Home / ڪور افيئر / لنڊن: الطاف حسين جي ضمانت تي آزادي ۽مهاجر ڪارڊ!
above article banner

لنڊن: الطاف حسين جي ضمانت تي آزادي ۽مهاجر ڪارڊ!

Sameer Mandhoroنشرياتي ادارن ۽ پوءِ موبائل فونن ذريعي سڄي شهر ۾ منٽن اندر خبر پکڙجي وئي ته متحده قومي موومينٽ جو اڳواڻ الطاف حسين لنڊن پوليس هٿان گرفتار ٿي چڪو آهي. سڄو شهر، ان کان اڳ جو نامعلوم ماڻهن جي آمد ٿئي، ڏسندي ئي ڏسندي ويران ٿي ويو، سمورا پيٽرول پمپ بند ٿي ويا. سمورين سرڪاري ۽ نجي آفيسن کي تالا لڳي ويا. ڪنهن اڻ ڄاتل خوف وچان هر شخص اهو پيو چاهي ته هو بغير ڪنهن جاني ۽ مالي نقصان جي گهر پهچي. راشن جي دڪان تي رش لڳي وئي. ماڻهو چون پيا ته محترمه بينظير ڀٽو جي واقعي دوران جيڪو ڪراچي جو حشر ٿيو هو ۽ ڪيترائي ڏينهن دڪان بند هئا، ساڳي ۽ شايد ان کان به ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، چون پيا ته اجهو هر طرف باهيون هونديون، زخمي هوندا ۽ ايمبولينسون هونديون… پر ڪٿي به قانون جي بالادستي کي قائم رکڻ وارا نه هوندا… پر ايئن نه ٿيو.

ڪراچي ۽ حيدرآباد صرف خوف وچان بند ٿيا. جيڪو ري ايڪشن متوقع هو، اهو نه اچي سگهيو. عجلت ۾ هيراڪ ڪارڪنن ڪجهه علائقن ۾ فائرنگ ڪئي ۽ هڪ ڊزن کن گاڏيون ساڙيون ۽ جيڪڏهن ترت فيصلو ڪيو وڃي ها ته رينجرز کي ڏنل اختيارن ۽ هلندڙ آپريشن سبب اهو نقصان به نه ٿي سگهي ها پر ڪجهه مصلحت کان ڪم ورتو ويو.

ٻي ڳالهه ته متحده جي اڳواڻن طرفان ايندڙ بيانن ۽ فيصلن کان پوءِ متحده جي مستقبل جي حوالي سان به ڪيئي سوال جنم وٺي رهيا آهن. هي اها ئي پارٽي آهي جنهن جي هڪ ايم پي اي جي مارجي وڃڻ تي ڪراچي شهر ۾ 100 معصوم جانيون ضايع ٿي وينديون هيون. انهي پارٽي جي باني کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته عوامي ري ايڪشن ۽ اڳواڻن جي بوکلاهٽ مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هن پارٽي ۾ انتهائي قسم جي وڏيرڪي هلندڙ هئي. ڇو ته جيڪي به ڪم ۽ فيصلا ڪيا ويندا هئا انهن جو آخري ٺپو ڀائي ئي ڪندو هو. هن فيصلي ڪرڻ جا اختيار گذريل تقريبن 20 سالن ۾ ڪنهن به شخص کي منتقل نه ڪيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته الطاف حسين جي ڪجهه ڪلاڪن جي غير حاضري ۾ ڪيترائي غير ذميواري جا مظاهرا ڪيا ويا.

may 31-2015       19

متحده ۾ ڪيترائي ڌار شعبا آهن جن ۾ سڌي طرح اڳواڻي ۽ سرپرستي الطاف ڪندو رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته پارٽي ۾ جبري طور نظم ضبط کي قابو ۾ رکيو ويندو رهيو آهي.مثال طور رابطا ڪميٽي جوڪنوينر به الطاف حسين ته متحده قومي موومينٽ جو چيئرمين به هي ئي شخص رهيو آهي. هي شخص جيڪو هميشه وڏيرڪي سسٽم جي خلاف بيان ڏيندي ٻڌو ويو ۽جمهوريت جي ڳالهه ڪندو رهيو، پنهنجي ماڻهن ۽ پارٽي ڪارڪنن کي انهن لذتن کان محروم رکندو رهيو.

متحده شايد پاڪستان جي اها واحد لساني ۽ سياسي پارٽي آهي جنهن ۾هڪ ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر ۽ وزير کان وڌيڪ ڪنهن يونٽ انچارج جا اختيار آهن ۽ انهن يونٽ انچارجن کي سڌي طرح الطاف حسين ڊيل ڪندو رهيو آهي. ايئن کڻي چئجي ته رابطا ڪميٽي کي صرف سياسي ڊيلنگ لاءِ رکيو ويو آهي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڪنهن وقت ۾ الطاف حسين تجرباتي طور تي حماس صديقي کي يونٽ انچارجن جون واڳون سونپيون هيون. چيو اهو ٿو وڃي ته جنهن به شخص کي الطاف انهي قسم جا اختيار ڏنا ته کيس اهو خوف ٿيڻ لڳو ته هو سڄي متحده پارٽي تي قبضو ڪري وٺندو. سو، ڪجهه ذاتي تجربن کانپوءِ الطاف اهي اختيار پاڻ وٽ ئي رکيا آهن جنهن جا ڪنهن حد تائين نقصان متحده ۽ انهي سان منسلڪ ماڻهن کي هاڻ ڏسڻا پوندا.

جنهن ڏينهن الطاف حسين کي لنڊن واري سندس عاليشان رهائش گاهه يعني 3 جون تي صبح جو گرفتار ڪيو ويو، انهي ڏينهن سندس ڊاڪٽر سان طبي معائني لاءِ وقت مقرر ٿيو هو، سندس گرفتاري جي خبر کان پوءِ جيئن متحده جا مڇريل ڪارڪن نائن زيرو پهتا ۽ حڪمن جي تڪميل لاءِ تياريون ڪرڻ لاءِ ته نائن زيرو ڪراچي کان لنڊن تائين مڙني اڳواڻن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو، هو سڀ بغير ڀائي جي اجازت جي ڪم جا هيراڪ ناهن رهيا. سو تڪڙ ۾ اهو فيصلو ڪري ويٺا ته ڪنهن به طرح شهر کي الطاف حسين جي گرفتاري سبب نقصان نه پهچڻ گهرجي. هو سڀ ڄاڻن پيا ته مني لانڊرنگ کان علاوه سندن اڳواڻ تي ٽيليفون ۽ هدايتن ذريعي اڪسائڻ جا به ڪيس لنڊن پوليس وٽ درج آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ جاني يا مالي نقصان جي صورت ۾ اهو ڪيس وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو. سو تاريخ جي مختصر ترين پريس ڪانفرنس لنڊن مان ٽيليفون ذريعي متحده اڳواڻ نديم نصرت ڪئي، جنهن ۾ پير کوڙي ڪوڙ هنيائين ته الطاف حسين گهر ۾ ئي موجود آهي، ڪارڪنن کي صبر تحمل سان گڏ دعا جي به اپيل ڪئي وئي. ڪجهه دير کانپوءِ پاڪستاني قيادت وائڙائپ جو مظاهرو ڪندي ڪارڪنن کي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ قانون کي هٿ ۾ نه کنيو وڃي. ٺيڪ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ چيو ويو ته هو نمائش چورنگي يعني مزار قائد جي ٻاهران مظاهري ۽ اظهار يڪجهتي لاءِ گڏ ٿين. بظاهر ته نديم نصرت جي ڪوڙ پٺيان ٻه اهم سبب هئا جيڪي منٽن ۾ ڊهي پٽ ٿيا. هڪ ته ڪارڪن تڪڙ ۾ ڪو غلط ڪم نه ڪن ۽ ٻيو ته هنن کي پاڪستاني وڪيلن صلاح ڏني ته مني لانڊرنگ جو ڪيس ڪو وڏو ناهي، صبح جو مئجسٽريٽ وٽ کيس پيش ڪيو ويندو ۽ الطاف حسين ضمانت تي آزاد ٿي ويندو. پر ڪجهه دير ۾ کين لنڊن مان ئي اطلاع ملڻ شروع ٿي ويا ته معاملو ايترو آسان ناهي جيترو سمجهيو پيو وڃي.

جيڪو فيصلو لنڊن جي قيادت ڪيو انهي کي نائن زيرو وارن ڪجهه ئي دير ۾ ٿڏي ڇڏيو. فيصلو هتي اهو ڪيو ويو ته في الحال مظاهرا ڪيا وڃن ته جيئن الطاف حسين واري معاملي ۽ حڪومت وقت طرفان ڪراچي کي وري ڪڏهن به يرغمال نه بڻائڻ واري تنبيهه تي به عمل ڪرائي سگهجي. چيو پيو ته وڃي ته لنڊن واري قيادت کي هتي وارن جي فيصلن سان سخت اختلاف هئا. ٻنهي طرف اختلاف ته سامهون آيا پر وري انهن کي نبيري ڪير؟

هتي وارن همراهن کي وري هن ڳالهه ورايو ته اهي همراهه جيڪي سڌي طرح ڀائي جي چئي ۾ هئا آهن، تن کي ڪيئن ۽ ڪير سمجهائي؟ انهي جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪراچي جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جا ڪجهه سو ڪارڪن نمائش چورنگي وٽ گڏ ٿيا. ڇو ته هن کان اڳ هميشه عوام کي ٻاهر ڪڍي اچڻ وارا اهي يونٽ انچارج ئي رهيا آهن جن کي هاڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊاڪٽرخالد مقبول صديقي سميت رابطا ڪميٽي شر پسند ڪوٺي ويٺي آهي. اهي اختلاف جيڪي الطاف جي گرفتاري کانپوءِ سامهون آيا. چون ٿا ته اختلاف انهي وقت سامهون آيو جڏهن ڏيڍ ڏينهن ڪراچي ۾ زندگي مفلوج رهڻ کانپوءِ حڪومت جو ڪجهه متحده قيادت تي پريشر وڌيو ته ٻي رات نمائش چورنگي وٽ وري هڪ مختصر پريس ڪانفرنس ۾ اهو چيو ويو ته جيتوڻيڪ مظاهرا جاري رهندا.

پر باقي ڪارو بار زندگي ٻيهر بحال ڪيو وڃي. ڪجهه ديرکانپوءِ پنڊال ۾ اهي اطلاع آيا ته سنڌ جو خوش قسمت ترين گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد پهچڻ وارو آهي. اطلاع آهن ته انهي جي پهچڻ کانِ ڪجهه وقت اڳ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ حيدر عباس رضوي ڌرڻي واري جاءِ کان ڪجهه پري وڃي بيهي رهيا. هن کان اڳ عشرت العباد کي متحده جي ڪنهن به سرگرمي ۾ ڪافي عرصي کان ناهي ڏٺو ويو. چيو پيو وڃي ته هن همراهه وڃي اسٽيبلشمينٽ سان هٿ ملايو ۽ انهي ڪري هي الطاف حسين جي ناپسنديده اڳواڻن مان آهي.

ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته متحده ۾ ڪيترائي ناراض گروپ آهن جن مان ڪجهه پاسو ڪري جان بچائي ملڪ ڇڏي ويا جن ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني سرفهرست آهن. جڏهن ته پارٽي وارن جو اهو به خيال آهي ته هن وقت سڀ اختلاف وساري گڏ ٿين پيا. پر جيئن ته پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي اها پڪ ٿيڻ لڳي آهي ته جنهن ڳالهه جو هنن کي ڪافي وقت کان شڪ هو ۽ اهي پنهنجي تقريرن ذريعي چوندا به رهيا آهن ته کين مائنيس الطاف فارمولو قبول ناهي، اها صورتحال اچي چڪي آهي.

جنهن نوعيت جا ڪيس (جيڪي هن وقت تائين لنڊن پوليس سامهون ناهن آندا) الطاف حسين مٿان آهن انهن مان متحده جي قيادت کي پڪ ٿي چڪي آهي ته هن جي اول ته واپسي ممڪن ناهي، جيتوڻيڪ هاڻي هو ضمانت تي آزاد ٿي چڪو آهي پر هن جي پارٽي اندر فيصلا سازي قوت کي ايئن هلڻ نه ڏنو ويندو. الطاف حسين اڳ به پنهنجن تقريرن ۾ اهو چئي چڪو آهي ته لنڊن پوليس هن جو جيئن حرام ڪري ڪري ڇڏيو آهي. انهي بيان مان اها ڳالهه واضح ٿي ٿئي ته سياڻو ڪانو ٻه ٽنگو ڦاٿو آهي. لنڊن مان اطلاع اهي به آهن ته اهي ماڻهو جيڪي متحده جي خوف سبب پنهنجن پيارن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ملڪ ڇڏي ويا هئا سي به لنڊن پوليس وٽ پهچي پنهنجا ڪيس داخل ڪرائي سگهن ٿا. جڏهن ته انهن سياسي اڳواڻن جا ڏنل ثبوت به هن جي خلاف ڪيس ۾ استعمال ڪيا ويندا جن پاڪستان مان لنڊن وڃي سياسي قيادت سان ڪجهه سال اڳ رابطا ڪيا هئا.

هن جي گرفتاري کانپوءِ سڀ کان پهرين همدردي وارو بيان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طرفان آيو. ڪيترن ئي سياسي اڳوڻن هن جي پيروي ڪندي متحده سان اظهار يڪجهتي ڪئي. انهن همدردين پويان به هڪ کان وڌيڪ مقصد هيستائين سامهون آيا آهن. هڪ ته متحده جو اڳواڻ جيڪڏهن باعزت بري ٿي وڃي ٿو ته انهي صورت ۾ ايندڙ وقت ۾ کانئس سياسي سپورٽ وٺبي ۽ ٻيو جيڪو سڀ کان اهم مقصد آهي ته هي پهريون ڀيرو ٿيندو جو لنڊن پوليس 2007ع کان پوءِ پاس ٿيندڙ مني لانڊرنگ قانون تحت ڪو سڀ کان وڏو سياسي نوعيت جو ڪيس هلائيندي.

جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پاڪستاني اڳواڻ جن پنهنجون ناجائز دولتون هتي پهچايون آهن جا به ڪيس کلڻ شروع ٿي سگهن ٿا. انهي سبب حڪومت هن معاملي کي حساس قرار ڏئي رهي آهي. جڏهن ته حيرت جهڙي ڳالهه اها به سامهون آئي آهي ته پاڪستاني حڪومت الطاف تائين Access جي درخواست ڪئي آهي جڏهن ته لنڊن پوليس مطابق انهن پنهنجي شهري تي هٿ وڌا آهن نه ڪي پاڪستاني شهري تي سالن کان لڪل راز آهسته آهسته سامهون اچڻ شروع ٿين پيا، جنهن مان سڀ کان اهم ڳالهه ٽن ڏينهن ۾ اها سامهون آئي آهي ته الطاف کان سواءِ متحده جو ايئن هلڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي. جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پارٽي اندرڪي شديد قسم جا اختلاف به پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن. جڏهن ته اهو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هڪ ڀيرو ٻيهر مهاجر ڪارڊ کي استعمال ڪندي ڪو اهم اڳواڻ سمورن جو پتو صاف ڪري سگهي ٿو. بس ڪجهه وقت اڃا انتظار ڪيو.

حرف آخر: آخري اطلاعن تائين 6 ۽ 7 جون واري رات دير سان متحده اڳواڻ کي 9 ڪلاڪن جي آڏي پڇا کانپوءِ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي ليڪن ماهرن موجب هاڻي مٿس ڪيس هلندو ۽ اهو اڳ وانگر آزادي سان برطانيه مان سياسي سرگرميون جاري نه رکي سگهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو