Home / سياسي افيئر / انتهاپسندي جومضبوط ٿيندڙ گهيرو
above article banner

انتهاپسندي جومضبوط ٿيندڙ گهيرو

Naseer Memonملتان ۾ انساني حقن واري تنظيم جي ڪو آرڊينيٽر ۽ هڪ بي باڪ وڪيل راشد رحمان کي انتهاپسند جنونين سندس چيمبر ۾ گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو راشد رحمن سان هڪ ڀيرو به مليا هوندا انهن کي خبر هوندي ته هو ڪيڏو نه انسانيت پرست ۽ مظلوم دوست ماڻهو هو. سندس ڏوهه رڳو اهو هو ته هڪ اهڙي شخص جو ڪيس وڙهي رهيو هو، جنهن مٿان الزام آهي ته هو توهين رسالت جي عمل ۾ ملوث آهي. اهو الزام اڃا ثابت به ناهي  ٿي سگهيو. هن ملڪ اندر انساني حقن جي محافظن جون زندگيون ڪيتري قدر خطري ۾ آهن، ان جو اندازو ان واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو. پنجاب حڪومت ۽ رياست جي رٽ ڪٿي آهي، جڏهن ته ان ڪيس جي گذريل ٻڌڻي دوران ججن جي موجودگي ۾ کيس به چٽن لفظن ۾ ڌمڪي ڏني وئي هئي ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي نه اچي سگهندو.

هن پنهنجي موت جي ممڪن ذميوارن جا نالا به ڄاڻائي ڇڏيا هئا پر قانون جي محافظن سندس قتل جي ايف آءِ آر اڻ ڄاتل ماڻهن جي خلاف داخل ڪري ڇڏي آهي. انتهاپسندن جو جيئن ته ڪنهن به آئين، قانون يا شريعت جي اصولن سان ڪو به تعلق ناهي نه کين هن رياست اندر ڪنهن جو خوف آهي. سندس قتل جي ٻئي ڏينهن بار ڪائونسل اندر اهي پمفليٽ ورهايا ويا ته جيڪو به راشد رحمان جي جنازي نماز پڙهندو اهو ڪافر آهي ۽ جيڪو به سندس حمايت ڪندو هن جو به ساڳيوحشر ڪيو ويندو. اهو سڀ ڪجهه ڪهڙي شريعت مطابق ڪيو ويو ۽ ڪهڙو مذهب ان قسم جي غير انساني عمل جي حمايت ڪري سگهي ٿو. ان جي هاڻ انتهاپسند ٽولن کي ڪا به پرواهه ناهي. جيئن سنڌ ۾ هندن جي مندرن کي باهيون ڏيڻ واري جنونيت کي اسلام جي نالي ۾ تحفظ ڏنو وڃي ٿو، ايئن پنجاب ۾ توهين رسالت، انتهاپسند ڌرين وٽ هڪ موتمار هٿيار آهي. هو ان هٿيار کي جڏهن به جنهن جي به خلاف استعمال ڪرڻ گهرن بنا رنڊڪ جي ڪري سگهن ٿا. پنجاب ۾ صورتحال اها آهي ته توهين رسالت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ وڪيلن جي مارجڻ کانپوءِ هاڻي ڪو به وڪيل سندن ڪيس کڻڻ لاءِ تيار ناهي اڪثر ڪيسز ۾ جج ٻڌڻي ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا.

عام طور تي پنجاب اندر ان الزام هيٺ ذاتي دشمنيون پاڙيون وڃن ٿيون ڇو ته اهڙي ڪيس ۾ موت جي سزا ڏيارڻ نهايت آسان آهي. عدالت ۾ ڪيس ته بعد جي ڳالهه آهن، جنونين طرفان  ميڙ ڪٺا ڪري ڪنهن به ماڻهو تي اهڙو الزام مڙهي کيس وحشياڻي نموني سرعام قتل ڪرڻ عام رواجي ڳالهه آهي. اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف نه ڪير ڪيس داخل ڪندو ۽ نه ڪو گواهه ملندو. پوليس عام طور تي اڻ سڃاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري معاملو ٺپ ڪري ڇڏيندي ۽ هر واقعي کان پوءِ انتهاپسندن جا حوصلا اڳي کان وڌيڪ اوچا ٿين ٿا.

may-15-2014 (26)

تازو پنجاب ۾ هڪ اهڙي ملزم کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جيڪو اڻ پڙهيل آهي ۽ مٿس الزام آهي ته هن توهين رسالت وارو ٽيڪسٽ ميسيج موڪليو آهي. ان کان اڳ سڀ کان خطرناڪ واقعو سلمان تاثير جي قتل جي صورت ۾ سامهون آيو، جڏهن صوبي جي گورنر کي سندس ئي گارڊ گوليون هڻي قتل ڪيو. سندس قاتل ممتاز قادري هيرو بڻجي ويو ۽ تازو اسلام آباد ۾ سندس نالي سان هڪ مسجد پڻ تعمير ڪئي وئي آهي.

ان جنونيت ڪري پاڻ کي سيڪيولر سڏائيندڙ پيپلز پارٽي به گوڏا کوڙيا هئا ۽ سلمان تاثير جي لاءِ اسيمبلي ۾ دعا به نه گهرائي سگهيا. سندس ورسي تي به پارٽي سندس ياد ۾ ڪو به نمايان پروگرام نه ڪيو. ڳڙهي خدا بخش مان ٽوئيٽر تي طالبان کي للڪاريندڙ پارٽي قيادت عملي طور سلمان تاثير کان پاڻ کي لاتعلق رکيو.

پنجاب اندر  نواز ليگ جو طالبان ۽ ٻين انتهاپسند ڌرين ڏانهن همدردي وارو رويو ڪنهن کان به ڳجهو ناهي. سپاهه صحابه سان سندن پارٽي جي مکيه اڳواڻن جي ويجهڙائي عالم آشڪار رهي آهي. پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ انتهاپسند تنظيمون سرعام سرگرم رهن ٿيون. پابندي مڙهيل تنظيمن جون آفيسون به کليل آهن هو کلي عام چندا اوڳاڙين ٿيون  ۽ ريليون ڪڍن ٿيون پر حڪومت هزارين بي ڏوهي ماڻهن جي قاتلن کي اسٽيڪ هولڊر قرار ڏئي ساڻن ايئن ڳالهيون ڪري ٿي جيئن ٻن رياستن وچ ۾ ٿينديون آهن ته پوءِ انتهاپسندي کي  هٿي ته لازمي طور ملندي. هن وقت صورتحال اها آهي ته نه رڳو پنجاب پر ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد به اهڙين انتهاپسند ڌرين جي قبضي هيٺ اچي رهيو آهي. گهرو کاتي جي هڪ سينيئر عملدار هن سال فيبروري ۾ قومي اسيمبلي جي انتهاپسندي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي اڳيان بيان ڏيندي اسلام آباد کي انتهائي خطرناڪ شهر قرار ڏنو هو. ان بيان کانپوءِ اسلام آباد جي رهواسين ۽ سفارتي حلقن ۾ شديد ڳڻتي پکڙجي وئي ۽ چوويهن ڪلاڪن اندر گهرو وزير چوڌري نثار وضاحت جاري ڪري ان تاثر کي بي بنياد قرار ڏنو. پر ڪجهه ڏينهن اندر اسلام آباد جي ڪورٽ ۽ سبزي منڊي ۾ ٿيل دهشتگردي وارن واقعن ان حقيقت کي وائکو ڪري ڇڏيو ته اسلام آباد واقعي به دهشتگردن جي رحم ڪرم تي آهي ۽ هو جڏهن چاهين هن شهر کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.

سگهارن ادارن پاران اسلام آباد ۽ پنجاب جي وڏن شهرن ۾ دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن بابت انيڪ رپورٽون ن ليگ حڪومت کي اماڻيون ويون آهن، جن کي ان ڪڏهن به سنجيدگي سان ناهي ورتو. ڪجهه مهينا اڳ اسلام آباد جي ريڊ زون کان ٽي چار ڪلو ميٽر پري پارا ڪهو جي علائقي ۾ حقاني گروپ جي هڪ سرگرم اڳواڻ نصير الدين حقاني کي پراسرار نموني قتل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اها حقيقت عام ٿي وئي ته شهر جي چوطرف تيزي سان آباد ٿيل وسندين ۾ انتهاپسند گروهه چڱي ريت سرگرم آهن. ڳجهن ادارن جي رپورٽن مطابق شهر اندر اٽڪل 30 هزار طالب مختلف مدرسن ۾ موجود آهن ۽ انهن مان ڪيترائي انتهاپسند سوچ رکن ٿا. جيڪي هڪ اشاري تي هن شهر کي يرغمال بڻائي سگهن ٿا. اسلام آباد بابت ماضي ۾ جيڪو محفوظ شهر هجڻ وارو تاثر هو، اهو هاڻي گهڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي.

شهر جي وچ ۾ چوطرف گذريل ڏهاڪو کن سالن اندر تمام گهڻيون ڪچيون آباديون قائم ٿيون آهن، جن ۾ هڪ ڪاٿي موجب هڪ لک کان وڌيڪ رهواسي موجود آهن ۽ ڪنهن کي خبر ناهي ته انهن علائقن ۾ ڪهڙي قسم جا ماڻهو رهن ٿا. شهر جي ڪجهه علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ذري گهٽ ڪراچي جهڙي حالت پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ پوليس عملي طور بي وس بڻيل آهي. ڪيپيٽيل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي پنهنجي رپورٽن مطابق شهر اندر 83 مسجدون غير قانوني طور اڏيل آهن ۽ شهر اندر 30 اڻ رجسٽرڊ مدرسا پڻ موجود آهن. مقامي انتظاميه مطابق انهن مدرسن مان ڪجهه مدرسن وسيلي ڀنگ جون رقمون پڻ اوڳاڙيون وڃن ٿيون. پر حڪومت ڪنهن تي ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ايئن ڏينهون ڏينهن ملڪ تي انتهاپسند قوتن جو گهيرو مضبوط ٿي رهيو آهي.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو