Home / پروفائيل / حسن درس کي ڀيٽا اهو ئي جون!
above article banner

حسن درس کي ڀيٽا اهو ئي جون!

may 31-2015       13“جون جولاء…… جون جولاءِ……. جون جولاءِ…!

18 سالن جي ان ساٿ ۾ الائي ته ڪيترائي سو ڀيرا هن جي واتان انهن مهينن جون نالو ٻڌو هوندم ، ڪا ڳالهه، ڪو ڪم يا ڪائي خواهش ۽ هن جو اڪثر جون جولاءِ تائين صبر ڪرائڻ ۽ پوءِ ته بس، مون به هن جي چڙ ٺاهي ڇڏي، هر نه ٿيڻ واري ڳالهه جو نالو ئي جون جولاءِ رکي ڇڏيم ۽ هن جا ٽهڪ، ان سچ کي ڄڻ هوائن ۾ تحليل ڪري ڇڏيندا هئا. پر مون کي ڪهڙي خبر هئي، ته اهو جون ئي هوندو، جيڪو مون مٿان قيامت بڻجي ڪرندو، ڪاش ان ظالم سچ کي به حسن جا ٽهڪ هوائن ۾ لڪائي ڇڏين ها.

وقت، حالتون ۽ ڪي قدر ڪيفيتون، ڪيئن نه انسانن کي بيوس بڻايو ڇڏين، ان قيامت کي من منهن ڏيڻ کانپوءِ مون همت آڌار تي ڪيترائي ڀيرا هن تي لکڻ چاهيو آهي، پر اها خبر نه هيم ته حسن جي ئي ڳوٺ جي “درس سڳورن” جيان منهنجون پنهنجون به سڀئي همتون مون کان منهن موڙي پريان بيهي تماشو ڏسڻ لڳنديون.. سڏڪا… سڏڪا.. سڏڪا!

مان زندگي جهڙي ان شخص کي پنهنجي مري ويل لفظن جي ڪهڙي ڀيٽا ڏيان….. هن تي لکڻ جو سرو ڪٿان ڳولهيان “ آهي” مان يا “هو” مان ؟

لاڳيتا ٽي سال ڪئلينڊرن جا 36 پنا ڦارڻ کانپوءِ به هن جي يادن جي روشني جهڪي نه ٿي سگهي آهي، هن سان گهاريل وقت، لمحا لمحا بڻجي تيز تڪڙو منهنجي کليل توڙي بند اکين سامهون سلائيڊ وانگر هلندو رهي ٿو Non Stop ۽ مان تڏهن به هن تي قلم کڻڻ کان قاصر!

“بهادر ارم، تون ايڏي ڊڄڻي!” منهنجي اندر ئي ڄڻ مون تي هر ڀيري ٺٺوليون ڪيون.

ساري سنڌ جي هن شهزادي جا سير سفر ، موج مستيون، رولاڪيون، دوستيون، دلبريون سڀ پنهنجي جاءِ تي، پر به انهن مڙني، مشغلن کان پوءِ بچي ويل سڀ لمحا اسان جا هئا، ڀل ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي پوءِ به بيشمار ۽ ڏاڍا قيمتي پل هئا اسان Hassans جا! ڏک، سک پيار، محبتون، رنج رساما، انگل آرا، سڀ جا سڀ رنگ ۽ زندگي جا ذائقا هن جي مختصر ساٿ چکرائي ڇڏيا هئا مون کي .

may 31-2015       12

شادي ارينجڊ هجي يا پسند جي ، ڪٿي نه ڪٿي گهٽ وڌائي ضرور ٿيندي آهي، اسان جي زندگي جو به شروعاتي ڪجهه عرصو عجيب ۽ غريب حالتن جوشڪار رهيو. هڪ ڊسيپلينڊ لائف اسٽائل…. ۽ هڪ ان جي بنهه ابتڙ… ماحول جو ٽڪراءُ… حسن جي دوستن جي گهڻائي تي مون کي ڪڏهن به اعتراض نه رهيو، پر گهر کي اوطاق جي روپ ۾ ڏسڻ مون کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هو، رهي سهي ڪثر وري ڳوٺان ايندڙ ماڻهن جي هيڪاندي اچ وڃ پوري ڪري ڇڏي، اهي حالتون مون کي اندر ئي اندر ٻوساٽڻ لڳيون، تڏهن مون نه رڳو احتجاج ڪيو پر رنج رساما به ٿيا، پر حسن انهن حقيقتن کي ڏاڍو Lighty ٿي ورتو، مان انهن سمورين ڳالهين جو ذميوار هرو ڀرو حسن کي به نه چوندس، ڇو جو هن گهريلو زندگي ڏٺي هجي ته انهن قدرن کي به سمجهي ها، پر حيراني ٿيندي هئم هن جي انهن معتبر، دوستن تي جيڪي شادي ٿيڻ کانپوءِ، حسن کي آزادي کسجڻ، مسئلن ۾ الجهڻ جا خوف ڏياري کيپ کٽيندا هئا، مون کي اهو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه ٿي ته ڪير هن سان مخلص آهي ۽ ڪٿي هو غلط نموني استعمال ٿئي پيو، شروعاتي ڏينهن وارين انهن حالتن ۾ ماءُ پيءُ جو آسرو مون لاءِ وڏو سهارو هو، جن نه رڳو مون کي سمجهايو ٿي ته حسن کي به، جنهن کانپوءِ جلد ئي اسان ٻنهي اها حقيقت سڃاڻي ورتي ته اسان جا اختلاف، ساڌن جي روپ ۾ جيڪي ساڙيلا هئا، تن لاءِ خوشي ۽ آٿت جو سبب بڻجڻ لڳا هئا پر اها حسن جي سياڻپ هئي، پيار هو جنهن ان رشتي جون واڳون مضبوطي سان سنڀالي ورتيون.

اها حقيقت آهي ته حسن وس پڄندي مون کي هر سک ڏنو، ساهراڻي گهر ۾ گڏ رهڻ جي باوجود هن منهنجون توڙي پنهنجي ٽنهي ٻارن جون پوريون ضرورتون ۽ ذميواريون پاڻ نڀايون. مان شڪر ڪيان ٿي خدا جو جنهن منهنجي طبيعت سڪڻي يا ريساڙي نه ٺاهي ان ڪري حسن فائدي ۾ رهيو، نه ته اڪثر ٻڌائيندو هو ته ڪيترائي دوست رڳو زالن پاران ٿيندڙ اجاين خرچن جو پٽڪو لايو ويٺا هوندا آهن، تڏهن مان ٻڌائيندو آهيان منهنجي زال خرچائو ناهي، اهڙوCompliment ڪيئن نه مون کي خوشي ڏيندو هوندو..

حسن مون سان روايتي سنڌي مڙس وارو رويو رکڻ بدران سدائين دوستاڻو رويو رکيو. هن مون تي ڪڏهن به پابنديون نه مڙهيون ته هن سان مل يا، هن سان نه مل، ڪڏهن به منهنجي آيل ميل جي جهڙتي نه ورتي ۽ نه ئي ويهي موبائل جانچيا جيڪو، ڪم ظرفن جو ئي ڪم ٿئي. مان پروگرامن ۾ گهٽ ويندي آهيان فيملي جا هجن يا ادبي، هڪ ڀيري حسن ۽ ان جي ڪجهه دوستن مشاعرو ڪرايو هو، مون کي هلڻ لاءِ چيائين پر نه وئي هيس. واپس آيو ته شڪايت مان چيو هئائين “شاعرائن چيو ته پنهنجي زال کي پردن ۾ لڪايو ويٺو آهين ان کي ڇو نه آندئي پر اهو ڪشادي دل ۽ ذهن وارو حسن ئي ته هو، جيڪو مون کي جڏهن ڳوٺ وٺي هلندو هو ته چادرن، پوتين ۾ ويڙهي سيڙهي نه بلڪه فخر مان فرنٽ سيٽ تي ويهاري هلندو هو.

ننڍپڻ جي يتيمي ۽ ان کانپوءِ پلئه پوندڙ محرومين جا بيشمار ٻج هن جي اندر ۾ ته ڪڏوهڪو ڇٽجي چڪا هئا پر جڏهن سندس شاعري جا جادوئي رنگ هنڌين ماڳين رسڻ شروع ٿيا ته محروميون ڌنڌلائڻ لڳيون. نمڪين، معصوم مهانڊن، اندر جي اجرائي ۽ ذهانت سان ڀرپور حسن کي هر دل ۾ جاءِ ملڻ شروع ٿي ويو، هو جنهن سان به ٿي مليو، ان جو ئي ٿي ويو، ۽ تڏهن مان اهڙي دعويٰ ڪئين ڪيان ته، نه … حسن بس رڳو منهنجو ….

پيءُ جي وڇوڙي کانپوءِ جو وقت اونداهي ڳوٺ جي هن روشن ڇوڪري ڪيئن ۽ ڪهڙي حالتن ۾ گهاريو، اهي سمورا احوال هن رڳو مون سان ئي نه پر انهن سان به دل کولي اوريا جيڪي هن کي دل جي ويجهو هئا. ماٽيلي آڪهه ٿي هڪ پاسي، پر سڳي ڀاءُ به پيءُ جي جاءِ تي هئڻ باوجود هن سان جيڪي بيواجبيون ڪيون ان جو ڏک به هن کي گهٽ ڪو نه هيو، اهي ڳالهيون هن جي ويجهن دوستن کان به لڪل نه هونديون جن سان هو شيئر ڪندو هو.

حسن جي مقبوليت جو سبب بيشڪ ته هن جي بيمثال شاعري آهي، پر ان سان گڏ هن جي شخصي ڪشش به ڪمال جي هئي، جيڪا ماڻهن کي حقيقت جيان پاڻ ڏي ڇڪي وٺندي هئي. سندس رهائي رسائي جو به هاڻ ته ڪو ڇيهه ڪو نه هو ۽ جڏهن ان ڳالهه جو اندازو حسن جي ڳوٺاڻن مٽن کي شروع ٿيو، ته اهي ساڳيا جيڪي اڳ ۾ هن کي بيڪار، ناڪاره،سست ۽ Useless شاعر چوندا هئا سي ان ساڳي بيڪار ڏي ڊڪندا ايندا هئا، حسن هاڻ اهڙن ماڻهن لاءِ الادين جو چراغ بڻجي پيو هو، سرڪاري نوڪري، ماسترين کان NGO ۾ ڀرتيون ڪرائڻ تائين، ٽي وي ۽ اخبار ۾ نوڪريون ڏيارڻ تائين، بينڪ مان قرض وٺي ڏيارڻ، وڪيلن جا مامرا، فلاڻي کي ڇڏرائڻ، فلاڻي کي ٻڌارائڻ مشائخي مريضن کي حيدرآباد ۾ پنهنجي ڊاڪٽر دوست تائين کڻي اچڻ، سڀ حسن جون ذميواريون ٿي پيون، هڪ ڀيري چيو مانس، توهان کي ته ڪار خير، کٽڻ جي عادت ٿي وئي آهي، يقينن سٺي ڳالهه آهي پر سيڪڙن جي حساب ۾ مفتا مشائخي مريض، مفتا ڊاڪٽر بيکي، ڀرت ۽ شاهه صاحب جي مٿي تي هڻي، انهن جو ڌندو ڇو ٿا چوپٽ ڪيو. مفت وارا علاج لڳندا به ڪٿي آهن، هو اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو کليو هو، جو اهي ڳالهيون کيس به دل سان ٿي لڳيون، پر به هو سڀ جو ڀلو چاهيندڙ، هٿين خالي هوندي به نهايت وڏي دل وارو شخص هو، هو پنهنجي رويي بدران، اعليٰ ظرفي سان حالتن ۽ ماڻهن کي منهن ڏيڻ چاهيندو هو. حسن کي مون ڪڏهن به اهڙا سٽل سٽيندي نه ڏٺو، جنهن ۾ ڪنهن جي ڪردار ڪشي يا نقصان پهچائڻ جا منصوبا هجن. انهن جن زندگي ۾ جتي به هن سان ناانصافيون ڪيون، تن جا فيصلا هو قدرت جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو.

هن کي زندگي سان ڏاڍو پيار هو…. سندس ٽيئي ٻار به هاڻ وڏا ٿي رهيا هئا، هن انهن لاءِ خوبصورت خواب آڻڻ شروع ڪري ڏنا هئا. روحل، هن جو جيءُ، چيزل هن جي جان، ۽ ردم هن جو روح. آزاد پکي جهڙي حسن کي هوريان هوريان سمجهڻ لڳي هئس، هن جي روح جي انڌيرن ۾ به لٿس ته روشنين کي به محسوس ڪيم.. ۽ زندگي نيٺ اهو وقت به کڻي آئي جڏهن هن جا خواب ساڀيان جا ويس پائڻ لڳا هئا.

سندس حادثي کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ڳالهيون ڪندي اوچتو ڪنهن ڳالهه تي پنهنجي هٿ کي کولي هن جي سامهون جهلي چيو هئم ڏسو ته منهنجي لائيف لائين ڪيڏي ننڍي آهي، درويش چيو ته تو کي ڪجهه نه ٿو ٿئي، ڏٺو نه اٿئي سدائين زالون بيواهه ٿينديون آهن، مڙس ويچارا اڳ ۾ ئي مريو کپيو وڃن. ايئن ڇو ٿا چئو، الله نه ڪري…. مون خوف مان وراڻيو. اهي ئي هيون اسان جون محبتون ۽ اهي ئي هئا اسان جا جهيڙا جهٽا….. ۽ بس ايئن فقط ٻن ڏينهن کانپوءِ حسن پنهنجي وائي پوري ڪري ويو… هڪ اها ارم جيڪا پنهنجي زندگي جهڙي گهوٽ جي ڀر ۾ ڪنوار بڻجي ويٺل هئي……. ۽ هڪ اها ارم، جيڪا مرده خاني ۾ پنهنجي گهوٽ جي بيجان ٺري ويل وجود جي پاسي ۾ ٻين جي سهاري بيٺل… ۽ بس اها ئي هئي اسانجي زندگي.. اسان جو موت…

منهنجي اکين ۾ ڀرجي آيل کارو پاڻي.. اڳتي ڪجهه سوچڻ نٿو ڏئي.. ڪجهه به لکڻ نه ٿو ڏئي…!

rohamhassan1@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو