Home / افيئر / بدين کي ٻه اڌ ڪرڻ جون تياريون!
above article banner

بدين کي ٻه اڌ ڪرڻ جون تياريون!

Allah Bachayo24 اپريل 2014ع تي سنڌ حڪومت اوچتو بنا ڪنهن اڳواٽ تياري جي تڙ تڪڙ ۾ ڪنهن خاص منصوبي تحت تڪراري نئين ڀنڀور ڊويزن جو اعلان ڪري لاڙ جي ٽن ضلعن ٺٽو، سجاول ۽ بدين کي حيدرآباد ڊويزن کان ٽوڙي انهن ٽنهي ضلعن تي مشتمل نئين ڀنڀور ڊويزن جو هيڊ ڪواٽر مڪلي کي بڻايو ويو.

نئين ڀنڀور ڊويزن جي بدين مان چونڊيل عوامي نمائندن ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کانسواءِ ٻي ڪنهن به سياسي ڌر ڪا به حمايت نه ڪئي آهي جڏهن ته سنڌ جي اٽڪل سڀني قومپرست ۽ پارلياماني پارٽين ان نئين ڊويزن تي خدشن جو اظهار ڪندي انجي سخت مخالفت ڪئي. جڏهن ته بدين ضلعي جي عوام پهرين ڏينهن کان بدين کي حيدرآباد ڊويزن کان ٽوڙي نئين ڊويزن ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ان خلاف ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي آهي. بدين جي عوام جي اپيل تي شهيد عوام فاضل راهو جي پٽ اسماعيل راهو، عوامي احتجاج کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ 8 مئي تي العباس هال بدين ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کانسواءِ بدين جي اٽڪل سڀني قومپرست ۽ پارلياماني سياسي پارٽين، سماجي، مذهبي ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن صحافين، شاعرن اديبن ۽ وطن دوست ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي.

اي پي سي ۾ بدين ضلعي جي پنجن ئي تعلقن لاءِ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن تي مشتمل ايڪشن ڪميٽيون ٺاهيون ويون جنهن بعد سڄي بدين ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڀنڀور ڊويزن خلاف احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا. جنهن بعد 17 مئي تي انهن مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ايڪشن ڪميٽين جي اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس شهيد عوام فاضل راهو جي جنم ڀومي راهوڪي ۾ مسلم ليگ “ن” جي اڳواڻ اسماعيل راهو جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جاکرو نوحاڻي، جسقم جي علي حيدرشاهه، ايس ٽي پي جي شاهنواز سيال، ايس يو پي جي ڊاڪٽر دودو مهيري، فنڪشنل ليگ جي سڪندر شاهه، جماعت اسلامي جي دائود شاهه، آبادگار اڳواڻن طارق محمود، ابراهيم ڪنبوهه، واپاري اتحاد جي اڳواڻن تاج محمد ملاح، سماجي اڳواڻ ۽ شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري، آبپاشي جي اڳوڻي سيڪريٽري مير محمد پرهياڙ سميت ٻين اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ بدين بچايو تحريڪ جي نالي سان هڪ نئين تنطيم قائم ڪري ڀنڀور ڊويزن خلاف ڀرپور تحريڪ هلائڻ لاءِ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظمين تي مشتمل هڪ 25 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي. ان ڪميٽي وري متفقه راءِ سان اسماعيل راهو کي بدين بچايو تحريڪ جو پهريون ڪنوينر مقرر ڪيو. ان ئي اجلاس ۾ بدين بچايو تحريڪ طرفان ڀنڀور ڊويزن خلاف ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو. جنهن موجب 24 مئي تي گولاڙچي شهر، 31 مئي تي ماتلي شهر، 7 جون تي تلهار شهر، 14 جون تي ٽنڊو باگو ۽ 19 جون تي بدين شهر ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 17 مئي واري ان اهم اجلاس ۾ بدين بچايو تحريڪ جي قيام ۽ احتجاجي مظاهرن واري شيڊيول جي پڌرائي ۽ اسماعيل راهو جي بدين بچايو تحريڪ جو ڪنوينر مقرر ٿيڻ ۽ ڀنڀور ڊويزن راهوڪي مان تڪراري ڀنڀور ڊويزن خلاف شروع ٿيل ڀرپور تحريڪ وارن ڏينهن ۾ ئي اوچتو ميڊيا ۾ مورڳو بدين ضلعي کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪري هڪ الڳ ٻيو ضلعو ماتلي ٺاهڻ جون خبرون ڌڙا ڌڙ رپورٽ ٿيڻ لڳيون. انهن خبرن ۾ چيو ويو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول هائوس ڪراچي جي هڪ اعليٰ سطحي اهم اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي بدين ضلعي کي پڻ ٽوڙي ٻه اڌ ڪري الڳ ماتلي ضلعو ٺاهڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن ۽ هاڻ فقط اعلان ڪرڻ ۽ نئين ماتلي ضلعي جو سنڌ حڪومت طرفان باضابطه نوٽيفڪيشن نڪرڻ جي دير آهي.

ميڊيا جي رپورٽن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي اهو پڻ حڪم ڏنو آهي ته بدين ضلعي جي اڌ آبادي کي نئين ماتلي ضلعي ۾ شامل ڪيو وڃي. ميڊيا جي رپورٽن موجب نئين ماتلي ضلعي ۾ خود تعلقي ماتلي، تلهار کي شامل ڪرڻ کانسواءِ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر کي پڻ ماتلي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ ماتلي تعلقي جي هڪ شهر ٽنڊو غلام علي ۽ تعلقي ٽنڊي باگي جي هڪ شهر ڏيئي کي پڻ تعلقن جو درجو ڏئي انهن ٻنهي نون تعلقن کي نئين ماتلي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويندو. جنهن سان نئون ماتلي ضلعو مٿين امڪاني پنجن تعلقن تي مشمل هوندو. ميڊيا ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته ماتلي وارن کي ان نئين ضلعي جو تحفو ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ماتلي ۽ ٽنڊي باگي واري قومي تڪ تان چونڊيل پ پ جي ايم اين اي ڪمال چانگ جو آهي. ڪمال چانگ خو دهڪ ٽي وي چينل تي اهو اعتراف ڪيو ته بدين جي تاريخي ضلعي کي هو پاڻ ٽوڙائي ٻه اڌ ڪرائي ماتلي کي نئين ضلعي جو درجو ڏياري رهيو آهي. ميڊيا ۾ اهڙيون خبرون اچڻ کانپوءِ ماتلي جي شهرين ضلعي ٿيڻ جي خوشي ۾ مٺايون ورهايون ۽ ضلعي جي حمايت ۾ ڪجهه شهرين ۽ جيالن جلوس ڪڍيا.

سنڌ حڪومت هي سٽون لکڻ تائين ماتلي ضلعي جو باقائده ڪو به اعلان نه ڪيو آهي جڏهن ته ايم اين اي ڪمال چانگ جو ڀاءُ محمد خان چانگ بنا ڪنهن دير جي هڪ سنڌي اخبار ۾ ماتلي ضلعي جي خوشي ۾ پنهنجي ڀاءُ ڪمال چانگ، آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي وڏين تصويرن سان مبارڪباد وارو مهانگو اشتهار پڻ شايع ڪرايو. بدين ضلعي کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪرڻ ۾ نئين ماتلي ضلعي جي امڪاني قيام وارين خبرن کانپوءِ اوچتو بدين ضلعي جي ڪيترن ئي بنهه ننڍن شهرن مان مطالبا ۽ مظاهرا شروع ٿي ويا. سڀئي چون پيا ته سندن پٺتي پيل، بنيادي سهولتن کان محروم کنڊر نما شهر کي نئين ماتلي ضلعي ٺهڻ کانپوءِ تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. ضلعي بدين جي ڌتڙيل اهڙن شهرن مان سڀ کان پهرين پنگريو ۽ ڪڍڻ مان مطالبن ۽ مظاهرن جون خبرون آيون، جڏهن ته خانپور ۽ ملڪاڻي شريف، نندو شريف ۽ کوسڪي ۽ شادي لال کان ويندي سيراڻي ۽ پيرو لاشاري جهڙن پٺتي پيل مسڪين ۽ مظلوم بڻايل شهرن ۽ وسندين مان پڻ مطالبا اچڻ لڳا آهن ته سندن غير آباد ۽ نظر انداز ٿيل شهرن کي تعلقن جو درجو ڏنو وڃي. لڳي ٿو ته سنڌ جا هاڻوڪا حڪمران جيڪي ڪنهن وڏي خطرناڪ رٿابندي تحت ڌڙا ڌڙ سنڌ جون انتظامي ڊويزنون ضلعا ۽ تعلقا ٽوڙي رهيا آهن. ان نعري ۾ اهي سنڌي عوام جي ڪن نا سمجهه ماڻهن جي اڻ ڄاڻائي واري ڪمزوري جو نفسياتي فائدو وٺي ڪجهه قدر ڪامياب ٿي رهيا آهن. عوام جي مختصر تعداد طرفان نوان ضلعا ۽ تعلقا بڻائڻ وارا ٿيندڙ مطالبا، در اصل مبينا طور تي ٺاهيل نئين تڪراري ڀنڀور ڊويزن خلاف راهوڪي مان شروع ٿيندڙ بدين بچايو تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل چال معلوم ٿي رهي آهي.

اهو ئي ڪارڻ آهي ته بدين بچايو تحريڪ ۾ شامل مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين جي اڳواڻن بدين ضلعي کي ٽوڙڻ ۽ وڌيڪ نيون ڊويزنون ۽ نوان تعلقا ٺاهڻ واري حڪومت جي اعلانن کي ڀنڀور ڊويزن خلاف راهوڪي مان شروع ٿيل تحريڪ کي سبوتاز ڪرڻ وارو حڪومتي قدم سڏي رهيا آهن. 24 مئي تي گولاڙچي، 31 مئي تي ماتلي شهر ۾ بدين بچايو تحريڪ طرفان ڪيل تاريخي احتجاجن ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت حڪومت کي پريشان ضرور ڪندي. پر لڳي ٿو ته حڪومت عوام جي خواهشن ۽ احتجاجن کي نظر انداز ڪري پنهنجي سياسي ذاتي ۽ گروهي مفادن کي ترجيح ڏيڻ جو ڄڻ ته پهرين ڏينهن کان قسم کائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري سنڌ جي موجوده حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. ڇاڪاڻ ته حڪمرانن کي سنڌي عوام جي اٻوجهائپ واري ڪمزوري جي پيرائتي ڄاڻ آهي تڏهن ته حڪمران هڪ ٻئي پويان اهڙا غلط فيصلا ڪري رهيا آهن ۽ اسان منجهان ئي ناسمجهه ماڻهو گمراهه ٿي اهڙن غلط فيصلن تي تاڙيون وڄائي رهيا آهن.

اهو کپي کپي تعلقو کپي، ضلعو کپي جا مطالبا ڪندڙ اسان جي انهن اٻوجهه دوستن کي شايد اها غلط فهمي آهي ته ڪڍڻ نندو، شادي لارج، سيراڻي، پنگريو ۽ پيرو لاشاري جهڙا ڏتڙيل ڪنگال، ويران ۽ ڀڙ ڀانگ بڻايل کنڊر نما شهر تعلقا بڻجڻ کان پوءِ خوب ترقي ڪندا کين بهترين رستا، علاج ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ٿينديون.

ترقي جو عمل تعلقن جي وجود ۾ اچڻ بعد تمام گهڻو تيز ٿي ويندو. اسان جا اهي اياڻا دوست خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ ٿا رهن سندن ذهن ۾ ترقي جو بنهه غلط تصور آهي ته ڪنهن شهر ۽ ڳوٺ جي ترقي لاءِ ڪنهن تعلقي ۽ ضلعي جي لازمي هجڻ وارو خيال زميني حقيقتن جي خلاف ۽ هر لحاظ کان غلط آهي. ان لاءِ اسان جي دوستن کي پنهنجون اکيون کولي اڄوڪي سنڌ جي تعلقي هيڊ ڪوارٽر وارن سنڌ جي انهن مسڪين ۽ مظلوم شهرن ۽ اتي جي عوام کي هڪ نماڻي نگاهه سان ڏسي پوءِ ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي، اسين نون تعلقن ۽ ضلعن جي خواهش رکندڙ پنهنجن انهن دوستن کي صلاح ڏينداسين ته اهي سنڌ جي انتظامي تعلقن وارن شهرن کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر، شاهه بندر، گهوڙا ٻاڙي، ڇاڇرو، ننگر پارڪر، کپرو، نارو، ڄام نواز علي، وارهه، ميرو خان، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊو غلام حيدر، وغيره ۽ ضلعن ۾ بدين، ٺٽو، ٿرپاڪر، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور، سانگهڙ، جيڪب آباد، وغيره ۾ ٿيل ترقي ۽ پئرس بڻايل انهن سنڌ جي شهرن کي پنهنجي اکين سان وڃي ڏسن ۽ پوءِِ وري صوبي پنجاب جا ننڍا وڏا شهر به وڃي ڏسن سنڌ جي مٿين تعلقن ۽ ضلعن جا روڊ ڏي وري وڃي پنجاب جي سيراڻي ۽ پيرو لاشاري کان به ننڍن شهرن ۽ وسندين جا روڊ ڏسن، هڪ ملڪ جي صوبي، ضلعن تعلقن ۽ شهرن ۾ ترقي جي ٿيل ڏينهن رات واري فرق کي محسوس ڪن ته اصل خرابي حڪمراني جي آهي، ايمانداري ۽ بي ايماني جو فرق صاف ظاهر آهي. بدين ضلعي کي امڪاني طور ٽوڙي ۽ ان مان ماتلي ۽ تلهار جا تعلقا الڳ ڪرڻ سان بدين کي ڪيترو نقصان ٿيندو. بعد ۾ بدين جيڪو لاڙجي دل وارو تاريخي ضلعو آهي. ان جي حيثيت ڪيتري رهندي. ان ڏس ۾ بدين واسي پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر رابطو ڪرڻ تي “افيئر” کي ٻڌايو ته هڪ طرف جڏهن تڪراري ڀنڀور ڊويزن خلاف بدين بچايو تحريڪ شروع ٿي آهي عين ان وقت تي هاڻوڪي سنڌ حڪومت بدين جي عوامي احتجاج کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ بدين جي تاريخي ضلعن تي ٻيو ڪاپاري وار ڪري رهي آهي جنهن سان بدين جي سياسي، سماجي، معاشي جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت ختم ٿي ويندي.

ماتلي ۽ تلهار جا تعلقا الڳ ڪرڻ سان باقي بدين ۾ ڀيانڪ ايل بي او ڊي جو راڪاس ۽ مها ٻوڏون وڃي بچنديون بدين ضلعي جي سڃاڻپ مٽجي ويندي. اڌ کان وڌيڪ روينيو جي آمدني گهٽجي وڃڻ ڪري بدين ضلعو اقتصادي طرح وڌيڪ تباهه ۽ برباد ٿي ويندو. بدين جا باقي بچيل ٽيئي تعلقا بدين، ٽنڊو باگو ۽ گولاڙچي ٻڏي تباهه ٿي سمنڊ هيٺ اچي ويندا. هن چيو ته حڪومت فقط ڀوتارن کي خوش ڪرڻ لاءِ الڳ تڪ ٺاهي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت بدين جي تاريخي ضلعي کي ٽوڙي هڪ سگهاري سردار ايم اين اي ۽ هڪ ايم پي اي وڏيري کي بدين ضلعو ٽوڙي نئون ماتلي ضلعو تحفي ۾ ڏيئي رهي آهي، جيڪا بدين ضلعي جي 18 لک عوام سان سراسر زيادتي هوندي ۽ بدين جا ماڻهو اهڙي غلط فيصلي کي هرگز قبول نه ڪندا. ٽنڊي باگي جي سينيئر صحافي ۽ سماجي اڳواڻ عثمان راهوڪڙي امڪاني بدين ضلعي کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪرڻ ۽ نئون ماتلي تعلقو ٺاهڻ واري فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته بدين اڳ ۾ هڪ ننڍو ضلعو آهي ان کي چونڊيل عوامي نمائندا ۽ ڀوتار ٽوڙائڻ چاهين ٿا جيڪو بدين جي عوام لاءِ هڪ وڏو سانحو ٿيندو جنهن سان بدين جي تاريخي، ثقافتي ۽ سياسي حيثيت ختم ٿي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو