Home / ڪتاب / شاهوڪار سنڌ جي غربت سياسي ۽ سماجي ترقي جو سوال !
above article banner

شاهوڪار سنڌ جي غربت سياسي ۽ سماجي ترقي جو سوال !

Hamsaffar Gadehiسنڌ کي درپيش مسئلن جي حوالي سان اخبارون ڀريون پيون آهن، روزانو ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ ۽ ڪمون شهيد تائين غربت، بک، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جي ماريل ماڻهن طرفان آپگهات ڪري زندگين جا ڏيئا گُل ڪرڻ جون خبرون هاڻي روز جو معمو ل بڻجي ويون آهن. حالت اها آهي جو هڪ پاسي ماڻهو انهن حالتن جو شڪار آهن ته ٻئي پاسي ڏهاڪن کان سنڌ توڙي ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ پ پ جا جيالا وزير ۽ مشير ٺڙڪ ٺڳي وسيلي غربت سٽيل ماڻهن کي اڃا وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ پنهنجا کيسا ڀرڻ جي ڪرت سان لڳل آهن. اجهو ان جو هڪ مثال تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳيان سنڌ جي تعليم واري ايڊيشنل سيڪريٽري جو اهو انڪشاف ته؛ اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق 10 ڪروڙ روپيا رشوت وٺي، هڪ ئي سڃاڻپ ڪارڊ تي 200 جعلي آرڊر جاري ڪيا، هاڻي ڏيو منهن. موصوف ته پرڏيهه ٿڌين هوائن ۾ ۽ سير سپاٽي تي نڪتل آهي، پويان ڪوڙن آرڊرن وسيلي ٺڳيل سنڌي ماڻهو غربت جي اوڙاهه ۾ پيو سڙي.

هڪ پاسي اهي زيادتيون آهن ته ٻئي پاسي وفاق جون زيادتيون به ڪي گهٽ نه آهن، ايئن نٿو چئي سگهجي ته سمورين براين ۽ خرابين جي ذميوار رڳو پ پ آهي پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته پ پ سميت اهي سموريون سياسي ڌريون جن ۾ مسلم ليگ (ن) فنڪنشل ليگ، ق ليگ ۽ ٻيون ڌريون اچي وڃن ٿيون جيڪي واري ڦيري سان وفاقي حڪومت جو حصو رهيون آهن پر انهن سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي سدائين ڪبوتر وانگر اکيون بند رکيون آهن، نتيجي ۾ سنڌ پاڪستان جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ باوجود پاڻ بدحالي جو شڪار آهي ۽ اتان جا رهواسي خودڪشيون ڪرڻ ۽ پاڻ ساڙڻ تي مجبور آهن.

سنڌ جي حوالي سان يقيني طور تي کوڙ سارو مواد شايع ٿئي ٿو، ليڪن جهڙي ريت پنهنجي ڏاهپ، علم ۽ فهم سان نصير ميمڻ لڳاتار لکندو رهي ٿو، ان سان سنڌ جي عام ماڻهو جي جيڪا علمي ۽فڪري تربيت ٿئي ٿي اتي ان کي فني طور انگن اکرن سان سنڌ جو ڪيس سمجهڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي. تازو سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان سندس اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف وقتن تي شايع ٿيل نهايت ڪارائتن مضمونن تي ٻڌل ڪتاب “ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ترقي جي واٽ” پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب نهايت اهم آهي. “ سنڌ سان ڇا پيو ٿئي ؟” شروعاتي مضمون آهي، جنهن ۾ سنڌ جي معدني وسيلن، تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي ڦرلٽ وفاق ڪيئن ڪري رهيو آهي، اهو نهايت پيرائتي نموني سمجهايو ويو آهي.هن لکت ۾ عالمي بئنڪ جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته:“ هن وقت سنڌ جي معيشت 47ع کان به بدتر آهي، ڇو ته 1947ع ۾ سنڌ جي ماڻهن جي في ماڻهو روزاني آمدني 50 روپيا هئي جڏهن ته هاڻي سراسري طور في ماڻهو جي روزاني آمدني 20 روپيا آهي.”

اڳتي هلي ليکڪ ٻڌائي ٿو ته: ملڪ جي بين الاقوامي ڪاروبار جو 90 سيڪڙو سنڌ جي ساحل تي موجود ٻن بحري اڏن تان ٿئي ٿو (3-2002 جا انگر اکر) ۽ قومي روينيو جو اٽڪل 67 سيڪڙو سنڌ مهيا ڪري ٿي. جڏهن ته سنڌ 15،330،358 تيل چڪو بيرل مهيا ڪري ٿي، ايئن سنڌ جو پئداواري حصو 65 سيڪڙو ٿئي ٿو،ياد رهي ته ڪچي تيل جي مارڪيٽ ۾ قيمت هاڻي 70ڊالرز جي لڳ ڀڳ آهي( ڪجهه وقت اها قيمت 75 ڊالرن تائين پهچي وئي هئي) ان حساب سان سنڌ مان ملندڙ تيل جي قيمت ساليانو 60 ارب روپين تائين ٿئي ٿي.

اهڙي ريت اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ مان ملندڙ ڪوئلي جي ڪل اُپت پوڻا ٻه ارب روپيا ساليانو ٿئي ٿي، ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسلام آباد ۾ ويٺل اختيار ڌڻي سنڌ کي ان جو ڪو به فائدو نه ڏئي رهيا آهن، رهندو کهندو وفاق جي نالي ۾ سڀ ڪجهه پنجاب حوالي ٿيندو رهي ٿو، جنهن تي اسان جا چونڊيل نمائندا مُٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ، واري پاليسي تي عمل پيرا آهن.

تعليم بروبر انسان جي ٽين اک آهي، پر سنڌ ۾ جڏهن ٻن اکين جو سوجهرو ئي چَٽ آهي ته پوءِ ٽين اک وارو سوجهرو ڪٿان ايندو ؟ان حوالي سان “ چٽاڀيٽي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويل سنڌ” نهايت پرمغز مضمون آهي، جنهن ۾ سي ايس ايس جي امتحانن ۾ هرسال سنڌ جي پوئتي پوڻ ۽ تعليمي ادارن جي بندش جا جتي سبب ڄاڻايا ويا آهن اتي ان تعليمي تباهي ۾ اسان جي ڀاڱي ڀائيوار هجڻ کي به پڌرو ڪيو ويو آهي. هن مضمون ۾ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته سال 2005ع جي ٿيل چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ پنجاب جا 156، سرحد جا 22 ۽ سنڌ جا رڳو 19 اميدوار ڪامياب ٿيا. اهي انگ اکر تعليمي زوال جي هڪ تصوير چٽين ٿا جيڪا نهايت ڀيانڪ آهي.

سنڌ ۾ اسڪولن جو بند هجڻ، وزيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿيڻ يا مال جا وٿاڻ ۽ واڙا هجڻ هڪ ٻي تعليمي تباهي جي نشاني آهي. ڄاڻايو ويو آهي ته مجموعي طرح سنڌ ۾ ست هزار اسڪول بند پيل آهن جن ۾ نياڻين جي اسڪولن جو انگ 1731 آهي، ليکڪ نهايت مثبت نموني سنڌ جي پرائمري استادن واري تنظيم پ پ ٽ الف کي صلاحون ڏيندي چيو آهي ته اهيmay-15-2014 (54) جيڪڏهن طئي ڪن ته ڪو به پرائمري استاد اسڪول مان غيرحاضر نه رهندو ۽ اهي سنڌ جا سڀ بند پيل اسڪول کولرائيندا ته پوءِ سنڌ ۾ تعليمي لحاظ کان وڏو سڌارو اچڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.، ٻي جنهن اهم ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي اها واقعي به دل سان هنڊائڻ جهڙي آهي،مشاهدي آڌار ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جا استاد انگريزي ٻوليءَ جي نالي ماتر ڄاڻ رکن ٿا، حالت اها آهي ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ استاد به ڪلاس روم ۾ ليڪچر سنڌي ۾ ڏيڻ کي اوليت ڏين ٿا، هڪ اندازي موجب سنڌ اندر يونيورسٽين جي استادن ۾ انگريزي اخبار يا مئگزين پڙهندرن جو انگ مشڪل سان 5 سيڪڙو هوندو.

نصير ميمڻ جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي آءُ ته اهو به واڌارو ڪندس ته سنڌ جي يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ پڙهائيندڙ استادن جو وڏو انگ جيڪو پگهار، گريڊ ۽ ٻيا مالي فائدا وٺڻ جي چڪر ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ته جڳاڙي نموني وٺي وڃي ٿو پر انهن کي انگريزيءَ جو هڪ جملو به سڌو لکڻ، ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ نه ايندو آهي.منهنجي خيال ۾ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ريوڙين وانگر ورهائجندڙ ڊاڪٽريٽ جون اهڙيون ڊگريون علمي ۽ فڪري آبياري ڪرڻ بدران قوم جي ٻيڙي ٻوڙڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن. مٿان وري نالي سان ڊاڪٽر جو Tag لڳڻ کانپوءِ همراهه وٺ ئي نه ڏيندا، ڇو ته اهي نالي ۾ نهال ئي سهي پر پي ايڇ ڊي هولڊر جو هجن ٿا. منهنجي خيال ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙن لاءِ انگريزي ٻولي تي دسترس هجڻ لازمي قرار ڏني وڃي، ڇو ته ڊاڪٽريٽ ڪندڙ جيستايئن ٻين ٻولين جو ادب، تاريخ، لسانيات، سائنس جا موضوع نه پڙهندو تيستائين هو ڪا ڪارائتي تحقيق نه ڪري سگهندو.ڇو ته انهن موضوعن تي گهڻو ۽ بهتر مواد انگريزي ۾ ئي هجي ٿو.

سنڌ ۾ سياسي قيادت جي کوٽ، سڄي وايو منڊل تي فيوڊل ڪلاس جي قبضي، محب وطن ۽ قوم دوست ليڊرشپ جي اڻلڀ هجڻ سبب به سنڌ جي ڏکن ۽ سورن ۾ واڌ آئي آهي. خاص طور پارلياماني سياست جنهن کي سنڌ جا قومپرست شجر ممنوع سمجهندا آيا آهن، اها بدقسمتيءَ سان چند مخصوص گهراڻن ۽ پ پ وٽ سدائين يرغمال رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جا گهڻ گهرا جنهن سطح جي سنڌ ۾ سياسي تبديلي چاهين ٿا، اهو هڪ خواب ئي بڻيل آهي، جنهن جو سبب نااهل، ڪرپٽ ۽ موقعي پرست ڪلاس وٽ اڳواڻي هجڻ آهي.

ڪتاب جو ليکڪ “ ذميوار مڊل ڪلاس جي قيادت لاءِ ڀٽڪندڙ سنڌ” جي سري هيٺ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته:“ سنڌ جي اقتداري ايوانن واري سياست شروع کان فيوڊل ڪلاس جي قبضي هيٺ اسلام آباد جي سرپرسي هيٺ انهن اڪابرن جي حوالي رهي آهي جن پهرئين ڏينهن کان هن ملڪ کي مال غنيمت سمجهي لٽيو آهي. سنڌ جي بدقسمتي اها رهي آهي ته اقتداري سياست ۾ اها هميشه اسلام آباد جي تجربيگاهه ۾ ڪلوننگ ڪيل روبوٽ نما ماڻهن جي هٿن ۾ رهي آهي ۽ سنڌي مڊل ڪلاس کي ان سياست اندر پيرئي رکڻ نه ڏنو ويو آهي”

ان کانسواءِ بحث کي اڳتي وڌائيندي سنڌي مڊل ڪلاس جي رستاروڪ کي ورهاڱي واري لڏپلاڻ سان جوڙيو ويو آهي، جيڪا هڪ حقيقت پسنداڻي سوچ چئي سگهجي ٿي. صوبائي خودمختياري ، وسيلن جي ورڇ،سنڌ دوست پارلياماني سياست جي ڪيتري گنجائش آهي؟ نئين دنيا جا چئلينج، سنڌ کي نين تدبيرن جي ضرورت، ذوالفقارآباد جهڙو اجگر شهر ڪنهن لاءِ ٺهندو ؟ مادري ٻولين جو اتساهيندڙ پسمنظر ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارائتا ۽ پرمغز ليک هن ڪتاب جو حصو آهن.

جس هجي سنڌيڪا جي سرواڻ نور احمد ميمڻ کي جنهن اهڙي اهم ڪتاب جي ضرورت کي محسوس ڪندي پنهنجي اداري طرفان وقت سر شايع ڪيو، نه وسارڻ کپي ته هي ڪتاب هڪ لحاظ کان سنڌ جي ڪيس اسٽڊي آهي، ان ڪري هر اهل علم، اهل ادب ۽ خاص طور سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن کي اهو ڪتاب ضرور پڙهڻ کپي، کين ڪافي ڳوڙها مامرا سمجهڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو