Home / ويندي ويندي / … ته هاڻي پيش آهي حلال صحافت!
above article banner

… ته هاڻي پيش آهي حلال صحافت!

مملڪت خداداد ۾ سڀ کان اڳ سياست کي حلال بڻايو ويو. هاڻ صحافت کي حلال بڻائڻ جو مرحلو زور ۽ شور سان جاري آهي. حلال سياست جي نتيجي ۾ ملڪ کي جهادي،طالبان، ۽ امير المومنين مليا. ڏسون حلال صحافت ڪهڙا غازي. غزنوي ۽ ابدالي پيدا ٿي ڪري.

پاڪستان ٺهڻ جي ٻن سالن اندر حڪمران طبقي ڄاڻي ورتو ته مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ کانسواءِ ڪو به رستو ڪونهي. بلڪه اهڙو ملڪ ٺاهڻ جو کين فائدو ئي نظر نه ٿي آيو. مسلمانن جي الڳ وطن جي مطالبي هيٺ پاڪستان ٺهي ته ويو پر هاڻ ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ڪهڙي وهنوار هيٺ گڏ رهجي، ٽپڙ ۽ اختيار ورجائجن، ان تي هر صوبي جي پنهنجي راءِ هئي. ڀارت مان آيل پناهه گير پاڻ کي اتم سمجهندي ڪنهن به صوبي جي سڃاڻپ ۽ زبان اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هئا. پاڪستان جن علائقن تي ٺهيو سي پنج سئو سال مغل سامراج جا ڏن ڀرندڙ پرڳڻا رهيا. سنڌ تي به مغلن جو فرمان هلندو هيو. مغل سامراج جي گادي دهلي ۽ اترهندستان جي ٻين علائقن تي رکيل رهي. ڀارت مان ايندڙ مسلمانن جا وڏڙا سڌي يا اڻ سڌي ريت مغل تخت ۽ تاج جا وزير، مشير ۽ ڪارندا رهيا. حاڪم طبيعت هئن. هاڻ پاڻ کي سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال وغيره جي رعايا جي صف ۾ ڇو شمار ڪن؟ ان ڪري مهاجر نالي نرالي شناخت قائم رکيائون.

may-15-2014 (58)

سو ، يو پي، سي پي ۽ بهار مان اندڙن نئون ٽڪساٽ گهڙيو ته: “هڪ دين، هڪ زبان، هڪ قوم.” پاڻ ان طلسم جا نگهبان مقرر ٿيا. پاڪستان 1949ع تائين ريپبلڪ آف پاڪستان هيو. 7 مارچ 1949ع تي پناهگير وزيراعظم لياقت علي خان ملڪ جي آئين ساز اسيمبلي ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي Objective Resolution يا قراداد مقاصد سڏيو وڃي ٿو. ان ٺهراءَ پابند ڪيو ته ملڪ جو ڪو به آئين دين اسلام جي روشني، فڪر ۽ رهنمائي کان ٻاهر نه ٺهندو. پاڪستان ريپلبڪ مان ڦري اسلامي ريپبلڪ بڻيو. اهي ڏينهن اهي شينهن سياست ۽ رياست کي دين جي ئي روشني ۾ ڏٺو، پرکيو وڃي ٿو. رياست ته خير 1973ع جي آئين ۾ قرار دار مقاصد جي آرٽيڪل 2-A هيٺ شامل ڪرڻ کانپوءِ مذهبي رياست آهي. پر چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ ڪيئي سياسي خيال اهڙا به آهن جيڪي دين ۽ رياست کي الڳ ڪرڻ جي راءِ رکن ٿا. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ائين آهي. ايئن، جيئن ڀارت ۾ ڀل هندو گهڻائي ۾ آهن. اتي ڪو به مذهب رکندڙ ملڪ جو سربراهه ٿي سگهي ٿو. پر اسان وٽ آئين ان جي منع ڪري ٿو. ڪوب هندو ، سک يا عيسائي ملڪ جو صدر يا وزيراعظم نه ٿو ٿي سگهي.

پر ڳالهه رڳو آئين، سياست ۽ رياست تائين محدود رهي ها ته به چڱو. مذهبي سياست آئين جو قلعو فتح ڪرڻ کانپوءِ سماج کي فتح ڪرڻ لاءِ غازي واري تلوار لوڏيندي اسان پارن جي پٺيان ڪاهي پئي. اڳ باچا خان، جي ايم سيد، ميان افتخار جهڙا ناميارا اڳواڻ تهمتن هيٺ ايندا هئا. هاڻ هر هو ماڻهو جيڪو ملائيت، ضيائيت ۽ طالبانيت جي مهم جو مخالف آهي اهو مصيبت ۾ اچي ٿو وڃي.

مٿان وري اوهان جيڪڏهن سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙ سان اتفاق نه ڪندي سرٽيفڪيٽ جو شڪار ٿيندڙ سان ٻه ٻول همدردي جا ڳالهايو ٿا ته اوهان به “ حرام”. ٿي وڃو ٿا. سلمان تاثير ۽ راشد رحمان پاڻ ٿورئي تهمت هيٺ آيا هئا. کين ان لاءِ ماريو ويو ته اهي تهمت هيٺ ايندڙ جي قانون ۽ آئيني حقن لاءِ اڳتي آيا ۽ پاڻ اجل جو شڪار ٿي ويا.

جيو ٽي وي جي مالڪ ۽ پروگرام جي ميزبان ڊاڪٽر شائسته واحدي کان جيڪا به گستاخي ٿي ، الائي غلطي ٿي، جنهن لاءِ هو معافيون به گهرن ٿا، پر ان سڄي مامري کان پوءِ ميڊيا هاڻ اها ساڳي نه رهندي. ڪيبل آپريٽرز جي جيو مخالف پريس ڪانفرنس ٻڌڻ يا جيو مخالف ٽي وي چينلز جو “ديني عقائدو شعائر” تي گفتگوو ٻڌڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته هاڻ امرجليل، اياز امير ۽ اهڙن لبرل سوچ رکندڙ ماڻهن جي راءِ ڇاپڻ يا ڳالهه ٻولهه هلائڻ ڏکيو يا ناممڪن بڻايو ويندو. ليکارين کان لکڻ کان اڳ “ حلال گفتگو” جو سرٽيفڪيٽ وٺرايو ويندو. هڪ “قرارِداد مقاصد” ميڊيا لاءِ به تيار ڪئي وئي آهي. حامد مير تي حملي کان پوءِ جيو جي نافرماني کان پوءِ جيئن چئبو آ ته ڪنهن جو روئڻ راحت ۽ ڪنهن جو کلڻ خواري، تيئن جيو چئنل ڇا به ڪري ها، کيس ڪنهن نه ڪنهن “گستاخي” جي سزا ضرور ملڻي هئي. هاڻ شائسته واحدي ڀل پالڻهار کان معافيون وٺي، پر جيد علماءُ طرفان مير شڪيل رحمان کي معافي ملڻ تائين جيو جي نشريات ڏسڻ ئي حرام قرار ڏني وئي آهي.

ڪو زمانو هيو ته هوٽلن تي لکيل هوندو هو ته “هتي سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي” جلد اوهان کي ميڊيا تي اهو بورڊ ملندو ته هتي “حرام” گفتگو منع آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو