Home / ڪور افيئر / الطاف حسين خلاف ڪيس : متحده جي خاتمي جي شروعات
above article banner

الطاف حسين خلاف ڪيس : متحده جي خاتمي جي شروعات

Waqas Ahmedاڱاري03 جون واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيشوارانه فرضن جي ادائيگي لاءِ سنڌ هائيڪورٽ کان ٿيندو جيئن ئي سنڌ سيڪريٽريٽ پهتس ته تقريبن ساڍي يارنهن جو وقت هئو ، هڪ افراتفري ۽ ڀاڄ جو عالم هو. هر ماڻهو، آفيسر، وزير، مشير، ڀڄڻ ۾ پورا هئا. معلومات وٺڻ تي خبر پئي ته لنڊن ۾ خود ساخته جلاوطن ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ الطاف حسين “مني لانڊرنگ”، عمران فاروق قتل ڪيس ۽ تشدد تي اڪسائيندڙ تقريرون ڪرڻ جي الزام ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس هٿان گرفتار ٿي چڪو آهي. خبر جي وڌيڪ تصديق لاءِ خبر کي بريڪ ڪندڙ لنڊن جي صحافي دوست جنگ گروپ ۽ جيو جي لنڊن جي رپورٽر مرتضيٰ علي شاهه کي فون ڪيو ته ان جو فون مسلسل مصروف مليو، تڪڙ ۾ ئي لنڊن ۾ رهندڙ دوست بئريسٽر صبغت الله قادري ۽ حبيب جان کان واقعي متعلق ڄاڻ ورتي، جن ٻڌايو ته “اڄ صبح جو اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس جا خصوصي جٿا جن ۾ دهشتگردي روڪ فورس جا اهلڪار به هئا، صبح جو 5 وڳي دنيا جي مهانگي ترين علائقي ايجوير جي مِل هل واري علائقي مان ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي گرفتار ڪيو ويو آهي” لنڊن ۾ قانوني پريڪٽس ڪندڙ بيرسٽر صبغت الله قادري ٻڌايو ته الطاف حسين جي گرفتاري في الحال مني لانڊرنگ ڪيس ۾ڪئي وئي آهي، جنهن جي سزا برطانوي قانون موجب گهٽ ۾ گهٽ 14 سال آهي. پر طبي بنيادن تي کيس ضمانت تي آزادي به ملي سگهي ٿي.

“افيئر” کي لنڊن جي قانوني حلقن مان وڌيڪ ڄاڻ ملي ته انگلينڊ جو قانون پاڪستان جي قانون کان مختلف آهي. هتي ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان پهرين ان خلاف سموري جاچ مڪمل ڪري عدالت کان ان جي گرفتاري جو اڳواٽ اجازت نامو (وارنٽ) گهريو ويندو آهي. عدالت سڀئي ثبوت ۽ شاهديون ڏسڻ کانپوءِ ئي وارنٽ جاري ڪندي آهي. ان ڪري ئي تقرين 80 سيڪڙو ڪيسن ۾ جوابدار سزا کائيندا آهن.ڇو جو اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس جو جاچ وارو شعبو تمام گهڻو ڪم ڪري چڪو هوندو آهي. جڏهن ته اتان جي پوليس جي پراسيڪيوشن جو شعبو به انتهائي مهارت تي ٻڌل ۽ فعال هوندو آهي. ٻئي پاسي عدالتون مڪمل آزاد ۽ پوليس جو کاتو حڪومت جي اثر رسوخ کان مڪمل پاڪ هوندو آهي. لنڊن جي ذريعن چواڻي اتي اهو ناممڪن آهي ته ڪو ماڻهو ڏوهه ڪري پوءِ هو حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ جو ڪيترو به دادلو ڇو نه هجي ۽ ڪيترو به بااثر هجي، سزا کان بچي نه سگهندو آهي.

شايد ان ڪري ئي پاڪستاني صحافتي حلقن ۾ چيو پيو وڃي ته “الطاف ڀائي لنڊن کي به لالو کيت سمجهيو هو” لنڊن مان “افيئر” کي ملندڙ اطلاعن مطابق صبح جو 5 وڳي ڌاري جڏهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ جا جٿا الطاف حسين جي مل هل واري رهائشگاهه تي پهتا ته اتي موجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ الطاف حسين جي سيڪيورٽي گارڊن دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ بار بار لائوڊ اسپيڪرن ذريعي ڏنل وارننگ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلي ۾ موجود الطاف حسين ۽ متحده قيادت انگلينڊ جي ڳجهي ايجنسي ايم آءِ 6 ۽ ايم آءِ 5 ۾ موجود واسطيدار ماڻهن کان وٺي پاڪستان جي سگهارن ادارن ۾ موجو دهڪ هڪ واسطيدار بااثر آفيسر کان وٺي، چوڌري نثار، اسحاق ڊار، نواز شريف ۽ شهباز شريف کان وٺي آصف علي زرداري کي فون تي ايلاز منٿن کان وٺي پنهنجا سڀ حربا استعمال ڪيا پر شايد قدرت جي ڊگهي رسي جي ڇڪجڻ جو وقت اچي چڪو هئو ۽ هڪ سنڌي اخبار جي سرخي مطابق چور جون 29 راتيون پوريون ٿي چڪيون آهن.

سندس هڪ به نه هلي، اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس ايم ڪيو ايم جي سڀني حربن کان آگاهه هئي تنهن فوري طور تي هٿياربند جٿا گهرائي ورتا ۽ ڏاڪڻن ذريعي الطاف حسين جي گهر ۾ داخل ٿي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته عام طور تي جوابدارن ۽ ڏوهارين سان مهذب رويو رکندڙ پوليس، متحده جي ڪارڪن سان گڏ سندن قائد الطاف حسين سان سختي سان پيش آئي. ايم ڪيوا يم ڪارڪنن کي هڪدم گهر کان ٻاهر ڪڍي. پوليس 6 ڪلاڪنن تائين گهر جي تلاشي ورتي ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتاري هيٺ الطاف حسين جي گهر مان ڍيڍ لک پائونڊ سان ڀريل هڪ بيگ به پنهنجي تحويل ۾ ورتي.

may 31-2015       20

ياد رهي ته برطانوي قانون مطابق ڪو به شهري 5 هزار پائونڊ کان وڌيڪ رقم پاڻ وٽ ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو رکي سگهي. 5 هزار کان وڌيڪ رقم جي صورت ۾ کيس پئسه بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻا پوندا ۽ کيس پنهنجي آمدني جو ذريعو ظاهر ڪرڻو پوندو. خيال آهي ته الطاف وٽان اڳ ۾ هٿ آيل 4 لک پائونڊز کان مٿي رقم جو مناسب حساب ڪتاب به اسڪاٽ لينڊ يارڊ (برطانوي پوليس) کي نه ڏنو ويو آهي. ايم ڪيو ايم پاران پاڪستاني واپارين جا ان ڏس ۾ جمع ڪرايل حلف نامه به جاچ ڪرائڻ تي ڪوڙا ثابت ٿيا آهن. ايم ڪيو ايم طرفان برطانوي پوليس وٽ جمع ڪرايل حلف نامن ۾ چيو ويو هئو ته انهن الطاف حسين وٽان هٿ آيل ڪرايل رقم پنهنجي رضا خوشي سان متحده قائد الطاف حسين کي چندي طور ڏني هئي.

لنڊن ۾ ڳچ عرصو صحافتي ڪيريئر گذاريندڙ صحافي ضيا رحمان جو چوڻ هو ته برطانيه ۾ قانون تمام سخت آهي ۽ ڪنهن به بااثر جو غلط ڪم ڪري بچي نڪرڻ ناممڪن آهي.

نيو يارڪ ٽائيمز ۽ فرائيڊي ٽائيمز جهڙن ادارن سان ڪم ڪندڙ صحافي ِضيا رحمان جو وڌيڪ چوڻ هئو ته برطانيه جي اسٽيبلشمينٽ، آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي الطاف حسين جي سڀني ڏوهن تي اکيون ته ٻوٽيون هيون پر انهن جي ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي سڀني سرگرمين تي نظر هئي. 2010ع ۾ لنڊن جي سرزمين تي ڊاڪٽر عمران فاروق جو قتل ۽ ڪراچي شهر مٿان تيزي سان پنهنجو اثر ختم ڪندڙ ڌر ايم ڪيو ايم لاءِ تابوت جو آخري ڪو ڪو ثابت ٿيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هئو ته عالمي اسٽيبلشمينٽ جڏهن محسوس ڪيو ته الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو هاڻ پاڪستان خاص طور سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مٿان اثر رسوخ تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي ته هنن مٿان الطاف حسين هڪ بار بڻجي ويو، آمريڪا ۽ برطانيه ڪو به فضول بار ڪيستائين پاڻ وٽ رکندا، تنهن ڪري الطاف حسين جو هينئر باب مڪمل طور تي بند ٿي چڪو آهي، کيس جيڪڏهن طبي بنيادن تي ضمانت تي آزادي به ملي ته کيس هاڻ فون رستي پاڪستان ۾ نفرت انگيز خطاب ڪرڻ جي آزادي ۽ ٻيون غير قانوني آزاديون جيڪي اڳ مليل هيون بلڪل نه ملنديون ان ڪري الطاف حسين جي گرفتاري ايم ڪيو ايم جي خاتمي جي شروعات آهي”

“Its begining of End” ضيا رحمان پنهنجا آخري ڪمينٽس ڏيندي چيو. ڪراچي سان تعلق رکندڙ دي نيوز ۽ جنگ جي انويسٽيگيشن سيل جي سينيئر تحقيقاتي رپورٽر امداد سومرو “افيئر” کي ٻڌايو ته ڪراچي مٿان ايم ڪيو ايم جو جيڪو سياسي اثر بظاهر نظر اچي ٿو سو دراصل ايم ڪيو ايم جي ويڙهاڪ ونگ جيڪا ڪڏهن آفاق احمد ۽ عامر خان جي اڳواڻي ۾ بليڪ ٽائيگرز جي نالي ۾ ڪم ڪندي هئي ته ڪڏهن ان جي اڳواڻي سليم شهزاد، انيس قائمخاني ۽ حماد صديقي ڪندا هئا ۽ اڄ ڪلهه ان ونگ جو نالو “مهاجر لبريشن آرمي آهي” جيڪا ڏکڻ آفريڪا، دبئي، ملائشيا ۽ انڊيا مان ڪنٽرول ڪئي وڃي ٿي ” هن جو چوڻ هئو ته 1992ع جي فوجي آپريشن، 1996ع جي بينظير حڪومت ۽ بعد ۾ نواز شريف حڪومت جي آپريشن ايم ڪيو ايم جي مذڪوره ونگ جي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي پر پرويز مشرف 1999ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان ونگ ۾ برگيڊيئر هديٰ ۽ برگيڊيئر غلام محمد محترم جي معرفت ساهه وڌو. ياد رهي ته برگيڊيئر غلام محمد محترمه 2005ع ۾ رٽائرمينٽ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي ڪوٽا ۾ سنڌ جو هوم سيڪريٽري به مقرر ٿيو هئو. ان ونگ جنهن سالن کان سنڌ جي دل ۽ دماغ جي حيثيت رکندڙ ڪراچي کي نپوڙي ڇڏيو ان کي ٻيهر مچائي مواڙ پ پ جي نام نهاد مفاهمتي حڪومت ڪيو.

حيرت ۽ ڏک جو مقام اهو آهي ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن برطانيه الطاف حسين کي سوگهو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ 70 کان وڌيڪ قتل ڪيسن ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار جي حمايت ۾ هڪ طرف پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جا وفد حمايت پيا ڪن ۽ ڌرڻن ۾ شريڪ پياٿين ته ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي نظرئي جا پوئلڳ جسقم ۽ جسمم وارا پڻ ساڻن گڏ آهن. خاص طور جسقم اڳوڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ آصف بالادي جي متحده ڌرڻي ۾ شرڪت ڪنهن به ريت سٺو سنوڻ نٿو چئجي سگهجي. سنڌي ماڻهو خاص طور تي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي حيران ۽ پريشان آهن ته سندن حفاظت ڪير ڪندو، سندن ووٽ رستي چونڊجي آيل سياسي قيادت يا سڻڀي پوسٽنگ نه هئڻ جي صورت ۾ قومپرست بڻجندڙ سنڌي ڪامورن ۽ نالي ۾ نهال “ايماندر” پوليس آفيسر، جيڪي اڱاري واري ڏهاڙي عام خلق کي موت منهن ڏئي سنڌ کي هلائيندڙ مکيه مرڪز يعني سنڌ سيڪريٽريٽ مان جوتا ڇڏي ڀڄي ويا هئا.

ٻئي طرف الطاف حسين کي گرفتاري کانپوءِ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، جيڪا ضمانت جولاءِ تائين ڏني وئي آهي. هاڻ مٿس ڪيس هلندو، کيس پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻي پوندي ٻئي صورت ۾ کيس سزا کان ڪير به بچائي نٿو سگهي. ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق ڪيس ۽ ٻيا ڪيس به ترت ري اوپن ڪيا ويندا.

ليکڪ مختلف انگريزي اخبارن ۾ لکندڙ هڪ تحقيقي صحافي آهي ۽ هي ليک خاص طور افيئر لاءِ لکيائين.

waqas.bajwa1734@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو