Home / اسپيشل افيئر / سرڪاري ملڪيتون، جيالن جي قبضي ۾!
above article banner

سرڪاري ملڪيتون، جيالن جي قبضي ۾!

Zahid Khokharحيدرآباد ضلعي جي تعلقي قاسم آباد جون سرڪاري زمينون اڄڪلهه سياستدانن جي پٺڀرائي رکندڙ بااثر شخصيتن لاءِ لٽ جو مال بڻجي ويون آهن. هزارين ايڪڙ سرڪاري زمينون قبضي هيٺ اچڻ بعد هاڻ بااثر شخصيتن جون اکيون عوامي ڀلائي لاءِ جڙندڙ سرڪاري اسڪيمن منجهه آهن. قاسم آباد واسين جي سهولت لاءِ سنڌ سرڪار طرفان جڙندڙ نئين سبزي منڊي رات پيٽ ۾ هائوسنگ اسڪيم ۾ تبديل ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ واسين جي حقن تي ڌاڙو ۽ هزارين پورهيتن جو روزگار کسيندڙ اهڙي عمل ۾ روينيو، پوليس، آبپاشي ۽ زراعت کاتي جي عملدارن شير شاهه جي شِڪرن وانگر پنهنجي گهر جا ئي ڪڪڙ کائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته ڪجهه بااثر سياستدانن وري هن عوام دشمن وارتا کي روڪڻ بدران ان جي چوڪيداري ڪئي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پنهنجي دور ۾ قاسم آباد تعلقي جي ديهه سَرِي ۾ واقع 250 ايڪڙ سرڪاري زمين تي سبزي منڊي جي رٿا شروع ڪئي، اهڙي اسڪيم لاءِ نقشا به پاس ٿيا ۽ هزارين دڪاندارن دڪان پڻ بُڪ ڪرايا، پر سرڪار بدلجڻ بعد هيءَ اسڪيم رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ پوءِ سرڪاري زمينن تي قبضن لاءِ تاڙ ۾ ويٺل لينڊ مافيا راتو واهه هن سرڪاري سبزي منڊيءَ کي قانون جون سڀ حدون اورانگهي هالار ۽ بختاور هائوسنگ اسڪيمن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. حيدرآباد جي شهرين جو کيسو ڪٽڻ لاءِ پلاٽن جي بڪنگ شروع ڪئي وئي، پر شهرين کي اهو نه ٻڌايو ويو ته هي زمين دراصل سرڪاري آهي، جتي سبزي منڊي تعمير ٿيڻي آهي.

هيءَ سڄي ڪارستانيءَ حيدرآباد جي بلڊر ۽ مشهور زمانا لينڊ مافيا جي هڪ ڊان سرڪاري عملدارن کي اسڪيم ۾ پارٽنر بڻائي ڪئي. هن اربين رپين جي فراڊ پٺيان روينيو کاتي جو مختيارڪار علي ذوالفقار ميمڻ به مبينا طور ملوث ڄاڻايو وڃي ٿو، ان سلسلي ۾ “افيئر” الزام هيٺ آيل ڌرين کان موقف وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر ڌريون ڪجهه به ڳالهائڻ لاءِ راضي نه ٿيون.هن سرڪاري زمين تي خانگي بنگلا ۽ ٻيون اڏاوتون قائم ٿي ويون آهن. حقيقت اها آهي ته حيدرآباد پوليس پڻ هن قبضي ۾ ڌرين سان ٻٽ بڻيل آهي. زمين تي موجود پوليس عملدار ۽ اهلڪار قبضا خالي ڪرائڻ بدران لينڊ مافيا جي سيڪيورٽي ۾ رڌل نظر اچن ٿا. ٻئي پاسي سنڌ واسين جي خدمت لاءِ سرڪاري پگهارون کڻندڙ روينيو کاتي جا عملدار سنڌ جي ملڪيتن کي تين وال ڪرڻ جي ڪِرت سان ڏينهن رات لڳل آهن، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب روينيو عملدارن هائوسنگ اسڪيم جا بوگس ڪاغذ ٺاهڻ جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. خاص طور تي مختيارڪار قاسم آباد سرڪاري زمين جون غيرقانوني سندون ٺاهڻ واسطي مبينا طور سرڪاري رڪارڊ ۾ وڏي پيماني تي هيراڦيري ڪئي آهي. هوڏانهن صوبائي ۽ وفاقي ايجنسين هن غيرقانوني عمل جي جاچ پڻ تيز ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ مختيارڪار قاسم آباد کي ليٽرز لکي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، پر مختيارڪار اڃا تائين ڪا به رپورٽ وغيره ناهي اماڻي.

may-15-2014 (30)

ٻئي پاسي دادو ضلعي جي ٻن اهم تعلقن ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جون سرڪاري زمينون، پلاٽ ۽ عمارتون اڄڪلهه جو مال غنيمت بڻجي پيون آهن. ٻنهي تعلقن اندر بااثر شخصيتن سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪري نوان رڪارڊ قائم ڪري ورتا آهن. ڄاڻايل تعلقن اندر سرڪاري ڌر سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ سرڪاري عملدارن وچ ۾ قبضن جو مقابلو هلندڙ آهي، هڪ ٻئي جي ريس ۾ سرڪاري ملڪيتون تين وال ڪيون ويون آهن ۽ انتظاميا هن سموري ڊرامي کي خاموشيءَ سان ڏسڻ ۾ پوري آهي. عوام جي ووٽن تي چونڊيل نمائندن، سندن مٽن مائٽن، ڪمدار ڪڙن توڙي سرڪاري عملدارن اهڙين سرڪاري ملڪيتن تي اڏاوتون قائم ڪري ورتيون آهن. سرڪاري پلاٽن ۽ عمارتن تي ڏاڍ ذريعي قبضو ڪندڙ بااثر شخصيتن ۾ پ پجي هڪ مک اڳواڻ جو ويجهو مذڪوره جيالي ۽ ٻيا چانڊيو سرفهرست آهن. هٿ ڪيل معلومات ۽ انگن اکرن موجب ميهڙ ۾ واٽر سپلاءِ جي 14 جريبن تي ٻڌل ٽن تلائن تي پ پ اڳواڻ مزن چانڊئي پاران مبينا طور قبضو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايس ڊي او آبپاشي جي بنگلي تي بااثر شخص نه رڳو قبضو ڪيو، پر اهو بنگلو پنهنجي ملڪيت سمجهي وڪرو به ڪري ڇڏيو.

اهڙي ريت ميهڙ ٿاڻي اڳيان روينيو کاتي جي پلاٽ تي يونين ڪائونسل جي اڳوڻي نائب ناظم شير چانڊيو مبينا طور قبضو ڪيو آهي. پ پ سان لاڳاپيل مذڪوره جالي تعلقي اسپتال اڳيان سرڪاري زمين تي قبضو ڪري 40 دڪان پڻ تعمير ڪرائي ورتا آهن، ساڳي ريت هڪ ٻئي جيالي ميهڙ ۾ آبپاشي کاتي جي پلاٽ کي به نه ڇڏيو، جڏهن ته ميهڙ ڊگري ڪاليج ۽ مونوٽيڪنيڪل ڪاليج جي گيٽ ڀرسان واقع سرڪاري پلاٽ کي به مبينا طور پنهنجي ذاتي ملڪيت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي يو سي گاهي مهيسر جي اڳوڻي ناظم محمود مهيسر، پ پ اڳواڻ پنهل چانڊئي ۽ جلال چانڊئي ڪڪول واهه جي ٻنهي پاسي مبينا طور قبضا ڪري دڪان اڏي ڇڏيا آهن. ڪجهه جيالن کي وري ٻيو ڪجهه هٿ نه آيو ته هنن ٽي ايم اي جي گندي پاڻي جي کوهن تي قبضو ڪري اڏاوتون قائم ڪيون. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته شهر جي گندي پاڻيءَ جي تلائن تي به قبضا ٿي وڃن ته پوءِ شهر جو گندو پاڻي ڪيئن نيڪال ٿيندو؟ ميهڙ جو تپيدار وزير سومرو به ڪنهن کان گهٽ ناهي، هن سرڪاري عملدار وري فريد آباد بس اسٽينڊ جي پٺيان سرڪاري پلاٽ هٿ ڪيو. راڌڻ ۾ ريسٽ هائوس، سرڪاري پلاٽن، گودامن ۽ ريلوي جي پلاٽن تي تعليم کاتي جي آفيسر برڪت جانوري مبينا طور قبضو ڄمائي ورتو آهي. راڌڻ ڀرسان شاهه ٻيلي جي زرعي زمين پڻ بااثر شخصيتن جي قبضي هيٺ اچي وئي آهي. جتي 200 ايڪڙن تي ديدار جانوري، 100 ايڪڙن تي ايس ايچ او منور جهتيال ۽ 100 ايڪڙ زمين تي پير صدرالدين مبينا طور قبضو ڪيو ويو آهي.

چيو وڃي ٿو ته پ پ اڳواڻ محراب لاکير ۽ رفيق لاکير نئين ڳوٺ ۾ ٿاڻي آڏو سرڪاري پلاٽ تي مبينا طور قبضو ڪري شاپنگ سينٽر تعمير ڪرائي ڇڏيو آهي. ساڳي ريت رفيق لاکير درگاهه سعدي موساڻي ويجهو اوقاف کاتي جي ننگرخاني تي مبينا طور قبضو ڪري ورتو آهي. پ پ ايم پي اي جي ڪمدار به وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئيندي ٿرڙي محبت ٽائون ڪميٽي جي پلاٽ ۽ ميونسپل جي گندي پاڻي واري تلاءَ تي مبينا طور قبضو ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف هڪ پوليس عملدار راڌڻ وليج جي بنيادي صحت مرڪز جي پلاٽ ۽ ڪوارٽر تي مبينا طور قبضو ڪري ورتو آهي. پ پ اڳواڻ تابن شاهه نيرهه جي پرائمري اسڪول تي مبينا قبضو ڪيو آهي.

هوڏانهن ايس ايس پي جان محمد برهماڻي جي اک وري قبرستانن تي پئي، جنهن ڪڪڙ جي مراد شاهه قبرستان، مخدوم علي شير درگاهه جي قبرستان، بابن شاهه قبرستان سان گڏ هاءِ اسڪول جي پلاٽن تي مبينا طور قبضو ڪيو. هاڻي ڳالهه ڪبي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي، جتي پ پ اڳواڻ جي هڪ ويجهي عزيز آبپاشي آفيس ڀرسان اسڪول جي پلاٽ، سيتا بس اسٽينڊ جي پلاٽ ۽ ڪڍڻ شاخ تي مبينا طور قبضا ڪيا آهن. خيرپور جي ڪڻڪ جي گودام تي وري پ پ اڳواڻ عرض محمد عرف ڏاڏو کوسو، غلام حسين پٺاڻ، نورالدين کوسي، دائم چانڊئي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ زاهد شاهه ۽ عذير کونهاري مبينا طور قبضو ڪيو آهي. پ پ ڪي اين شاهه جي صدر اعجاز چانڊئي ۽ آفتاب چانڊئي ٽي ايم اي جي ٽانڪي تي مبينا طور قبضو ڪري ورتو آهي. آبپاشي کاتي جي هڪ قيمتي پلاٽ تي مبينا طور قبضو ڪيو. جڏهن ته گرڊ اسٽيشن جي سامهون پڻ مبينا طور قبضو ڪيو ويو آهي. مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن قبضا مافيا کي ترت ٻنجو نه ڏنو ويو ته شايد عام ماڻهن جا گهر به محفوظ نه رهي سگهندا.ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ سرڪاري ملڪيتون ڏينهن ڏٺي جو ۽ کلي عام تين وال ڪيون ويون، پر افسوس جو سرڪار ۽ چونڊيل نمائندا مڪمل طور خاموش رهيا، اهڙي خاموشي ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿي، جن مان هڪ سوال اهو به آهي ته اهڙي لٽ مار تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍڻ ڪٿي هن سموري قبضاگيري تي خاموش راضپو ته ناهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو