Home / بلوچستان / انتهاپسندن طرفان بندوق جي زور تي نياڻين جي تعليم تي پابندي!
above article banner

انتهاپسندن طرفان بندوق جي زور تي نياڻين جي تعليم تي پابندي!

Irshad Mastoiبلوچستان ۾ صورتحال جي بهتري، گڊ گورننس ۽ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جون دعوائون هوا ۾ تحليل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. ڪجهه عرصو اڳ مڪران ڊويزن ۾ علمي، ادبي حلقن حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. اڃا ڪتاب ضبط ڪرڻ جي واقعي تي ڪاوڙ موجود هئي ته بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ لينگويج سينٽر ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. اسلامي الفرقان نالي تنظيم طرفان انگريزي ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. ان گروهه موجب ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو گڏ تعليم پرائڻ غير شرعي عمل آهي. ضلعي پنجگور جي ايس ايڇ او واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪندي مقامي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته لينگويج سينٽر کان گهر ويندي شاگردياڻين کي دهشتگر گروهه طرفان ڌمڪيون مليون ۽ کين تنبيهه ڪئي وئي ته مغربي تعليم پرائڻ جي صورت ۾ کين سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. واقعي کانپوءِ مقامي پوليس علائقي جي سينٽرز جي سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي.

تنظيم اسلامي الفرقان وڌيڪ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ٽئڪسي، بس يا رڪشا ڊرائيور شاگردياڻين کي ڪنهن به تعليمي مرڪز ڏانهن کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين به ماريو ويندو. واقعي خلاف علائقي جي رهواسين ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ انتظاميا جي آفيسن آڏو احتجاج ڪيو. پوليس طرفان پڪ ڏيارڻ کانپوءِ مظاهرو ڪندڙ ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته مبينه تنظيم پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ويجهڙ ۾ ڪيل آپريشن کانپوءِ وجود ۾ آئي آهي، جيڪا علائقي ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏيڻ جي خطرناڪ سازش آهي. ياد رهي ته بلوچستان ۾ پنجگور ۽ ڪيچ اهي ضلعا آهن جتان اڪثر اعليٰ تعليم يافته شاگرد پيدا ٿيا آهن ۽ صوبي جي اڪثر اعليٰ سرڪاري عهدن تي ويٺل عملدارن جو تعلق انهن ئي علائقن سان آهي. بلوچ قومپرست جماعتن ۽ مزاحمت ڪارن پڻ ان عمل تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي، پابندي مڙهيل بلوچ ريپبلڪن آرمي جي ترجمان سرباز بلوچ اسلامي الفرقان نالي تنظيم کي ڪاغذي قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش هيٺ بلوچ علائقن ۾ تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ لاءِ رياستي تنظيمون سرگرم آهن.

may-15-2014 (44)

اسلامي الفرقان نالي تنظيم طرفان پنجگور جي تعليمي ادارن ۾ ڌمڪي وارا پمفليٽ اڇلايا ويا جيڪي سيڪيورٽي فورسز جي ڪئمپ ۾ تيار ڪيا ويا هئا، جنهن جو مقصد پنجگور سميت سموري مڪران ۾ اعليٰ تعليمي ادارا کي بند ڪرائي بلوچستان ۾ وزيرستان جهڙيون حالتون پئدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. بلوچ قومي تحريڪ ۾ عورتن جي ڪردار کان ڊنل ۽ رياستي ادارن بلوچ سيڪيولر ۽ مذهبي سماج کي پنهنجي طاقت وسيلي اونداهي ڏانهن ڌڪڻ جي بيڪار ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان جو واضح مثال پنجگور ۽ تربت ۾ فورسز جي اعليٰ اختيارين جي سربراهي ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جي بندش آهي. تعليم مخالف روش خلاف ۽ هڪ آزاد ترقي يافته مهذب سماج جي قيام تائين جنگ جاري رهندي.

ٻئي پاسي بلوچ نيشنل موومينٽ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر منان بلوچ، پنجگور ۾ اسڪول بند ڪرائڻ ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي جي مذمت ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ جبري قبضي کانپوءِ ۽ بلوچ وطن جي هر پاسي سماجي يلغار سبب مختلف ڊيٿ اسڪواڊ ۽ هٿياربند گروهه پئدا ڪيا ويا آهن ته جيئن آجپي جي جدوجهد کي دٻائي سگهجي، بلوچن جي آجپي واري تحريڪ کي دٻائڻ کانپوءِ هاڻ ايجوڪيشن سينيٽرز کي بند ڪيو پيو وڃي. هن کان اڳ تربت ۽ ٻين علائقن ۾ بلوچ تاريخ ۽ ادب تي ٻڌل ڪتاب ۽ ٻيا عالمي ڪتاب لائبريرين ۽ درسگاهن مان اهو چئي کنيا ويا ته انهن وسيلي دهشتگردي ڦهلجي رهي آهي. اڄ اهي ئي عنصر پنجگور ۾ سمورا سڪول بند ڪرائي چڪا آهن. اسلام جي مقدس نالي کي استعمال ڪندي ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي جي واويلا ڪري رهيا آهن. اسڪولن کي بند ڪري شاگردياڻين تي تيزاب هارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. ڪيترن ئي پرائيوٽ اسڪولن جي بسن کي ساڙيو ويو ۽ ڪيترن ئي ذميوارن جون گاڏيون کنيون ويون. اسان پنجگور جي عوام جي همت کي سلام ٿا پيش ڪريون جيڪي انهن قوتن خلاف پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪري رهيا آهن. اسان هميشه انهن عنصرن جي نشاندهي ڪئي آهي ته سگهارا ادارا اسلام جي مقدس نظرئي جي غلط تشريح ڪري ان کي بلوچن خلاف استعمال ڪري رهيا آهن.

اهي عنصر نه رڳو بلوچ قوم جي نسل ڪشي ۾ رڌل آهن بلڪه اهي پنهنجي سمورن عنصرن کي گڏ ڪري هر قسم جي تشدد کي پنهنجي لاءِ هڪ قانوني جواز پيش ڪندي سگهارن ادارن وسيلي بلوچ قوم جي استحصال خاطر سڀ هٿڪنڊا استعمال ڪري رهيا آهن. هڪ پاسي سموري دنيا کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ٽي وي چئنلز تي الف، ب، پ تي پختو يقين ۽ عزم جا تعليمي اشتهار هلرايا پيا وڃن ته ٻئي طرف دهشتگرد مافيائن وسيلي بلوچن جي نسل ڪشي سان گڏ، بلوچ سماج ۾ تعليم کي تباهه ڪرڻ ۽ سماجي متڀيد لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. ڊاڪٽر منان بلوچ دنيا جي سمورن علم دوست ۽ انسانيت دوست تنظيمن ۽ ملڪن کي اپيل ڪئي ته پاڪستان ۾ بلوچ نسل ڪشي کانسواءِ جيڪو ٻيو حربو استعمال ڪيو پيو وڃي ان کان سموري انسانيت ۽ خطي کي خطرو آهي. دنيا شايد اسانجي پٽن جي اغوا ۽ چچريل لاشن کي سنجيدگي سان نه وٺي ليڪن رياستي ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ جو اهو رجحان تعليمي عمل کي روڪي مخصوص دهشتگردي وارو ماحول ۽ متڀيد کي فروغ ڏيڻ گهري ٿو جيڪو سڄي دنيا ۽ هن خطي لاءِ سنگين خطرو آهي.

عجب جي ڳالهه اها آهي ته بلوچستان ۾ وچولي طبقي جي سرڪار بلوچستان ۾ تعليم ۽ صحت جي بنيادي سهولتن لاءِ دعويدار ته آهي ليڪن پنجگور ۾ هٿياربند گروهه طرفان نجي تعليمي ادارن کي بند ڪرائڻ ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي جبري پابندي مڙهڻ بابت اڃا تائين حڪومت جو ڪو به موقف سامهون ناهي آيو جنهن تي بلوچستان جي سنجيده سياسي حلقن ۾ سخت ڳڻتي آهي. هاڻوڪي حڪومت جي ڪارڪردگي هڪ سال دوران نهايت مايوس ڪندڙ رهي آهي. پنهنجي عمر جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکڻ واري حڪومت جي ڪارڪردگي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعليِ بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي اڳواڻي ۾ جڙيل گڏيل حڪومت صوبي ۾ قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي لاپته ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ کي پنهنجي اوليت ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ليڪن هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي به ان حوالي سان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

جبري طور تي لاپته ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جدوجهد ڪندڙ “وائس فار بلوچ مسنگ پرسن” جو چيئرمين نصر الله بلوچ لاپتا ماڻهن جي معاملي تي حڪومتي ڪارڪردگي کي انتهائي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ٿو بلڪه هن انڪشاف ڪيو ته 11 مئي 20013 کان 11 مئي 2014 تائين 365 ڏينهن ۾ 373 ماڻهو لاپتا ڪيا ويا، جڏهن ته ان دوران 255 کان وڌيڪ ماڻهن جا گولين سان پروڻ يا مسخ ٿيل لاش ملي چڪا آهن. جيتري قدر لاپتا ماڻهن جي آزادي جو معاملو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڊيرا بگٽي کان لاپته ڪيل ڪاهو بگٽي کي ڏيڍ سال کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، ان کانسواءِ ڪو به ماڻهو آزاد ناهي ٿي سگهيو. ملندڙ 255 لاشن ۾ 130 جي سڃاڻپ ٿي آهي. هلندڙ سال جنوري ۾ خضدار جي علائقي توتڪ مان ملندڙ لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جيڪي هڪ سئو کان وڌيڪ آهن. اجتماعي قبر ملڻ ۽ ملندڙ لاشن بابت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جج تي مشتمل ٽربيونل ٺاهيو ويو ليڪن ان حوالي سان به اسان کي خدشا ۽ تحفظات آهن. نصر الله بلوچ ٻڌايو ته خضدار جي علائقي توتڪ ۾ وڌيڪ اجتماعي قبر جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ اهو اسان کي علائقي جي مقامي ماڻهن ٻڌايو آهي. انهن اتان ملندڙ نوَ لاش ڏٺا آهن جن کي ميڊيا تي ناهي آندو ويو ۽ باقي قبرن کي ڊاٺو ويو آهي جيڪا ڳالهه نهايت مذمت جوڳي آهي.

حڪومت تي سخت ڇوهه ڇنڊيندي نصر الله بلوچ چيو ته لاپتا ماڻهن جي معاملي تي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سمورين قومپرست پارٽين کي ڄڻ نانگ ڪکي ويو آهي ۽ انهن خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي. انهي حد تائين جو تحفظ پاڪستان آرڊيننس جي به ڪنهن مخالفت ناهي ڪئي، اهو ان ڪري ته متان سندن اقتدار هليو وڃي.

اپوزيشن ۾ رهي لاپتاماڻهن جي آزادي جي دعويٰ ڪندڙ اقتدار ۾ اچي عوام سان ڪيل واعدا وساري ويٺا آهن بلڪه هاڻوڪي حڪومت سگهارن ادارن جا اختيار محدود ڪرڻ بدران سندن غير آئيني قدمن کي تحفظ ڏنو آهي، تحفظ پاڪستان آرڊيننس جي نالي سان قانون سازي سبب سگهارن ادارن کي وڌيڪ اختيار ملي ويندا.

حڪومتي سطح تي بلوچستان کي معاشي طرح وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي دعوي ٰٿيندي رهي آهي. ليڪن ان ۾ ڪيتري سچائي آهي انهن دعوائن جي قلعي به بلوچستان جي ايڊيشل سيڪريٽري ماليات ڊاڪٽر پرويز نوشير واني بجيٽ بابت ڪوٺايل صلاحڪاري اجلاس ۾ کولي ڇڏي. پرويز نوشيرواني جو چوڻ هو ته: بلوچستان جي ڪل آمدني جو 80 سيڪڙي کان وڌيڪ حصو ملازمن جي پگهارن، پينشن ۽ کاتن جي جاري خرچن جي مد ۾ خرچ ٿئي ٿو. آمدني جي ڀيٽ ۾ خرچن ۾ لڳاتار واڌ سبب صوبو معاشي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو. بلوچستان جي سمورن ذريعن کان سالياني آمدني 161.397 ارب روپيا آهي. جنهن جو 96 سيڪڙو وفاق کان وصول ٿئي ٿو. ان ڪل آمدني جو 73 سيڪڙو پگهارن ۽ پينشن جڏهن ته 7.33 سيڪڙو ٻين کاتن جي خرچ ۾ هليو وڃي ٿو. ترقياتي خرچ 39.9 ارب روپيا آهن، باقي 4 کان 5 ارب رپيا بلوچستان ايجوڪيشن انڊوومينٽ فنڊ ۾ خرچ ڪيا وڃن ٿا. ايڊيشنل سيڪريٽري ماليات جو چوڻ هو ته 18 هين ترميم۽ اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن کي جيڪي فائدا ملڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي اهي اڃا صوبي کي ناهن مليا بلڪه 18 هين ترميم جي صورت ۾ صوبن حوالي ٿيندڙ کاتن جي ڪري 15 ارب روپين جي خرچ ۾ واڌارو آيو آهي. جڏهن ته قدرتي وسيلن مان به صوبي کي ڪجهه نه پيو ملي. ڊاڪٽر پرويز نو شيرواني جو چوڻ هو ته امن امان جي مد ۾ ساليانو 16.236 ارب روپيا پوليس، ليويز ۽ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا خرچ ٿين ٿا. صوبي جي پنهنجي وسيلن مان آمدني تمام گهٽ آهي جڏهن ته سيلز ٽيڪس به جمع نٿو ٿئي. ٽيڪس جي مد ۾ صوبي جي آمدني فقط 0.9 سيڪڙو آهي، آمدني ۾ واڌ نٿي ۽ خرچ وڌندا ويا ته پوءِ صوبو مالي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو. بلوچستان جي سنجيده حلقن کي ڳڻتي ان ڳالهه تي به آهي ته هاڻوڪا حڪمران صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ پر عزم نظر اچي رهيا هئا ۽ معاشي خوشحالي جا پڻ خواب ڏيکاري رهيا هئا. ليڪن پهرئين سال ۾ ئي معاشي بحران جو پٽڪو شروع ٿي ويو آهي. اپريل مهيني تائين جڏهن پي ايس پي جاري ئي نه ٿيو ته پوءِ فنڊ ڪيڏانهن ويا؟ سرزمين تي ته ڪجهه به نظر نه پيو اچي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو