Home / ڪور افيئر / الطاف حسين جي گرفتاري –آزادي الطاف حسين ٻيهر گرفتار ٿيندو، مني لانڊرنگ ڪيس ثابت ٿي ويو!
above article banner

الطاف حسين جي گرفتاري –آزادي الطاف حسين ٻيهر گرفتار ٿيندو، مني لانڊرنگ ڪيس ثابت ٿي ويو!

aijzايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي لنڊن ۾ گرفتاري ۽ آزادي کانپوءِ ڀل ظاهري طور ايئن لڳي ته ٺاپر ٿي وئي پر اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس جي ڪنٽرول هيٺ لنڊن جي ميٽروپوليٽن پوليس الطاف حسين کي پاڪستان جي وفاقي سرڪار جي درخواست تي سوا مهينو ضمانت تي ڇڏيو آهي. ان سوا مهيني يعني 19 جولاءِ تائين ميٽرو پوليٽن پوليس باقي رهيل جاچ مڪمل ڪندي، ان کانپوءِ الطاف کي ٻيهر گرفتار ڪندي ۽ جيڪڏهن پوليس ضروري سمجهيو ته ڪيڏي به مهل الطاف حسين کي ٿاڻي تي سڏائي سگهي ٿي. 19،جولاءِ تائين الطاف حسين انگلينڊ کان ٻاهر نه ٿو وڃي سگهي.

الطاف حسين لنڊن ۾ رهندڙ ڪروڙ پتي شخص آهي جيڪو لنڊن جو شهري آهي. سندس نالي تي جائز ملڪيت به آهي. برطانوي سرڪار کي سندس ان ملڪيت تي اعتراض ناهي ڇو ته برطانوي قانون مطابق الطاف حسين کي لنڊن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ پئسو ڪمائڻ جو پورو حق آهي پر مٿس غير قانوني طور لکين پائونڊ رکڻ جو ڪيس هلي رهيو آهي. ان ڪيس ۾ ئي کيس تازو لنڊن جي ميٽرو پوليٽين پوليس گهر اندران گرفتار ڪيو.40 کان وڌيڪ ڪمانڊو ٽائيپ پوليس اهلڪارن سندس گهر تي صبح ساجهر ڇاپو هڻي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. گهر ۾ پيل سڄو رڪارڊ ۽ سامان هٿ ڪيو. الطاف حسين کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اسپتال پهچايو ويو ڇو ته وٽس اڳي ئي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو ليٽر موجود هيو. پر لنڊن پوليس اسپتال اندر به الطاف حسين کي پنهنجي تحويل ۾ رکيو. سڀ ٽيسٽون ڪرائي دل جي بيماري کان ڪليئر ڪرائي ٿاڻي تي پهچايو ويو. ٿاڻي تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين الطاف حسين کان زبرست قسم جي پڇاڳاڇا ڪئي ۽ سندس گهر مان هٿ ڪيل رڪارڊ ۽ ثبوتن جي تصديق ڪئي. ذريعن چواڻي الطاف حسين لنڊن ۾ سندس قانوني ملڪيتن ۽ غير قانوني مني لانڊرنگ جو به اعتراف ڪيو آهي.

may 31-2015 2

الطاف حسين جو چوڻ آهي ته وٽس سڄي دنيا مان پارٽي جا ماڻهو واپاري چندو موڪليندا آهن اها سڄي رقم اتان ايندي آهي پر قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته برطانوي قانون موجب چندو ان اداري کي ملي سگهندو آهي جيڪو برطانيه ۾ رجسٽر هجي ۽ جنهن جي رقم صرف بئنڪ اڪائونٽ ۾ ايندي هجي. الطاف حسين وٽ آيل رقم جو ڪو به بئنڪ اڪائونٽ ڪونهي ۽ نه ڪو آڊٽ حساب ڪتاب آهي.

اصل ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد تي لنڊن ۾ سندس ساٿي عمران فاروق کي قتل ڪرائڻ جو ڪيس به هلندڙ آهي. مني لانڊرنگ ڪيس پڻ عمران فاروق قتل ڪيس جو تسلسل آهي. 2010 کان وٺي اسڪاٽ لينڊ يارڊ عمران فاروق ڪيس جي تحقيقات ڪري رهي هئي. ان ۾ سڀ کان اهم بريڪ ٿرو گذريل سال ان وقت ٿيو جڏهن الطاف حسين جي ڀائيٽي افتخار حسين کي لنڊن پوليس ايئرپورٽ تي گرفتار ڪري ورتو. افتخار حسين بظاهر الطاف حسين جو بزنس پارٽنر آهي پر حقيقت ۾ الطاف حسين جو ڀائيٽو ئي سندس سڄي دنيا ۾ ڪاروبار هلائيندو آهي ۽ افتخار حسين گرفتار ٿيڻ کانپوءِ اها تصديق ڪئي ته هو بس الطاف حسين جو مئنيجر آهي. هي رقم ۽ ڪاروبار سڀ الطاف حسين جو آهي. افتخار حسين جي نشاندهي تي پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪئي ته هو اهم ثبوتن تائين پهتي. ان دوران هڪ بنگلي مان “ هڪ ملين پائونڊ“ رقم ملي. ان بنگلي ۾ رهندڙ ماڻهو کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو پڻ ايم ڪيو ايم جي لنڊن سيڪريٽريٽ کي سڄو خرچ فراهم ڪندو آهي. ذريعن چواڻي جاچ دوران معلوم ٿيو ته اهو بنگلو الطاف حسين جي نالي تي رجسٽرڊ آهي ۽ اتان گرفتار شخص جو خيال آهي ته بنگلي جي مختلف حصن ۾ لڪايل رقم سندس جي ناهي، اها رقم الطاف حسين جي آهي.

ذريعن موجب ان رقم جي تفتيش الڳ هلندڙ آهي ۽ الطاف حسين جي بنگلي ۾ رهندڙ شخص پڻ پوليس وٽان ضمانت تي آزاد آهي. الطاف حسين نه صرف ساڍا پنج لک پائونڊ روڪ رقم جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو بلڪه اها رقم سندس ان گهر مان ملي جنهن ۾ هو پاڻ رهندو آهي. اها سندس ذاتي رهائش گاهه آهي. الطاف حسين هاڻي ميٽرو پوليٽن پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته اها رقم سندس جي آهي پر کيس پاڪستان مان اها رقم چندي جي صورت ۾ موڪلي ويندي آهي. ذريعن چواڻي الطاف حسين وٽ اها رقم بليڪ مارڪيٽنگ وسيلي پهتي ۽ اها رقم سنڌ جي گورنر ذريعي لنڊن تائين پهتي.

هاڻي ڪراچي جي واپارين کي چيو ويو آهي ته اهي چندي جون پرچيون ٺهرائي ڏين ۽ پراڻين تاريخن ۾ اسٽيٽ بينڪ يا ٻين بئنڪن مان “بئنڪ اسٽيٽمينٽ” جا ري ڪرائي ڏين. هن موقعي تي اهو اهم سوال آهي ته ڇا اسٽيٽ بينڪ 2010ع کان اڳ ان رقم بابت لکي ڏيندي ته اها رقم واقعي لنڊن چندي جي صورت ۾ موڪلي وئي هئي، ان صورت ۾ هي ڪيس پيچيده لڳي رهيو آهي. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ڇا اسڪاٽ لينڊ يارڊ انهن پراڻين رسيدن کي هاڻ تسليم ڪندي يا نه؟

الطاف حسين جي گرفتاري کان ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن پوليس ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪن جون تصويرون جاري ڪيون هيون. ڪاشف ۽ محسن جو اي پي ايم ايس او سان تعلق آهي، جيڪي اسٽوڊنٽ ويزا تي لنڊن ويا هئا. پوليس هنن ٻنهي کي عمران فاروق قتل ڪيس جو ملزم قرار ڏنو آهي ۽ پاڪستان سرڪار کان ٻنهي ملزمن جي ٻانهن گهري آهي. ذريعن چواڻي ته الطاف حسين جي گرفتار کان ٻه ڏهاڙا اڳ اسلام آباد ۾ برطانوي سفير پاڪستان جي گهرو مامرن واري وفاقي وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪري کيس اعتماد ۾ ورتو. چوڌري نثار کي الطاف حسين جي گرفتاري جو به ٻڌايو ويو ۽ ٻن ملزمن جي ٻانهن به گهري وئي.

الطاف حسين جي گرفتاري کانپوءِ نواز شريف سرڪار هڪ وڏي محاذ کولڻ بدران في الحال دفاعي پوزيشن اختيار ڪئي ڇو ته ڪراچي جو ٽي ڏينهن بند رهڻ سان عالمي سطح تي سندس بدنامي ٿي ۽ ڪراچي ۾ رينجرز جي موجودگي ۾ آپريشن به سواليه نشان بڻجي ويو آهي. ان ڪري نواز شريف سرڪار شايد في الحال ڪجهه مهلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جي لنڊن ۾ پاڪستان جي قائم مقام سفير في الحال ان قسم جي ضمانت ڏني جيئن اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ڳوٺ جو وڏيرو ڏيندو آهي ته ابا في الحال مڙسن کي ڇڏيو جڏهن چوندو وري حوالي ڪنداسين.

پر لنڊن پوليس صرف 19 جولاءِ تائين ضمانت ڏني . ان دوران ايم ڪيو ايم پنهنجي اندر ڀڃ ڊاهه مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڇو ته الطاف حسين جي گرفتاري کانپوءِ ايم ڪيو ايم جا اندروني اختلاف پڻ کلي سامهون آيا. خاص ڪري ان وقت جڏهن رابطا ڪميٽي ٽئين ڏينهن شهر کولرائڻ جو اعلان ڪيو پر سيڪٽرز ان فيصلي تي عمل نه ڪيو ۽ کوليل شهر کي ٻيهر زبردستي بند ڪرايو.

ايم ڪيو ايم اندر قيادت حاصل ڪرڻ لاءِ اندروني ڇڪتاڻ پڻ موجود آهي. لنڊن ۽ پاڪستان جي تنظيم اندر به اختلاف پڻ موجود آهن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم مان تازو ڪڍيل سليم شهزاد گروپ جا وري مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني ۽ رضا هارون وارن سان به رابطا آهي. هي سڀ پس پرده آهن.الطاف حسين جي ٻيهر گرفتاري جو امڪان موجود آهي. ميٽرو پوليٽن پوليس مني لانڊرنگ ڪيس جا سڀ ثبوت گڏ ڪري چڪي آهي. برطانوي قانون موجب هن ڪيس ۾ 6 مهينن کان14 سال تائين سزا آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن الطاف حسين ٻيهر گرفتار ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو. ڪراچي ۾ وري کربين روپين جو نقصان ٿيندو! اهو سوال پاڪستان جي وفاقي سرڪار لاءِ پريشاني جو سبب ضرو رآهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو