Home / سياسي افيئر / منير چولياڻي جو قتل: ذميوار ڪير؟
above article banner

منير چولياڻي جو قتل: ذميوار ڪير؟

علي نواز ٻٽ

29 مئي 2014 تي اڻ سڃاتل ماڻهن جيڪي ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ سوار هئا آمري ويجهو قومپرپست اڳواڻ منير چولياڻي کي سندس ڪار سميت کنڀي ويا، رستي ۾ منير چولياڻي جي گهر واري ۽ سندس نياڻي کي لاهي ڦٽو ڪيائون ۽ منير چولياڻي کي گوليون هڻي، قتل ڪري ڪري ڀان ويجهو اڇلائي ويا!

بلوچستان کانپوءِ سنڌ اندر نظر نه ايندڙ قوتن پاران سياسي ورڪرن کي اغوا ڪري انهن کي گوليون هڻي ماري لاش روڊن تي اڇلائڻ جو سلسلو ڪافي تيز ٿي ويو آهي. سرائي قربان کهاوڙ کان وٺي منير چولياڻي تائين ڪيئي ڳڀرو نوجوان قتل ڪيا ويا آهن، سرائي قربان کهاوڙ ۽ مقصود قريشي جي ته لاشن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، هي شايد دنيا ۾ تشدد جو نئون رڪارڊ هجي.

منير چولياڻي هڪ هڪ قومپرست تنظيم جو عهديدار هيو، انهي تنظيم تي وفاقي سرڪاري پابندي مڙهي آهي، اخباري رپورٽن موجب سنڌ حڪومت انهي سان اختلاف ڪيو هيو، اگر اخباري بيان ۽ اندران راضي ٿي ويا آهن ته انجي باري ۾ عوام بي خبر آهي، ٻيو ته سنڌ سرڪار انهي حوالي سان ڪو وضاحتي بيان به جاري نه ڪيو آهي. اگر چئجي ته منير چولياڻي بندش پيل جماعت جو ميمبر هيو ته پوءِ هي سوال اچي ٿو ته انهي جماعت جو ميمبرهئڻ کان به هن ڪو اهڙو جرم ڪيو جو کيس قتل ڪيو ويو!

هي ته عالمي اصول آهي ته اگر ڪو به ملزم گرفتار ٿي وڃي ته ان مٿان جرم لاڳو ڪري مقدمو هلائي سزا ڏيڻ گهرجي، ته پوءِ گرفتاري کانپوءِ کيس عدالت ۾ ڇو پيش نه ڪيو ويو؟ منير چولياڻي ڪو جنگ ڪندي گرفتار نه ٿيو هيو، هو ته پنهنجي ٻارڙن سان وارهه کان سن وڃي رهيو هو. جيڪڏهن هو ويڙهاڪ هجي ها ته پوءِ ته ڪنهن جبل يا جهنگ ۾ هجي ها! هُو ڪار ۾ ڇو ڦري ها، انهي جي وضاحت ته خود سندس جماعت وارا ڪري سگهن ٿا ته آيا هو هڪ سياسي جماعت آهن يا ويڙهاڪ جماعت آهن؟ ڪنهن ويڙهاڪ جماعت جا اڳواڻ يا ڪارڪن ڪڏهن به فوٽو نه ڇپرائيندا آهن ۽ نه ئي پنهنجو ڏس پتو ڏيندا آهن.

may 31-2015       5

ميان نواز شريف پاران جوڙيل ڪاري قانون ۾ به سگهارا ادارا ڪنهن به ماڻهو کي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو بنا ايف آءِ آر پاڻ وٽ رکي سگهن ٿا پر انهن کي اهو حق نه آهي ته رستي ويندي کي گوليون هڻي قتل ڪري سندس لاش، روڊ تي اڇلائن! پاڪستان ۾ جيڪڏهن جمهوريت ۾ به ماڻهو جو ساهه ٻوساٽجي، عوام جي روح کي گهوگها ڏنا وڃن، آزادي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري نه سگهجي ته پوءِ عوام ڪيڏانهن وڃي؟ هي ڳالهه لڪل نه آهي ته سنڌ هڪ پارٽنر جي حيثيت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي، جنهن معاهدي تان حڪمران ڦري ويا آهن اهي آجپي جو آواز بلند ڪرڻ وارن کي ته مارين ٿا، پر پنهنجي غلطي جو ازالو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.!

سنڌي سنڌ اسيمبلي هوندي ويڳاڻپ جو شڪار آهن، سيد قائم علي شاهه جي وزارت اعليٰ جي دور ۾ سنڌ اندر سياسي ورڪرن کي ڪٺو ٿو وڃي پر شاهه صاحب کي ڄڻ ته خبر ئي نه آهي! هي ڪهڙي نه عجيب صورتحال آهي ته هڪ صوبي جو وزير اعليٰ چوي ته مرڪز اقتصادي لحاظ کان سنڌ سان ناانصافي ڪري رهيو آهي ۽ بجيٽ ۾ سنڌ جو گهربل حق نٿو ڏنو وڃي! هي رياست نه رڳو قومن کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ ناڪام وئي. پر اها ته عام ڀلائي وارن ڪمن ۾ به بري طرح ناڪام وئي آهي، اها پنهنجن گناهن کي لڪائڻ، نوابن، جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ ملن جا ڀڀ ڀري رهي آهي. هن ملڪ ۾ غريب غريب تر ۽ امير امير تر ٿي رهيو آهي ۽ مجموعي طور پنجاب سنڌ جي ناڻي تي پلجي رهيو آهي. سنڌ جو ناڻو ڳڙڪايو ٿو وڃي، سنڌ جي صورتحال اها آهي ته ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين هارين جي ڀلائي جا رڳو اعلان ٿي رهيا آهن، بي زمين هارين کي پنهنجو ڳوٺ به نه آهي، اهو ننڌڻڪو آهي، ڪڏهن هن زميندار وٽ ته ڪڏهن هن زميندار وٽ، انڊسٽريز ۾ ڌاريو مزدور ورسايو ويو آهي، نتيجي طور سنڌ جي بازارن ۾ غربت ۽ بيماري کان تنگ مائرون ٻارن جي وڪري جا هوڪا ڏئي رهيون آهن، سنڌ اندر اجتمائي خودڪشين جا واقعا ٿي رهيا آهن، ماءُ پيءُ ۽ ٻار گڏيل طور خودڪشي ڪري رهيا آهن.

سنڌ اندرگداگرن جو تعداد وڌي ويو آهي. بينظير انڪم سپورٽ ذريعي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، پهرين ڳالهه ته 1000 يا 1500 روپين مان ڪو گهر هلي نٿو سگهي، پر اهو به مستحق ماڻهن بجاءِ سياسي رشوت طور ڏنو پيو وڃي! سنڌ اندر وبائي بيمارين ۾ اضافو آيو آهي، سنڌين کي صاف پاڻي به پيئڻ لاءِ نه ٿو ملي. هي اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ آباد علائقن کي ويران ڪرڻ ۽ مٿاهن پٽن، ڀٽن ۽ پهاڙن کي آباد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪيو ٿو وڃي!! ڊئمن ٺهڻ جي ڪري سمنڊ هڪ ميل اڳتي وڌي آيو آهي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ آباد زمين غيرآباد ٿي وئي آهي، پر پوءِ به اهو ساڳيو رينگٽ جاري آهي. ڇا رڳو بئليٽ باڪس ۾ ووٽ وجهڻ کي جمهوريت چيو ويندو آهي؟ هي اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ جمهوريت اندر انصاف کي گهوگهو ڏنو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ حقن ۽ آجپي جو آواز بلند ٿيڻ کي ڪير روڪي نٿو سگهي. جيڪڏهن ماڻهن کي ماري انهن جو قتل عام ڪرڻ سان حق ۽ سچ جو آواز دٻجي ها ته دنيا اندر وڏين وڏين طاقتن کي جيتامڙا ملڪ ۽ ڪمزور ماڻهو، شڪست نه ڏئي سگهن ٿا.

“فينن” جي ڳالهه درست ۽ ٺهڪندڙ آهي ته “هي دنيا خانن ۾ ورهايل آهي ۽ انهي ۾ ٻه مخلوقون رهن ٿيون هڪڙي آقا قوم جي مخلوق ۽ ٻي غلام قوم جي مخلوق. “قينن” اهو به درست لکيو هو ته “اوهان دولت مند آهيو، انهي لاءِ نه ته اوهان گورا آهيو، يا اوهان ڪارا آهيو انهي ڪري ته اوهان دولت مند آهيو” (ڪتاب افتاد گان خاڪ صفحه 6) اها ڳالهه هتي هن طرح چئي سگهجي ٿي ته شهباز شريف ليپ ٽاپ ورهائي ٿو انهي ڪري ته هو حاڪم قوم جو فرد آهي پر سنڌ اندر اسڪول بند آهن ۽ ٻار وڻن هيٺان پڙهن ٿا ڇو ته اهي غلام قوم جا فرد آهن!

هي نهايت عجيب صورتحال آهي، شهباز شريف پنهنجي صوبي کي جديد تر بڻائي رهيو آهي ۽ سيد قائم علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ ٿر جي غريب عورتن مٿان ٺٺوليون ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو، ڇا ته گفتار آهي “ ٿري عورتن جا ٻار دايون ڇڪي ڪڍنديون آهن” ۽ معزز اسيمبلي ميمبر ڳاٽ اوچو ڪري ٽهڪ ڏين ٿا. اهڙي صورتحال کي غلامي جي بدترين شڪل چيو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ غلام قومن جا ساڃاهه وند پنهنجي قوم کي شعور سان نوازيندا آهن ۽ منتشر ٿيل قوم منظم ٿيڻ شروع ڪندي آهي.

سنڌ جي ماڻهن ۾ غلامي جو احساس وڌي رهيو آهي جنهن کي في الحال پيپلز پارٽي ڪيش ڪرائي رهي آهي، اهي هڪ پاسي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻن ٿا ته ٻئي پاسي سندن ئي حڪومت ۾ سنڌ جي نوجوانن جا گولين سان پروڻ ٿيل لاش اڇلائين ٿا! سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي، جيڪا انهي ۾ بري طرح ناڪام وئي آهي. هڪڙو ماڻهو لنڊن ۾ ڏوهه ۾ جاچ لاءِ گرفتار ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي حڪومت هڪ سياسي جماعتي طور انهن سان همدردي ڪرڻ وڃي ٿي پر هي سنڌ جي ٻي حڪومت آهي، لڳاتار سنڌ جي نوجوانن جا لاش روڊن تي اڇلايا وڃن ٿا، ته انهن سان ڪهڙو همدردي جو اظهار ڪيو ويو آهي، بهرحال سرائي قربان جو قتل هجي، ،مقصود قريشي جو قتل هجي، بشير قريشي جو قتل هجي يا منير چولياڻي جو قتل هجي اهي سمورا قتل عدالت کان مٿاهان قتل آهن، جن جو اڄ تائين نه وفاقي سرڪار نوٽيس ورتو آهي، نه سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو آهي ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نوٽيس ورتو آهي. ايئن نه ٿئي جو وقت جو ڦيٿو اڳتي ڦري وڃي ۽ بگٽي جي قتل جيان سنڌ جي صورتحال تي به سرڪار سڳوري کي هٿ ملڻا پون.!

آءُ مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته سنڌ پاڪستان ۾ هڪ پارٽنر طور شامل ٿي هئي ۽ اهو درجو سنڌ کي نٿو ڏنو وڃي، جنهن جو ذڪر ذوالفقار علي ڀٽو قيد دوران لکيل ڊائري ۾ هن طرح ڪيو هو ته: پاڪستان هڪ فيڊريشن هو جيڪو هاڻ نه رهيو آهي جنهن کي هاڻ هر سنڌي سمجهي ٿو في الحال ان جو حل ڪيئن ٿو ڳولهي. اهو ڌار سوال آهي پر سنڌي پنهنجي جائز حصي ۽ حق جي گهر ڪري رهيا آهي جنهن کي تشدد جي ذريعي روڪي نٿو سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو