو وري سياسي ڏوهارين جو سوال اٿاريو ۽ چيو: پوليس ۾ سياسي مداخلت جاري آهي. اجلاس ۾ عزير بلوچ ۽ بابا لاڏلا سميت چاليهه پنجاهه اهم ڏوهارين جي سرن تي رقم رکڻ جي ڳالهه ٿي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجو پراڻو مطالبو ورجايو ته مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهي وڃي.

ذريعن چواڻي ڊي جي رينجرز اجلاس کي ٻڌايو ته هتي ويٺل سياسي پارٽي اڳواڻ اسان کي اجازت ڏين ته سندن آفيسن ۽ مرڪزن ۾ ويٺل ڏوهارين ۽ لڪايل هٿيارن کي ٻاهر ڪڍون پر اسان جي آڏو وڏيون رڪاوٽون آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي آپريشن ۾ آيل خوچ مان اڌ وفاق کي ڀرڻ وارو واعدو ياد ڏياريو ويو ۽ چيو ته ان ڏس ۾ وفاق سنڌ کي اڃا تائين ٽڪو به ڪو نه ڏنو آهي. هاڻي پتو پيو آهي ته ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار سنڌ کي 10 ارب ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي جڏهن ته سنڌ 27 ارب روپين جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙي ريت ڪراچي ۾ آپريشن بابت اجلاس جو هڪ سياسي پس منظر به هئو جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آياسين ۽ هڪ انتظامي پهلو به آهي ڇو ته ڪراچي ۾ آپريشن باوجود امن ڪونهي ڏوهه يا درجن کن ماڻهو روز قتل ٿيڻ ٿا. نئين سنڌ بجيٽ ۾ ڪراچي آپريشن لاءِ رقم رکڻ جو مطالبي جو مطلب آهي ته اهو آپريشن سڄو سال جاري رهندو. اربين روپين جي خرچ باوجود نتيجو ڇا نڪرندو. ڪير نه ٿو ڄاڻي.

aajizjamalijamali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو