Home / اسپيشل افيئر / جيمس برنس، ميرن جي درٻار
above article banner

جيمس برنس، ميرن جي درٻار

Akhtar Balochجيمس برنس برطانوي راڄ جي هڪ ڊاڪٽر جي شڪل ۾ جاسوس هو، جنهن 18 هين صدي ۾ ميرن جي درٻار تائين رسائي حاصل ڪري ورتي هئي. سندس يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب “سنڌ جون درٻارون” 11 آڪٽوبر 2004ع تي ڇپيل ڇهين شماري ۾ لکيو ويو آهي ته : “ ڊاڪٽر برنس اهڙي قوم جو فرد هو جنهن سنڌ تي قبضو ڪري ان تي برطانوي راڄ قائم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي ورتو هو. ان ڪارڻ اهي مقامي حڪمرانن، قبيلن ۽ عام ماڻهن کي پاڻ کان گهٽ ۽لاچار سمجهندا هئا. ان ڪري کائنس سندس دل ۾ نفرت موجوده هئي، ليڪن ان حقيقت کي تسليم ڪندي به اهو چوڻو ٿو پوي ته سندس اکين ڏٺو احوال تڏهوڪي دور جي عڪاسي ڪري ٿو. اهو مواد پڙهندڙ لاءِ معلومات جي حاصلات جو وڏو ذريعو آهي ۽ دلچسپي کان خالي نه آهي.”

جيمس برنس جي انهن خدمتن جي حوالي سان انگريز دور ۾ڪراچي جي هڪ روڊ جو نالو برنس روڊ رکيو ويو. ورهاڱي کانپوءِ ان روڊ جو نالو شاهراه لياقت رکيو ويو.ليڪن توهان شاهراهه لياقت جي ڳولا ۾ نڪرو ته شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ليڪن ڪراچي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو ملي جنهن کي برنس روڊ جي خبر نه هجي.

ان جو سبب جيمز برنس جي برطانوي راڄ لاءِ خدمتن جو اعتراف ناهي ۽ نه وري لياقت علي خان جي عظمت کي تسليم ڪرڻو آهي بلڪه ان جو سبب برنس روڊ تي وڪرو ٿيندڙ مزيدار حليم، برياني، دهلي جي نهاري، دهي بڙي، قورمه، گولا ڪباب حلوو پوري، مٺائي بلڪه کائڻ پيئڻ جي ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا هن روڊ تي موجود نه آهي.

جيمس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جون درٻارون” ۾ ته وقت جي حڪمرامن ٽالپر خاندان جي ميرن بابت دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن. ڪتاب جي صفحي نمبر 35 تي لکي ٿو ته:

“بلوچن جي روايت مطابق مريضن کي دوا کارائڻ کان اڳ حڪيم کي پاڻ به دوا کائڻي پوندي هئي، مير مراد علي دوا کي ڪيئن هٿ لائي ها جيستائين آءُ نه کاوان، آءُ به ان ڪوڙي دوا جا ٻه ٽي وزن کائي ٿڪجي پيو هئس. آخر اها شامت بدبخت هڪ نوڪر تي وڃي پئي. هن ويچاري کي بنا ڪنهن گناهه فائدي جي ڪافي وقت تائين اها دوا کائڻي پئي، جنهن سبب سندس دل ۽ دماغ تي برطانوي دوائن بابت نهايت خراب اثر پيو هوندو.”

may 31-2015       3

جميس برنس بابت مون ڏاڍي ڪوشش ئي ته طب جي حوالي سان هن تعليم ڪٿان حاصل ڪئي ۽ ڪيترو عرصو ڪيائين ليڪن بدقسمتي سان ان حوالي سان ڪا معلومات حاصل نه ٿي سگهي. مير حڪمرانن جي جديد طب بابت معلومات هونئن به نه هئڻ برابر هئي. ليڪن جيمس برنس مير مراد علي کي شفاياب ڪرڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيو، ان جو اعتراف هو پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت ڪري ٿو:

“توقع جي ابتڙ اوچتو صحتيابي جو بنيادي سبب اهو هو ته مون اچڻ شرط گرم دوائن جو استعمال بند ڪرائي ڇڏيو. ليڪن مير صاحب اهو سمجهيو ته آءُ ڪو وڏو تجربيڪار حڪيم آهيان. ان کانپوءِ خوشقسمتي سان اهڙا اتفاق ٿيا جو ميرن کي منهنجي قابليت جي پوري طرح پڪ ٿي وئي.

آخر اهڙي ڪهڙي دوا هئي جنهن جي استعمال سان مير صاحبان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويندا هئا؟ ان بابت جيمس برنس جو چوڻ آهي ته: “اها دوا ڪونين هئي. ان بابت هاڻي به سنڌ جي عوام کي ڪا معلومات ناهي. مقامي ماڻهو جيڪي موسمي بخار جو شڪار ٿيندا هئا، انهن لاءِ اهو هڪ بهترين علاج هو. ان جي سببن بابت ماڻهن کي مون اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مٿن ان دوا جو ڪهڙو اثر ٿيندو. ماڻهو ان تي حيران به ٿيندا هئا. ليڪن مير صاحبان کي جڏهن ڪونين جي اثرائتي هجڻ بابت خبر پئي ته انهن ڪونين جي شيشي منهنجي اجازت کانسواءِ پنهنجي استعمال خاطر تالي ۾ بند ڪري ڇڏي. هڪ ڀيري جڏهن آءُ پاڻ سخت بيمار ٿيس تڏهن به مون کي دوا نه ڏني وئي. موڪلاڻي وقت مون کانئن خالي شيشي گهري ته اها به ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون! سندن خيال هو ته دوا سان گڏ شيشي ۾ به ڪو جادو جهڙو اثر آهي.”

مير حڪمرانن جون عادتون به هندستان جي ٻين حڪمرانن جهڙيون هيون. رکيل عورت (Keep) رکڻ ڪا خراب ڳالهه نه هئي. ليڪن انهن مان ڄمندڙ ٻارن سان سندن رويو برداشت جوڳو نه هوندو هو. جيمس برنس ان حوالي سان لکي ٿو ته:

“مير محمد خان جو ڪو اولاد نه آهي، ياد رهي ته سنڌ جي درٻارن ۾ اهو رواج آهي ته رکيلن مان ڄاول ٻارن کي ڄمندي ئي ماريو ويندو آهي، ان خوفناڪ رواج سبب بي دردي سان ظلم ٿيندا هئا. مون کي ڄاڻو ذريعن وٽان خبر پئي ته ان ڪٽنب جي فقط هڪ ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ 27 ٻار قبر ۾ دفن ڪيا.”

حالانڪه ان سلسلي ۾ حضرت محمد ﷺ فرمائين ٿا ته “ جيڪي ماڻهو پنهنجي جهالت ۽ بي علمي سبب پنهنجي ٻارن کي مارين ٿا، اهي خدا طرفان ڏنل رزق کي حرام ڪن ٿا، انهن لاءِ ڇوٽڪارو نه آهي.”

مير صاحبان جي حڪمراني جو انداز ان وقت جي هندستان جي حڪمرانن کان ٿورو مختلف هو. ننڍي کنڊ جي ٻين ڀاڱن ۾ اصل حڪمران اهو ئي هوندو هو جيڪو تخت تي ويٺل هوندو هو، ان جي ٻين ڀائرن جي ڪا اهميت نه هوندي هئي. ضرورت پوڻ تي انهن کي قتل به ڪرايو ويندو هو ليڪن مير صاحبان اهڙا نه هئا، سڀ ڀائر جيڪي تعداد ۾ ٽي هئا گڏجي حڪمراني ڪندا هئا ليڪن ڪنهن کي به راڄڌاني ۾ اڪيلو رهڻ نه ڏيندا هئا، ان جو ڪارڻ جيمس هيئن ٿو بيان ڪري:”

“ميرن جي هڪ عجب خاصيت آهي ته انهن کي هڪ ٻئي تي اعتماد نه آهي، آءُ ان جو ذڪر اڳ به ڪري چڪو آهيان ته مير مراد علي جي بيماري وقت اهي سڀ ڪافي مهينن تائين حيدرآباد قلعي کان ٻاهر ئي نه نڪرندا هئا، جڏهن اهي شڪار ڪرڻ نڪرندا هئا ته احتياط طور ڪنهن کي به قلعي ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا هئا. مير صوبدار خان جڏهن سلام ڪوٽ وڃي بغاوت ڪئي ته هو وڃڻ وقت ٻين کان پوئتي ۽ اڪيلو هو. اهڙي بدگمان ۽ خطرناڪ آئين هيٺ حڪومت ڪرڻ قابل رشڪ نه هو. مير مراد علي هڪ ڏينهن کليل دل سان مون کي ٻڌايو ته حڪمرانن جي سر مٿان شينهن جهڙو وزني ٻوجهه هوندو آهي. ان وزن جو اندازو فقط حڪمران ئي ڪري سگهن ٿا.”

تاريخ جي مطالعي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ تي انگريزن جي قبضي ۾ سندن صلاحيتن جو ڪمال نه هو بلڪه ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ٽالپر حڪمرانن جي پاڻ ۾ بد اعتمادي ۽ مقامي آبادي جنهن ۾ هندن جي گهڻائي هئي، جي باري ۾ سندن مخالف روش هئي. جيمس برنس ڪتاب جي صفحي 53-52 تي لکي ٿو ته:

“جڏهن آءُ سنڌ مان روانو ٿيس ته مير صاحبان پنهنجون ٻه گهڙيون مرمت لاءِ مون کي ڏنيون. اتفاق سان سندن هڪ ملازم چيو ته ڀڄ ( ڀارت جو هڪ علائقو) ۾ هڪ هندو آهي جيڪو گهڙين جي مرمت جو ماهر آهي. اهو ٻڌي انهن گهڙيون منهنجي حوالي ڪرڻ کان ان وقت تائين انڪار ڪيو، جيستائين مون اهو واعدو نه ڪيو ته اهي گهڙيون ڪنهن بت پرست حوالي نه ڪيو وينديون.

هڪ قيمتي تلوار مير صاحبان مون کي سوکڙي طور ڏني جنهن تي سندن هڪ وزير لکيو هو، جنهن تي اهي فخر به ڪندا هئا. ان لکت جي منڍ ۾ اهو هو ته “ڪاش هن تلوار سان هڪ لک هندو ماريا وڃن.”

جيمس برنس جي ڪتاب ۾ اهڙي ڪافي ساري ڄاڻ موجود آهي، جنهن مان ان وقت جي ميرن جي طرز حڪومت بابت انڪشاف ٿين ٿا. تحقيق جو دامن محدود نه آهي. ان حوالي سان جاچ جي گهڻي گنجائش آهي. اميد ته تاريخ جا شاگرد منهنجي معلومات ۾ به واڌارو آڻيندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو