Home / سياسي افيئر / سول، ملٽري لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ: طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي !
above article banner

سول، ملٽري لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ: طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي !

Zahid Hussainسول، ملٽري لاڳاپن تي تبصرن جي موسم هڪ ڀيرو ٻيهر موٽي آئي آهي، انهي موضوع تي هاڻوڪي سياسي ڇڪتاڻ، جنهن ملڪ کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو آهي، اڳ ۾ ئي ان تي ڪافي بحث مباحثو ٿي چڪو آهي. ڇا هڪ جمهوري نظام ۾ سولين بالادستي کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو؟ هر گز نه. ليڪن ان جو مطلب ڇا آهي، اها ڳالهه ئي ان سموري فساد جي پاڙ آهي.

لبرل تجزئي نگارن وٽ عام لاڙو اهو آهي ته اهي حقيقت کي علامتي اظهار جو روپ اختيار ڪري وٺن ٿا. ان ڪري ان ۾ تعجب نه ٿيڻ کپي ته آءِ ايس آءِ خلاف جيڪا مهم ميڊيا جو هڪ حصو هلائي رهيو آهي ۽ فوج جي هڪ اڳوڻي سربراهه خلاف بغاوت جو ڪيس، اهو سڀ ڪجهه سولين بالادستي جي نشاني طور پيش ڪيو وڃي.اهڙي دعويٰ کان وڌيڪ غلط ڳالهه ڪاٿي نٿي سگهي ۽ هي پهريون ڀيرو ناهي جو مقدس ڳئون کي ذبح ڪيو ويو آهي. اسان ماضي ۾ سولين وزير اعظمن هٿان فوج جي ٻن سربراهن کي فارغ ٿيندي ڏٺو آهي. اسان عوامي احتجاجن جي نتيجي ۾ فوجي حڪمرانن کي اقتدار ڇڏيندي ڏٺو آهي، ليڪن ڇا ان باوجود سولين بالادستي حاصل ٿي ؟ ان کان پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو تاريخ جو حصو آهي.

لبرل فيڪٽر جي گوڙڪرڻ باوجود، فوج، ميڊيا جي ان پراڪسي جنگ جي نتيجي ۾ وڌيڪ سگهاري ٿي آهي ۽ فوج جي حمايت ايتري جوش ۽ جذبي جي اهميت کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.هن کان اڳ اسان ڪڏهن ميڊيا ۽ سياسي جماعتن کي ايتري واضح طريقي سان سيڪيورٽي ايجنسين سان عالم آشڪار وفاداري جو اظهار ڪندي ڏٺو آهي ؟

انهي حدتائين جو جن وفاقي وزيرن اڳ ۾ ڪجهه تنقيدي بيان ڏنا هئا اهي به پوئتي هٽي فوج سان پنهنجي وفاداري جتائڻ لڳا. حقيقت ۾ گذريل ڇهن سالن ۾ جمهوريت جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو هو، ان جي تناظر ۾ گذريل ٻن هفتن جا واقعا پوئين پيرين هڪ ڇال برابر آهن. سياسي طاقتون ۽ عوامي راِءِ تمام گهڻي ورهايل ۽ منتشر آهي، هڪ وقت کان اڳ ۽ غير ضروري جهيڙي سولين بالادستي کي بلڪل سگهارو ناهي ڪيو، جيئن ڪجهه مبصرن جو خيال آهي. بلڪه فوج کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوششن جو رهندو ابتو اثر پيو آهي.

may-15-2014 (28)

جيڪا ڳالهه اسان جا لبرل دوست نه پيا سمجهي سگهن سا اها آهي ته سولين بالادستي هڪ ارتقائي عمل آهي ۽ ان جو حصول بهتر حڪمراني سان لاڳاپيل آهي. صاف سٿرين پاليسين جي سمت واضح ۽ موثر مطمع نظر، فوجي حڪمراني کان سول حڪمراني تائين جو سفر هڪ توازن جو گهرجائو آهي، ڪنهن کي به ڪٿي اهو محسوس نه ٿيڻ گهرجي ته ڪٿي زيادتي ٿي رهي آهي.

2007 کان پوءِ فوج جي سياسي طاقت گهٽجي رهي هئي ۽ اهو ئي چونڊيل حڪومت لاءِ مناسب وقت هو ته اها پنهنجي بالادستي کي صحيح پاليسيون لاڳو ڪري مڃرائي ها. جيتوڻيڪ فوج جو اثر نيشنل سيڪيورٽي ۽ پرڏيهي پاليسي جي معاملن تائين هيو، ليڪن ان جو سياسي اثر ڪافي گهٽ ٿي ويو هو.

اهوئي ڪارڻ هو جو چونڊيل حڪومت کي آزاد نموني سان ڪم ڪرڻ ۽ حڪومت جي اهم مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جو ۽ جمهوري ادارن کي سگهارو ڪرڻ جو موقعو مليو.خودمختيار عدليا به طاقت جي توازن تي اثرانداز ٿي،جنهن جي ڪري آئين کان مٿاهين مداخلت جو امڪان ڪافي گهٽ ٿي ويو.

ليڪن ان جو اهو مطلب نه هو ته فوج مڪمل طور تي پنهنجي طاقت وڃائي ويٺي هئي، نه وري اهو ته پ پ جي حڪومتي دور ۾ فوج ۽ سولين لاڳاپا مڪمل طور ٺيڪ هئا. ان هوندي به جمهوري نظام جي تڏاويڙهه جا ڪي به امڪان نه هئا، مسئلن باوجود فوج سياست کان پري پنهنجي بئرڪن ۾ ئي رهي.

جنرلن، بهرحال جڏهن به ڪنهن مسئلي جي ڪري سندن اداري جي مفادن تي اثر پيو ته هميشه پنهنجي موقف جو مضبوطيءَ سان دفاع ڪيو، گهٽ ۾ گهٽ ٻه اهم مسئلا هئا… ڪيري لوگر بل ۽ ميمو گيٽ… جنهن جي ڪري سولين حڪومت ۽ فوج جي وچ۾ ٽڪراءُ جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو هو.

ليڪن ان صورتحال ڪنهن ڊگهي ڇڪتاڻ کي جنم نه ڏنو، پ پ جي حڪومت حڪمراني ۽ معيشت ۾ ڪا بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري هجي ها ته پنهنجو اقتدار بهترطريقي سان فوج تي قائم ڪري سگهي ها.ملڪ ۾ هڪ جنگ جاري هئي، فوج جا هزارين جوان، طالبان بغاوت خلاف جنگ ۾ رڌل هئا. اندروني سلامتي جي معاملن ۾ فوج جو ڪردار نهايت اهم هوندو آهي.

بنا ڪنهن شڪ شبهي جي جمهوريت ڏانهن اها هڪ وڏي وک هئي، جڏهن 2013 ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ کان ٻي جمهوري حڪومت کي اقتدار منتقل ٿيو، اها ملڪ ۾ جمهوري نظام نظام جي سگهاري ٿيڻ جي علامت هئي، اها تاريخي تبديلي فوج جي جمهوري عمل جي حمايت کانسواءِ ممڪن نه هئي.

ليڪن ايئن ٿو لڳي ته صورتحال گذريل ڪجهه هفتن ۾ تبديل ٿي وئي آهي ۽ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ بئرڪن کان ٻاهر اچي وئي آهي.جيتوڻيڪ جنرلن کي ان ڳالهه سان دلچسپي ناهي ته اهي جمهوري نظام جي تڏاويڙهه ڪري ڇڏين. ليڪن ايئن نٿو لڳي ته هو خاموشي سان سياست ۽ اقتدار جو کيڏاڙ هڪ طرف ٿي رڳو ڏسندا رهندا ۽ هاڻوڪو بحران به ساڳي ريت برقرار رهندو.

يقيني طور فوج ۽ سولين بالادستي هڪ اهم مسئلو آهي جنهن جو حل مڪمل جمهوريت لاءِ ضروري آهي. ليڪن وڌندڙ عسڪريت پسندي ۽ مذهبي اتنهاپسندي تمام وڏا مسئلا آهن ۽ ملڪ انهن رجعت پسند طاقتن سان منهن ڏيڻ کانسواءِ اڳتي وڌي نٿو سگهي، ان موقعي تي ضروري آهي ته باغين لاءِ وڙهڻ خاطر سڀ قوتون متحد ٿي وڃن.

بدقسمتي سان سياسي طاقتون ان اهم مسئلي تي جيڪو جمهوري نظام لاءِ خطري جو سبب آهي، متفق نه آهن جو صورتحال ان ڪري به وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي ته شريف حڪومت مونجهاري جو شڪار آهي ۽ هاڻي سولين ۽ فوجي اختيارين وچ۾ ڪنهن به قسم جو اختلاف باغين ۽ غير جمهوري قوتن جا هٿ مضبوط ڪندو. ان ڪري اهو ضروري آهي ته جڏهن پاڪستان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو هجي ته ٻنهي ادارن جي سوچ هڪ هجڻ گهرجي، انهن ٻنهي وچ۾ اختلاف هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو.

يقيني طور تي هاڻوڪي آرهڙ جي موسم نواز شريف حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن ساڻ کڻي آئي آهي، جتي اڀرندڙ نيون سياسي وابستگيون طاقت جي توازن کي واپس فوج ڏانهن جهڪائي رهيون آهن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته وزير اعظم ٻيهر اهو ڪم ڪري سگهندو يا نه ؟

(C) Dawn

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو