Home / سياسي افيئر / آمريتي ۽ جمهوريت حڪمران
above article banner

آمريتي ۽ جمهوريت حڪمران

ايم بي عرساڻي

پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن کان ئي فوج جا سربراهه ۽ سياستدان هڪ ٻئي جي ويجهو اچي هڪ ٻئي سان دغا ڪندا رهيا آهن، جڏهن فوج کي اهو ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ته سياستدان ئي سندس حمايت ڪندا آهن، پر جڏهن سياستدانن کي اهو ڪم ڪرڻو هوندو آهي ته عوامي ڀلائي جا نعرا هڻي دفاع اداري سان واڳيل آمريتي ذهنن رکندڙ جا سندن لاهه پٽيندا آهن، پر مزي جي ڳالهه اِها آهي ته ٻئي ڌريون جيڪي ڪجهه ڪنديون آهن ان کي عوام جي ڀلائيءَ جو نالو ڏينديون آهن ۽ پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ جمهوريت جو چيمپين سڏرائيندڙ به فوج جا ساٿاري رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي ڪچن ڪيبينيٽ جو حصو ۽ محترمه فاطمه جناح جي مخالفت ۾ مهم هلائيندڙ ن ۾ شامل هو، جڏهن ان سان اختلاف ٿيس ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي جمهوري بڻجي ويو، اليڪشن نه کٽي سگهيو ته موجوده پاڪستان جو سولين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻيو، جڏهن ته مجيب الرحمان بنگال ۾ ائين نه ڪيو جيتوڻيڪ اُتي به آئين اڃا نه ٺهيو هو، بعد ۾ ڀٽو صاحب جمهوريت جو چيمپين بڻجي ويو پهريائين صدر ۽ پوءِ وزير اعظم بڻيو. آمريت کان بچڻ ۽ حڪومت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ 1973ع جو آئين ٺاهيائين ، پر ان سان نه فوج ڪمزور ٿي ۽ نه عوام طاقتور بڻيو پر طاقتور بڻي ته صرف حڪومت جنهن ڪري سون جي تعداد ۾ وڏيرن جا پٽ ڊي ايس پي ۽ ايس ڊي ايم بڻيا جن حڪومتي نظام جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، نه صرف سول سروس ۾ پر فوج ۾ به جونيئر ماڻهوءَ کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو ويو، جنهن آئين جي هوندي مارشل لا لڳائي ڇڏي ۽ ڀٽو صاحب ڦاهيءَ چڙهي ويو ان دوران نواز شريف پنجاب جو وزيرِ خزانه رهيو 1985ع ۾ ضياءَ الحق طرفان غير پارٽي بنيادن تي ٿيل چونڊن بعد کيس پنجاب جو وزير اعليٰ بڻايو ويو ۽ ٻين سان گڏ ان جي حمايت سان قومي اسيمبليءَ کان آئين ۾ سب آرٽيڪل (2-B) 58 وجهرائي صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار ڏياريا، جنهن لاءِ اهو چيو ويو ته ان آرٽيڪل پوڻ سان هڪ ته حڪومت تي چيڪ ۽ بئلنس رهندو ۽ ٻيو ته فوج جي سڌي مداخلت جا امڪان گهٽبا، جيڪو سچ ثابت ٿيو ڇو ته ان آرٽيڪل جي موجودگيءَ دؤران ڪا به مارشل لا نه لڳي.

may 31-2015       30

بهر حال جڏهن وقت جو صدر ان وقت جي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي سان ڪاوڙيو ۽ ٻين سان ٺاهه ٿيس ته اها اسيمبلي ٽوڙي پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرايائين، جن جي نتيجي ۾ محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه وزير اعظم بڻي ۽ جيڪڏهن ضياءَ الحق جيئرو هجي ها ته ان کان حلف کڻي ها، پر اتفاق سان هو مهينو ڏيڊ اڳ جهاز حادثي ۾ مري ويو تنهن ڪري کيس ان جي سياسي ۽ روحاني جاءِ نشين غلام اسحاق خان حلف کڻايو، جيڪو ان وقت سينيٽ جو چيئرمن هجڻ ڪري وقتي صدر هو ۽ پوءِ ٺاهه تحت محترمه جي مهربانيءِ سان صدر چونڊيو .

نواز شريف وري غلام اسحاق خان جي مهرباني سان ٻيهر وزير اعليٰ بڻيو. اُن ئي صدر 1990ع ۾ بينظير جي حڪومت برطرف ڪري نواز شريف کي آندو.

وري 1993ع ۾ ڪاڪڙ فارمولي تحت نواز شريف ۽ غلام اسحاق خان ٻئي هليا ويا ۽ ٻيهر بينظير صاحبه آئي ۽ وري به پنهنجي طاقت کي استعمال ڪندي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان وٺڻ بغير وڏيرن ۽ جيالن کي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي ۽ اي ٽي او بڻائي ڇڏيائين. اِن حڪومت کي وري پ پ پ جي پُراڻي جيالي ۽ سندس حمايت سان چونديل صدر فاروق احمد لغاريءَ برطرف ڪيو ۽ نواز شريف آيو، جيڪو آيو ته 58 ٽو بي ڪري پر وزير اعظم ٿيڻ بعد ان جو مخالف ٿي ويو ۽ اسيمبليءَ مان اُن کي ختم ڪرائي ڇڏيائين. طاقت جي نشي جي ڪري اُن به ڀٽي صاحب وانگر سينيئر جنرلن کي باءِ پاس ڪري جنرل پرويز مشرف کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو، جنهن ئي سندس ترا ڪڍيا ۽ نواز شريف مجبور ٿي اُن سان ٺاهه ڪري سعودي عرب هليو ويو.

ان تي سياستدانن سوچيو ته اهي فوج تي ڀاڙڻ بجاءِ پاڻ ۾ حصو پتي ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ ميثاق جمهوريت جنم ورتو، پر اقتدار جي آس ۽ بي اعتباري ڪٿي ٿي رهڻ ڏئي؟! ان ڪري ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪندڙ سڀ کان وڏي جمهوري پارٽيءَ اين آراو جاري ڪرايو. اها ڳالهه ڌيان طلب آهي ته جڏهن پرويز مشرف اقتدار ۾ هئو ته ٻنهن وڏين پارٽين ان سان لاڳاپا رکي پنهنجي پنهنجي لاءِ ٽي اين آر اوز جاري ڪرايا، هڪ اين آر او نواز شريف جاري ڪرائي سعودي عرب هليو ويو، ٻئي اين آر او تحت آصف علي زرداري جيل مان آزاد ٿي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ۽ ٽيون اين آر او بينظير صاحبه جاري ڪرائي الزامن هيٺ آيل هزارين سياستدانن کي عام معافي ڏياري، پر جڏهن سندن ڪم جو نه رهيو ته ٻئي پارٽيون ان کي جون مخالف بڻجي ويون. بلڪل ايئن جيئن ايوب خان کي پنهنجو وڏو سڏيندڙ ۽ يحيٰ خان سان دؤرانِ جنگ شڪار ڪندڙ ذوالفقار ڀٽي ڪيو.

بهر حال نواز شريف پرويز مشرف دشمني ۾ ان ماڻهوءَ سان به ٺاهه ڪيو جنهن تي ڪئي ڪيس دالا ڪرايا هيائين پرويز مشرف جي وڃڻ ۽ زرداري صاحب جي صدر ٿيڻ بعد نواز شريف زرداري حڪومت کان ڌار ٿي ويو، جنهن ڪري زرداري صاحب قائد اعظم ليگ کي قاتل ليگ سڏڻ بند ڪيو ۽ ڪجهه عرصي بعد ان کي حڪومت ۾ شامل ڪيو، ان ڪري نواز ليگ وارن پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، پ پ پ جوابي ڪاروائي ڪندي سندس پنجاب حڪومت ختم ڪري گورنر راڄ لڳائي ڇڏيو، پر ڪورٽن سندس حڪومت بحال ڪري ڇڏي. انهن جي ڇڪتاڻ ايتري ته وڌي وئي جو شهباز شريف صدر زرداري صاحب کي گلي کان وٺي گهلڻ جون ڳالهيون ڪندي جوش ۾ اچي مائيڪون پٽي ڇڏيندو هو، پر جيئن ته زرداري صاحب کي اُن ڊرامي جي حقيقت جي خبر هئي، اُن ڪري بي خوف وخطر پارٽي مشن جاري رکيو. نتيجي طور روزانه 8 ارب روپين جي ڪرپشن ٿيڻ لڳي، بجلي نه صرف ٻيڻ تي مهانگي ٿي پر لوڊشيدنگ به 2 ڪلاڪن مان وڌي 10 ڪلاڪن تي پهتي، 60 روپيه ليٽر وارو پئٽرول 110 روپين جو ٿي ويو ۽ 60 روپين وارو ڊالر 108 روپين ۾ وڪامڻ لڳو، ايزي لوڊ تي ٽيڪس 10سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، 18 روپيا ڪلو وارو اٽو 30 روپين جو، 30 روپيه ڪلو واري کنڊ 60 روپين ۾ وڪامڻ لڳي يوريا ڀاڻ لڪائي ٻيڻو ڪري کپايو ويو، 05 سالن ۾ ايترو قرض کنيو ويو جيترو 62 سالن ۾ کنيو ويو هو ڊيپوٽيشن، غلط اپائنمينٽ ۽ آئوٽ آف ٽرن پورموشن عام ٿي ويا.

ان دؤران نواز ليگ ۽ پپلز پارٽيءَ ۾ ڪافي اختلاف ٿي ويا پر خبر ناهي الائي ڪهڙا ظالم وچ ۾ پيا جن “اُدھر تم، اِدھر هم “ کان به وڏو ٺاهه ڪرايو۔ ان ٺاهه ۾ نه صرف هر ڌر جي حڪومت جو مدو ۽ صوبن جي حڪمرانيءَ جو به فيصلو ڪيو ويو، پر اهو به طئي ڪيو ويو ته هر ڪنهن کي ڦُر لُٽ جي ڇوٽ هوندي. جنهن جو ذڪر تحريڪِ انصاف جو چيئرمن عمران خان ڪندو پيو اچي، اهو ٺاهه اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي جوڙجڪ کان پوءِ وڌيڪ بي نقاب ٿيو، پر غوث علي شاهه، ممتاز علي ڀٽو، لياقت علي جتوئي،غلام مرتضيٰ جتوئي، اسماعيل راهو، امداد چولياڻي ۽ شيرازين کي پتو ئي نه پيو. ان ٺاهه ۾ “کھودا پہاڑ اور نکلا چوہا” وارا فيصلا ڪندڙ ۽ سگار جا وڏا وڏا سوٽا هڻندڙ به مُلوث هئا، جنهن ڪري اليڪشن صرف خانا پوري بڻجي وئي ۽ مرڪز ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ حڪومت ٺاهي جڏهن ته سنڌ پ پ پ حوالي ڪئي وئي.

ان ٺاهه مطابق هر ڪنهن کي اجازت آهي ته جيڪو وڻيس سو ڪري، ڪا به مخالف ڌر ڪونهي، هر ڪنهن کي صرف نام نهاد جمهوريت بچائڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آصف علي زرداري ڪراچيءَ ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ امُن امان بابت ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن دؤران لڳي رهيو هو ته هو ڪنهن پارٽيءَ جو سربراهه نه پر وزيرِ داخلا هجي ان ڪري اهو به عين ممڪن آهي ته جمهوريت خاطر ٻئي پارٽيون ضم ڪري پاڪستان پيپلز مسلم ليگ ٺاهي ڇڏين. ٿي سگهي ٿو ته پ پ پ وارا ان همراه واري حڪمت عملي اختيار ڪندا هجن جنهن جو پيءُ ڪفن لاهڻ جي حواليءَ سان بدنام هئو ۽ هن سوچيو ته هو اهڙا ڪم ڪري جنهن سان پيءُ جي گلا گهٽ ٿئي ، ڇو ته پ پ پ وارن کان چڱو ڪم پُڄي ڪونه ٿو اُن ڪري چون ٿا ته نواز شريف کي ڍر ڏين ته جيئن هو اهڙا ڪم ڪري جو سندن گذريل حڪومت گهٽ خراب لڳي. اهو ئي سبب آهي جو عمران خان پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته نواز شريف جا ڪم ڏسي زرداريءَ جي تعريف ڪرڻ تي دل چئي رهي آهي.

احتجاج ڪرڻو آهي ته عوام پاڻ ڪري، هي پارٽيون ٺاهه اڳيان مجبور آهن. جنهن ڪري مرڪزي حڪومت اچڻ سان ئي موبائيل فون تي ايزي لوڊ ڪرائڻ تي لڳل ٽيڪس تي 5 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو، 20 روپيا في ڪلو وارا پٽاٽا 60 روپين ۾ وڪامڻ لڳا. سنڌ ۾ ته صفا بليڪ آئوٽ لڳي پئي آ ڄڻ ته انڊپينڊنٽ پاورپلانٽ وارن کي 5 کرب روپيا بجلي پيدا نه پر بند ڪرڻ لاءِ ڏنا هين. اُن جي باوجود به بجلي مهانگي ٿيڻ جي ڪري بل اڳ کان به وڌيڪ ٿو اچي ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي وتي ٿو سنڌين کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو، ڪو به اهو چوڻ لاءِ تيار نه آهي ته ماڻهن کي بل پيارڻ جهڙو ڇڏيو ڪٿي اٿو؟! سنڌ حڪومت اهو به چوڻ لاءِ تيار نه آهي ته جيئن ته گهڻي بقايه مڪاني ادارن تي آهي جيڪي 1999 کان اڳ آڪٽراءِ ۽ ضلع ٽيڪس مان آمدني حاصل ڪندا هئا، جن ۾ هر سال پندرهن سيڪڙو اضافو ٿيندو هو، پر اُن جي عيوض ملندڙ او زي ٽي شيئر ۾ ڪو به اضافو نه ٿو ڪيو وڃي، سو يا ته ان ۾ هر سال اضافو ڪريو يا اُهي ٽيڪس وصول ڪرڻ جا اختيار واپس ڪريو ته جيئن مڪاني ادارا هر سال وڌندڙ پگهار ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ بجليءَ جي اگهن کي منهن ڏئي سگهن.

افسوس جي ڳالهه اها آهي جو حڪمران صوبن ۽ مڪاني ادارن جا حق ڦٻائڻ باوجود وتن ٿا پنندا ۽ روپئي جي قيمت کي سهارو ڏيڻ ۽ ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ سعوديءَ کان ڏيڍ ارب ڊالر ورتا اٿن، جنهن جي عيوض طالبان پيا آزاد ٿين، پر يوسف رضا گيلاني ۽ سلمان تاثير جا پٽ نه نواز شريف کي ياد آهن ۽ نه زرداريءَ کي. هڪڙي حڪيم سعيد جي مرڻ تي اسيمبلي برطرف ڪندڙ نواز شريف روزانو ڏهه ماڻهو مرڻ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ حيدرآباد تائين پهچڻ تي گونگو ٻوڙو لڳو پيو آهي، سرڪاري ملازمن تي ته باهه اٿن، جنهن ڪري پگهارن وڌائڻ جي ڳالهه تي منهن ٺڪر ٿي ٿو وڃين.

اڳين حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم کي مخالف ڏر ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪندڙن کي عشرت العباد جهڙو گورنر نه ٿو ملي، اتي ميثاقِ جمهوريت جو اهو نقطو به وسري وين ته ڪا به پارٽي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل نه ڪندي،.

شڪر ٿيو جو عمران خان ان ڳٺ جوڙ ۾ شامل نه آهي، جنهن ڪري خيبر پختون خواهه ۾ قائم ڪيل سندن حڪومت نسبتن بهتر ڪم ڪري رهي آهي. پوسٽ گريجوئيٽ ماڻهن لاءِ ماهوار وظيفو مقرر ڪري ڇڏيو انگ ۽ پگهارون به 15% وڌايون هين. ڪرپشن به الاهي گهٽ آهي، ايتري قدر جو جن وزيرن تي ڪرپشن جا الزام لڳا انهن کي هٽايو ويو آهي. پوءِ به بلاول زرداريءَ ۾ ٿوري گهڻي اميد هئي ۽ سندس تقرير دؤران ائين لڳندو هو ته ڄاڻ لائوڊ ڦاٽو، پر وڏن جي ٺاهه ان کي به اهڙو ته مجبور ڪيو جو ٿر ۾ نواز شريف پٺيان ائين گهمي رهيو هجي ڄڻ بلاول نه پر حمزه شريف هجي!. بس سنڌ ۾ اگر خوش آهن ته ايم پي اي، جيڪي حلف کڻڻ کان هڪ دم پوءِ ڊفينس، ڪلفٽن ۽ گزريءَ ۾ غريباڻا گهر وٺي ڇڏيندا آهن ۽ سندن لاءِ ٺاهيل هاسٽل ۾ سندن ڊرائيور ۽ نوڪر چاڪر رهندا آهن، هو نه صرف ايم پي اي، پر اڻ سڌي طرح تعلقه ناظم به بڻيل آهن، پر ايم پي ايز به اُهي جيڪي گورنمينٽ ڌر جا آهن، باقي ن ليگ ۽ فنڪشنل وارا ته وتن ٿا نواز شريف کي پٽيندا.

سندس افعالن مان لڳي ٿو ته سنڌ جي ليگي اڳواڻن سان ٿيندڙ ملاقات به نتيجا خيز ثابت ڪونه ٿيندي، وڌ ۾ وڌ ملين ته ترقياتي فنڊ ملندن، باقي معاملن ۾ کين زرداريءَ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، مسلم ليگ مان جان ڇڏائڻ جو ارادو رکندڙ وري نواز شريف ۽ زرداريءَ جي گيم جا فٽ بال بڻجي ويا آهن.

بلوچستان وارا به چون ٿا ته سندن ٺهيل ٺڪيل حڪومت ٻين حوالي ڪئي وئي اُن ڪري اهڙي اڳواڻ مان ڪهڙو فائدو، خيبر پختون خواهه جو به ساڳيو حال آهي، شايد ان ڪري جو هو ان غلط فهمي ۾ مبتلا آهي ته پنجاب ۾ ٽنهي صوبن کان وڌيڪ ووٽ آهن، ان ڪري ان تي ڌيان ڏئي ته جيئن اتي حاصل ٿيندڙ اڪثريت جي زور تي حڪومت ٺاهندو رهيو، کيس اهو به پتو نه ٿو پوي ته پنجاب جو ووٽ به تحريڪ انصاف، ق ليگ ۽ پ پ پ ۾ ورهائجي چڪو آهي.

اُن ڪري ماڻهن جمهوريت جي پُراڻي وصف رد ڪري نئين وصف ڏئي ڇڏي آهي ته ”موقعي پرستي، وعدي خلافي، بي انصافي ۽ اقربا پروريءَ جو نالو جمهوريت آهي“ پر مراعت يافته ماڻهو اُن جي خلاف آهن، اُهي وري چون ٿا ته جمهوريت کي هلڻ ڏنو وڃي، اُها آهستي آهستي بهتر ٿيندي ويندي، پر اُن کي تڏهن دُرست مڃجي ها.

جڏهن گذريل حڪومت کان هاڻي ڪا بهتري نظر اچي ها، پر اصل سوال ته اهو آهي ته موجوده حڪومت جمهوري آهي يا جمهوري ئي نه آهي، ڇو ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر ابراهيم لنڪن مطابق

“ It is the Government which is by the people, of the people & for the people”

مطلب ته جمهوري حڪومت اها آهي جيڪا ماڻهن جي ووٽ سان قائم ٿئي، ماڻهن جي هجي ۽ ماڻهن لاءِ هجي، جڏهن ته پاڪستان جي ڪا به حڪومت Of the people ۽ for the people نه رهي آهي، موجوده حڪومت ته وري By the people به نه آهي ڇو ته اها بدترين ڌانڌليءَ وسيلي وجود ۾ آئي آهي.

جنهن ڪري زرداريءَ جي دؤر ۾ ماڻهو حڪومت مان بيزار هئا، پر هاڻي ته جمهوريت کان بيزار آهن، جمهوريت به آهي ڪٿي هنن نگران حڪومت جي ٺاهڻ جا قانون ئي اهڙا بڻائي ڇڏيا آهن جو پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کانسواءِ ڪو به اقتدار ۾ اچي ئي نه ٿو سگهي. تمام ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن جيڪي چون ٿا ته چونڊيل حڪومت جي ظلمن تي ڳالهائڻ جمهوريت ۽ ملڪ خلاف سازش آهي، جڏهن ته حضرت امام حسين عليه السلام جن فرمايو آهي ته ” ظلم تي خاموش رهڻ ظلم ڪرڻ جي برابر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو