Home / اسپيشل افيئر / سنڌڙي، پيرن فقيرن جي؟
above article banner

سنڌڙي، پيرن فقيرن جي؟

Irshad Memonگهڻي پراڻي ڳالهه ناهي. راوي جي سانڀر پنجيتاليهه سال کن ٿيندي. سمجهه ايندي ئي کيس مائٽاڻي ٻولي، ريتون رسمون، راند روند، عقيدو، ويساهه ۽ هڪڙو پرميشور ورثي ۾ مليا. بدبودار شاهه، مرشد جي روپ ۾. جنهن جي اوبر کائڻ سان وڏي کنگهه جو علاج ٿي پئي ويو. واري جا تپ ۽ باک ڦٽي ويل ڪنهن ويران هنڌ تي تنهن طرح جي بجار جي، وڻ جي ٿڙ سان ٻڌ. ويري سان عبادت، روزا ۽ مذهبي تعليم، زندگي هرو ڀرو ايڏي آزاريل به نه. هاءِ اسڪول جي زماني تائين سو قصو هليو. مئٽرڪ کان اڳ مختلف تبليغي ٽولا آيا. جيئي سنڌ وارا جدا ته ڪميونسٽ سوچ رکندڙ پڻ. پليجي مائينڊ سيٽ سان سلهاڙيل. سڀني جي گفتگو جو محور، ليکڪ وٽ والدين ۽ ڪڙم پاران عنايت ٿيل اعتقاد کي ضرب هئو. ڌرم، رواج ۽ رياست سان اسرندڙ وفاداري جا ٻاراڻي دماغ ۾ موجود هئي، ان جي پاڙ پٽڻ. سندي وڏڙن ڪاڻ هنن جي جهالت ۽ غلطان ۾ هئڻ جا ڀاشڻ ٻڌڻ جاري اخلاقيات جي کوکلي ۽ بربادي مائل هجڻ جو پيغام. ڪميونسٽ ڪتابڙا هجن، سائين جي ايم سيد جو “جيئن ڏٺو آهي مون“ يا وري پليجي صاحب جون لکڻيو ن- تحريرنگار کي ماءُ جي گود جهڙي عقيدن کان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪافي.

سچ ته مٿي ذڪر ڪيل ڪهاڻي ٿورڙن ارواحن جي ئي سهي پر مون پاري هر انسان جي وارتا آهي. اسان غربت ۽ غلامي جي گهاٽي اونداهه مان نڪرڻ ٿي چاهيو. تعليم، اڪيلو، لالٽين ۽ سهارو ڄاتوسين. اڃ بک تي پيرن اگهاڙا اسين سرڪار پاران ميسر سهولتن جو فائدو وٺندي، ٿڌي ڇانو ۾ گرانهه کائڻ طرف وڌي رهيا هئاسين ته قومپرست، اشتراڪي ۽ عوامي تحريڪ جي جوڌن جي ور چڙهي وياسين. وقت هئو جو اڃا محنتي ۽ پاڻ ارپنا سانڍيندڙ استاد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هئا. وڏڙن کان مليل عقيدي ۽ ويساهه ۾ سگهه هئي. پڙهندڙن کي هيءُ سٽ ڏکي لڳندي. اڄ پنجاهه ورهين جي ڄمار ۾، اُٺ ڪتابن جي پڙهيل مون، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جو خيال آهي ته هو ۽ سندس جهڙا ٻيا ڄاڻايل تبليغي ٽولن هٿان انٽيليڪچوئل راتاهي جو شڪار ٿيا. ڦورن کانئن سڀ کان اول اعتقاد کسيو. پوءِ مروج پر نهايت طاقتور اخلاقيات کان وانجهو ڪيائون. غلامي مان چاڙهي جي انفرادي تسلسل تي ڪاتي وهايائون. تعليمي مشعل ڇني، آڌيءَ رات جو خطرن ڀريل جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنائون. ان قسم جي ڏوراپي ڏيڻ پٺيان ڪوئي مقصد آهي. سو وري اهو ته عقيدي جي سگهه تباهه ڪندڙ ڪميونسٽ همراهن وٽ موٽ ۾ جا ڏياٽي هئي تنهن کي سوويت يونين وارا انساني رت سان ٻاريو ٿي آيا. ”جيئن _ڏٺو آهي مون” پڙهائي ڪچڙن دماغن ۾ ڀونچال آڻيندڙ، گيڙو ڪپڙو ڳچي ۾ وجهي، قلندري راهه جا ڦند پالڻ لڳا. مانواري پليجي صاحب جيڪا متبادل اخلاقيات جي سوکڙي خلق آڏو پيش ڪئي ان جي نندا ڪري به ڪيتري ڪجي. سندس ويجهن ساٿين جا انيڪ بيان رڪارڊ تي آهن.

may-15-2014 (46)

معاف ڪندا، ليکڪ حاشيي جي ٽيڪ وٺندي هتي اوهان آڏو ڪالهه ٽيون ڏينهن کان سنڌ جي نانءُ ڪٺي ڏاهپ منجهان ٻن طرح جي جنس وارن پکيئڙن جو ذڪر ڪرڻ گهرندو. پهريون ڊنب عقيدي، بليف جي حق ۾، وات مان گڦ وهڻ جي حد تائين ڳياڙي ڪتب، آڻيندڙن جو آهي. نشي پتي کان وٺي هر نوع جي ڦرلٽ ڪندڙ اهي صاحب اوچتو ئي اوچتو ماڪا جي لفظن ۾ “پاڪيزه سوچ رکندڙ” ٿي پيا آهن. ڏندين آڱريون ان تي ته پنهنجا اڳوڻا ڌنڌا صفا ڪو نه ڇڏيا اٿائون. نوجوانن کي “جيئن ڏٺو آهي مون” پڙهائيندڙ الک ۾ اعتبار جي هام هڻندي، خود کي گاڊ بليور ٿا ڪوٺين. ايئن سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر مسجد منزل گاهه جي واقعي کان ٿورڙو اڳ واري وقت ڏانهن موٽي رهي آهي. عقلمند ڪاڻ اشارو ئي ڪافي. افسوس جو اڄ پاڻ وٽ الهه بخش سومرو شهيد نه آهي. ٻليدان جنهن جو تاريخ جي اونداهي مزار تي ڏيئي مثل ٻرندو رهي. ايشور سان آشائون سلهاڙيندڙ سي آتم آهن جي هم نسل آدم خاطر آجپي جي جنگ ۾ رڌل هئڻ جي ڏيکاري ڏيندي، ساڳئي بشر ڪاڻ سپاري وٺن- عجب ته وٺندو نه!

ٻئي پاسي سي گيڙو ورتا پيارا باغي آهن. مٿانئن تبصرو نه ڪجي ته چڱو ٿيندو. ڳالهه مس چورينداسون. همراهه هائون! هائون! ڪري مٿان چڙهي ويندا. ڇتي جي ملڪ وڃي رسنداسين. رتو رت ته ٿي وينداسين پر عضون ڏانهن خير به هجي شايد. سندن بابت احوال چورڻ جي گهرج ان ڪري پيش آئي جو هو پڻ اعتقاد طرف واپسي ڪندڙ مخلوق آهن. ڀُل ٿيندي جي ڄاتوسين ته محبوب سائين ڌرمي انتهاپسندي جي اثر کي جهڪو ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا. تنهن جي ابتڙ اهي ماڻهو عقيدي جي سختي جي ٻيهڙ ورتل لوڪ جي هڪ ڀيرو ٻيهر جنم ڪاڻ پِري ڪر سرز جو ڪردار ادا ڪن. محاورو پري ڪَر سر غور طلب آهي.

اڄوڪي صبح سوير اٿي نهارجي ته هي عقيدي جي اوڙاهه ۾ پڄرڻ لاءِ آتي سنڌ آهي. پروپيگنڊا ۽ حڪمت عملي جي ضرورتن هيٺ پاڻ ان کي سيڪيولراز جو اهڃاڻ برابر سڏيندا رهون. زوري ڪلمو پڙهائڻ کان وٺي. غير مسلم برادرين جي لاشن کي قبرن مان ڪڍڻ انهن جي بي حرمتي ڪرڻ تائين جا واقعا پر، ڪجهه ٻيو سڻائي رهيا آهن. مندرن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ هندن جي لڏ پلاڻ پويان اعتقاد جا ٽانڊا آهن. “جيئن ڏٺو آهي مون” جا حافظ جن کي اهڙي اررهه زورائي جي مهاڏي لاءِ نڪرڻ کپي سي مانوارا وري پرڀوءِ جي پيرن ۾ سرنمايو آڻ مڃي ويٺا آهن. اچرج نه وٺي جي هوريان هوريان هو مذهبي ڪٽرپڻي جي اڀار کي هٿي وٺرائيندڙ ڌرين جا همنوا ٿي، خسرا سڏائڻ لڳن.

اڳ، جن ڪچهرين ۾ انگولا جي آزادي، بوليويا ۽ الجزائر بحث هيٺ هئا اتي هاڻ، نوري ۽ ناري تي گفتگو پئي ٿئي. تصوف جو ڪوهيڙي وڪوڙيل ۽ جاهلاڻو تصور پوڄيو ٿو وڃي. وحدانيت جي مذهبي هاڪ آهي جا سائنسي فڪر جي پوئلڳن جي من ۾ ويهي چڪي. سچ اهو به ته، سو فقيرن جي ڦند جو ئي نمونو آهي. “ڪوڙو تون ڪفرسين، ڪافر مَ سڏاءِ”جي روشني ۾ نهاربو ته حقيقت پاڻ آشڪار ٿيندي. هو جيڪي ڪالهه شام تائين اشتراڪي هئا. سماج ۾ اصلاح نه پر انقلاب ٿي گهريائون سي اڄ منجهند کان غريب شاگردن جي امداد واسطي ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ ۾ رڌل ٿا پسجن.

ايئن ٻنهي جهانن جو ڀلو مطلوب آهين ۽ اهي جي وري قومي عوامي تحريڪ وسيلي اقتدار ۾ٿي آيا، تن پاڻ کي ڪنهن هڪ تعلقي، يونين ڪائونسل جي گپ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. اڃا وري ٻيا جن آزادي جا خواب ورهايا، انهن کي آخرت جو خوف، ڊيڄاري سي تپ جي ڏڪڻي ڪارڻي، سوڙ مٿان وجهي سمهڻ تي لاچار ڪيو آهي. ان بخار ۾ به رات جو ڳاڙهو پاڻي ڏوگهڻ ڇڏڻو ناهي!

زماني جي عقيدي کي لوڏيندڙ ضعيف سوچ وارا، آسمان ۾ وسندڙ ديوتائن سامهون ڪنڌ جهڪايو بيٺا آهن. ڪنهن جي اعتقاد سندي مامري تي، ساڻس ڇيڙ نه ڪجي- لڪير ڪڍي اٿائون. مون پارا ناستڪ جن کي جنم به پاڻ ڏنائون سي ڳالهائڻ کان ڪو نه مڙندا ۽ گمان ۾ هجي ته ڪامريڊن هٿان ئي ماريا ويندا.

ڪنور ڀڳت جو قتل يا مسجد منزل گاهه وارا سانحا، ٻيهر رونما ٿين. سنوڻ ساٺ، تعويذ ڦال جي ماريل سنڌ اتي جو اتي آهي. سڀني جي زبان تي ساڳيو ئي گيت آهي- پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو