Home / سنڌ افيئر / لاڙ: قدرتي ۽ هٿرادو آفتن جي گهيري ۾!
above article banner

لاڙ: قدرتي ۽ هٿرادو آفتن جي گهيري ۾!

Allah Bachayoلاڙ جي سامونڊي پٽي جيڪا گذريل ڊگهي عرصي کان گهڻ طرفي هٿرادو ۽ قدرتي آفتن جي لپيٽ ۾ اچي تباهه ٿي وئي آهي. اهي آفتون هتي جي ماڻهن جو ڄڻ ته مقدر بڻجي ويون آهن.سامونڊي طوفان، درياهي ٻوڏون، برساتي ٻوڏون، خوفناڪ سامونڊي ويرون، واهن جي مٺي پاڻي جي سخت کوٽ جهڙين آفتن سڄي اڳوڻي ذرخيز، انتهائي خوشحال ڊيلٽائي ڀاڱي کي هر طرح سان اجاڙي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري زرعي چراگاهي ۽ ٿوري گهڻي ماهيگيري معيشت تي مدار رکندڙ هن پرڳڻي ۾ روزگار جا سمورا وسيلا تباهه ٿيڻ ڪري هي علائقو نه فقط هن ملڪ پر سڄي دنيا جو انتهائي غريب ترين خطو بڻجي ويو آهي.ورلڊ بئنڪ سميت معتبر عالمي تحقيقي ادارن جي رپورٽن موجب هن وقت ضلعي ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي ۾ غربت جي شرح مجموعي طور 90 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي ۽ هن خطي جا 90سيڪڙو انسان غربت جي لڪير کان به هيٺاهين حياتي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.اُڃن، بکن ۽ بيمارين ۾ پاهه ٿي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهو تيزي سان تڙپي پنهنجا پساهه پورا ڪري رهيا آهن،جنهن قابل ذڪر علائقي ۾ هن وقت موت جو رقص جاري آهي قديم زماني ۾ اهو علائقو ڪيترو ذرخيز ۽ خوشحال هو، ان جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته، آڳاٽي دور ۾ سنڌ جي تخت گاهه وارا شهر سامونڊي پٽي ۾ آباد هئا. ان کان سواءِ جڳ مشهور دريائي ۽ سامونڊي بندرگاهه، جهڙوڪ ديبل بندر، ڪيٽي بندر، سنڌڙي بندر، مانجهي وغيره جهڙا لاتعداد بندرگاهه ۽ وسندڙ شهر هتي آباد هئا. اها ئي ساڳي سامونڊي پٽي جتان جي ڌن ۽ دولت کي لٽڻ لاءِ دنيا جي سفاڪ لٽيرن ايرانين، ارغونن، مغلن، ترخانن ڪاهون ڪري انساني رت جون نديون وهايون . اهائي ساڳي پٽي اڄڪلهه عالمي طاقتن جي اک ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته انهن عالمي طاقتن کي خبر پئجي وئي آهي ته ديبل بندر کان وٺي پاري ننگر بندر تائين جي زمين هيٺ تيل گئس، سون، ڪوئلي، ٽامي ۽ يورينيم جي معدني دولت جا دنيا جا سڀ کان وڏا ذخيرا موجود آهن. انهن عالمي طاقتن کي اهڙي ڳجهي ڄاڻ سندن ملڪن جي انهن تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين ڏني آهي جيڪي ڪمپنيون گذريل اٽڪل ٽيهن سالن کان تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪري رهيون آهن، انهن ڪمپنين دولت جي اهڙن ذخيرن جا راز هن ملڪ کان لڪائي عالمي طاقتن کي ٻڌايا آهن. اهڙن معدني دنيا جي سڀ کان وڏن ذخيرن جي موجودگي جون ڪجهه جهلڪيون، سجاول ويجهو گئس جي ذخيرن ۽ بدين ضلعي جي شهر پنگريو ويجهو دنيا جي انتهائي اعليٰ معيار جي ڪوئلي جي ذخيرن جي دريافت جي جاري ڪيل سرڪاري تازين رپورٽن ۾ ڏيکاريون ويون آهن، جنهن مان هاڻ اسانکي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه آهي ته ذوالفقار آباد منصوبي ۾ ناڪامي بعد اوچتو حڪومت کي ڀنڀور ڊويزن ٺاهڻ جو خيال ڪيئن پيدا ٿيو ۽ ذوالفقار آباد اڏڻ ۽ ڀنڀور ڊويزن ٺاهڻ وارن منصوبن ۾ اويس مظفر ۽ ملڪ رياض ڇو ايترا سرگرم آهن.ڊزاسٽر ريڊ زون قرار ڏنل لاڙ جي اها هاڻوڪي سامونڊي پٽي جتي اٽڪل سڄو سال موت جو رقص جاري هوندو آهي، سنڌ تي گذريل 11 سالن کان راڄ ڪندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت جيڪا اٽي لٽي ۽ اجهي جي نالي تي سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي ٿي اها حڪومت ان علائقي ۾ ذوالفقار آباد جي نالي سان شهر ٺاهڻ چاهي ٿي جنهن ڀنڀور جي نالي سان نئين تڪراري ڊويزن ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

اها حڪومت اڃا تائين سامونڊي پٽي جي ماڻهن کي پيئڻ جو مٺو پاڻي به فراهم ڪري نه سگهي آهي،. ٺٽي جي سامونڊي پٽي لاءِ اهو مشهور آهي ته اتي، سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي تيل کان به مهانگو ملي ٿو. هن علائقي تي سنڌ ۽ هن ملڪ جا حڪمران ته تمام گهڻا ڏمريل آهن، جيڪي هتي هر وقت دريائي ٻوڏون ۽ ايل بي او ڊي جهڙيون آفتون ڪڙڪائي سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي بند ڪري قهر برپا ڪندا رهن ٿا پر هاڻ قدرت پڻ هتي جي ڏکويل ماڻهن تي نامهربان ٿي پئي آهي. قدرتي نظام ۽ فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ سبب قدرت پڻ ڏمرجي پئي آهي.هن وقت لاڙ جي سامونڊي پٽي ۾ خوفناڪ مٽي جو جيڪو طوفان هلي رهيو آهي ان طوفان پٽي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جتي ڄڻ ته قيامت جو منظر آهي پر ان طوفان ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ٽنهي ضلعن جي ڪيترن ئي شهرن ۽ سوين ڳوٺن کي مٽي جي ڍير سان ڍڪي اجاڙي ڇڏيو آهي.

شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، آسمان مان ڪلراٺي ڌوڙ مينهن جيان وسي رهي آهي، شهرن جون بازارون ويران ٿي ويون آهن، لکين انسان ۽ حيوان وڏي عذاب ۾ اچي ويا آهن،زرعي فصل، وونئڻ، ڪمند، مرچ، سورج مکي، ٽماٽا، سايون ڀاڄيون ۽ انبن جا باغ تباهه ٿي ويا آهن.وڻ ٽڻ ۽ گاهه ٻوٽن تي ڪلراٺي ڌوڙ وسڻ ڪري اهي سڪي ۽ سڙي تباهه ٿي ويا آهن چارو ختم ٿيڻ ڪري چوپايو مال بک مرڻ لڳو آهي.سال جي اپريل۽ مئي جي مهيني ۾ اهي تيز سامونڊي هوائون ڪي نيون نه آهن انهن هوائن جو سلسلو سوين سال پراڻو آهي، پر اڳ ۾ اهي قدرتي هوائون ان ڪري تباهي نه مچائينديون هيون ڇاڪاڻ ته ان وقت هي سڄو علائقو ڪڪرالو،مانڌر، ولاسو، ونگو ۽ مهراڻو وغيره انتهائي ذرخيز ۽ سرسبز هو،سمنڊ هتان تمام گهڻو پري ڏکڻ اولهه طرف هو. هتان هاڪڙو، پراڻ، ساگرو، ريڻ، ڳٺو، گونگڙو وغيره جهڙا مٺي پاڻي جا درياهه وهندا هئا جي سڄي پٽي، باغن، ٻٻر جي ٻيلن خوشبودار گاهن سان ڍڪيل هئي انڪري هن قسم جا مٽي جا خوفناڪ طوفان نه اٿندا هئا. سنڌ جي ان آڳاٽي ڪشمير ۽ جنت جي وادي جو ڏيک ڏيندڙ، ڊيلٽائي ذرخيز خطي جي هن وقت سنڌ ۽ هن ملڪ جي حڪمرانن خراب حالت ڪري ان کي موت جي وادي بڻائي ڇڏيو آهي، جتي جهنگ، ٻيلا ۽ گاهه ختم ٿي ويا آهن.

ڀنڀور ۽ ديبل بندرکان وٺي علي بندر تائين واهن، سم نالن ۽ ڪڙين تي به ڪو سائو ستابو وڻ نظر نٿو اچي.هڪ طرف کاري سمنڊ جون ڇوليون آهن ته ٻئي طرف سوين ڪلوميٽرن جي ڊيگهه واري پٽي ۾ صحرا جهڙو ڀيانڪ رڻ پٽ ٺهي ويو آهي جتي رڃ ۽ سڃ واڪا ڪري رهي آهي، جتي اڳي ولڙين جي واس ۽ گلن جي سرهاڻ هئي اتي هر طرف ڍونڍ جهڙي خونخوار ڌپ آهي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ماحولياتي تباهي ٿيندي آهي، جيڪا حڪمرانن هتي هٿرادو طور تي پئدا ڪئي آهي. هن وقت هن پٽي ۾ پهرين مئي کان شروع ٿيل مٽي جو خوفناڪ طوفان 17 مئي تائين بنا ڪنهن وقفي جي ڏينهن رات ساڳي رفتار سان جاري آهي پر اها آفت هتي اڪيلي نه آئي آهي اها پاڻ سان هڪ ٻي ڀيانڪ آفت کي پڻ پاڻ سان گڏ وٺي آئي.هتي اها ٻي ٻٽي آفت آهي هولناڪ سامونڊي ويرون آهن جيڪي سامونڊي پٽي جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۽ کي ٻوڙيندي هاڻ اچي ذري گهٽ سجاول،جاتي، احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ وغيره جهڙين آبادين تائين پهتيون آهن.هي سٽون لکڻ تائين خوفناڪ سامونڊي ويرون نئين ٺاهيل ضلعي سجاول جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر سجاول کان فقط ڇهه ڪلو ميٽر پري سنڌو درياهه جي مانرڪي بچاءَ بند تائين اچي پهتيون آهن.جتي اهي سگهاريون سامونڊي ويرون وڏي طاقت سان ٽڪرائجي منارڪي بچاءَ بند کي کاڌ هڻي ان وقت تباهه ڪري رهيون آهن، جڏهن آبڪلاڻي جي سانوڻي برسات جي مند سرتي چڙهي آئي آهي .

هن سال غير معمولي طور تي سانوڻ جي مينهن جون، جولاءِ ۽ آگسٽ کان اڳ سڄي ملڪ ۽ سنڌ ۾ تيز طوفاني برساتون وسي رهيون آهن جيڪي بي مندائتيون برساتون وڏو نقصان پهچائي رهيون آهن ۽ ڏيهي پرڏيهي موسمياتي کاتا هن سال سنڌ ۽ پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ سانوڻ جا آڳاٽا مينهن جون کان شروع ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي ملڪ وارو موسمياتي کاتو هن سال ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر خوفناڪ درياهي ٻوڏ اچڻ جا طبل وڄائي رهيو آهي، اهڙي حالت ۾ سنڌو درياهه جو سڪل پيٽ وٺي سمنڊ ابتو ويهي اچي سجاول شهر جي ڀر ۾ پهتو آهي جيڪا ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، سجاول شهر جي منارڪي بچاءَ بند کي دريائي ٻوڏ اچڻ کان اڳ ۾ سامونڊي ويرون تباهه ڪري رهيون آهن جنهن وڏي ڀيانڪ خطري کي محسوس ڪندي سجاول شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ هن وقت سخت خوف ۽ حراس پکڙجي رهيو آهي.

سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ هن وقت پاڻي جو ڦڙو ناهي، سڪل درياهه جو رستو وٺي کارو سمنڊ سجاول شهر تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته غير فطري طور تي سمنڊ سان شاهه سمابو ڪريڪ وٽان سمنڊ سان ڳنڍيل ايل بي او ڊي جو 42 ڪلوميٽر ڊگهو سم نالو ٽائيڊل لنڪ ڊرين جون 1998 ۾ ڪولري ويئر اسٽريمر سميت سامونڊي ويرن وگهي تباهه ٿيڻ بعد سمنڊ بدين ضلعي سان ڊائريڪٽ ڳنڍجي ويو آهي ۽ ايل بي او ڊي جا اهي تباهه ٿيل خونخوار سم نالا سامونڊي ڪئنال بڻجي سامونڊي پاڻي سان تار ٿي اٿل ڪري ابتا بدين جي انساني ۽ زرعي آبادي کي ٻوڙي رهيا آهن ۽ ايل بي او ڊي جي سم نالن جو رستو وٺي ايندڙ سامونڊي ويرون هن وقت سمنڊ کان اٽڪل 150 ڪلوميٽر پري شادي لال شهر کان به اڳتي ٽپي ويون آهن، جڏهن ته ٽائيڊل لنڪ ڊرين کان ٻاهر نڪتل خوفناڪ ويرن ڳوٺ گولو منڌرو، ڳوٺ ابراهيم منڌرو،ڳوٺ حاجي حجام ، مصري شيخ، درگاهه شيخ، قرهيو ڀانڊاري ۽ شيخاڻي گهاڙي جي چئن ڳوٺن سميت بدين ۽ گولاڙچي تعلقن جي اٽڪل 20ديهن جي 30 ڳوٺن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ چانڊي جواهر چڙهڻ سان سمنڊ وڌيڪ جوش ۽ مستي ۾ اچڻ وارو آهي انهن ٻٽي آفتن سان گڏ پاڻي جي سخت کوٽ ٽين آفت به اچي گڏ ٿي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو