Home / ڪرنٽ افيئر / مودي جي سوڀ – ٽيڪنالاجي جو ڪمال!
above article banner

مودي جي سوڀ – ٽيڪنالاجي جو ڪمال!

Salam Dharejo“اب کي بار مودي سرڪار” جي نعري هيٺ بي جي پي چمتڪار ڏيکاريو. مودي ماڻهن تي ٽيڪنالاجي جي مدد سان جادو ڪري ووٽ ٻهاري ويو! هندستان جي تازن چونڊ نتيجن نه فقط مودي مخالف سياستدانن کي بخار ڏئي ڇڏيو آهي پر عام پبلڪ به ان سڪتي ۾ آهي ته مودي آخر سندن ووٽ ڪيئن چورايا..؟

اها حقيقت آهي ته مودي جي ڪاميابي پويان سندس منظم چونڊ مهم هئي جنهن کي سياستدانن نه پر ٽيڪنو ڪريٽ پروفيشنلز جي ٽيم هلايو. جديد هندستان جي نفسيات ۽ ضرورتن کي سامهون رکندي ٽيڪنالاجي ۽ مئنيجمينٽ جي هنرن سان ليس ٿيل 200 نوجوانن مودي جي چونڊ مهم جو پلان ٺاهيو ۽ ڪارپوريٽ سرمايو ان مهم جو ٻارڻ ٿيو.

سڀ کان پهريائين هڪ اهڙي شخص جو پروفائيل Re Draft ٿيو جنهن جي هٿن تي هزارين خونن جا نشان هئا. نئين پروفائيل ۾ مودي کي هڪڙو محنتي، ايماندار ۽ جاکوڙي انسان طور پيش ڪيو ويو، جنهن گجرات جي ريگستان کي گلستان بڻايو. چون ٿا ته مودي چونڊ مهم جو پلان ٺاهڻ لاءِ سالن کان اهڙن هندستانين کي ڳولي رهيو هو جيڪي پرڏيهه ويهي قانون، مئنيجمينٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صحافت جي شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا هئا. چونڊ مهم جي تياري ۾ اهو طئي ٿيو ته پهرين مودي جو اميج ٺاهي پوءِ سندس مارڪيٽنگ ڪجي. اهڙي طرح مودي کي عوام ۾ هڪ اهڙي ليڊر طور تي متعارف ڪرائجي جيڪو ڪارڪردگي جي بنياد تي جيڪا انگن اکرن سان ثابت ٿئي، عوام کي ووٽ جي اپيل ڪري. مودي جي گجرات ۾ ڪيل ترقي جو ماڊل سامهون رکيو ويو ۽ اهڙي طرح صفائي سان اهي پروجيڪٽ سامهون آندا ويا جنهن سان گجرات ۾ وڏي پيماني تي ترقي ٿي.

may-15-2014 (14)

مودي جو ڊجيٽل ماسٽر مائينڊ B.G. Mahesh بي جي مهيش جيڪو سالن کان آمريڪا ۾ India News هلائي 18 ملين ٻاهر رهندڙ هندستانين کي هندستان جي باري ۾ خبرون پهچائي رهيو آهي. ان کي مودي گجرات وٺي آيو ۽ هن همراهه کي 50 نوجوانن جي مدد سان 10 ويب سائيٽون ٺاهيون India272.com ۽ indiavotes.com جهڙين نالن وارين ويب سائيٽس تي رڳو مودي جي ترقياتي ڪمن جو ذڪر هو ۽ هندستانين کي اپيل هئي ته توهان هن شخص کي ووٽ ڪريو، سڄو هندستان گجرات وانگر شاداب ٿي ويندو . حيرت ۾ وجهندڙ حقيقت اها آهي ته اهڙي ته ڪاريگري سان گجرات کي ترقي جي ماڊل طور متعارف ڪرايو ويو جو گجرات ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽منصوبن جي ناڪامي جي ماڻهن کي يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويا ته مودي گجرات کي سنواري ڇڏيو آهي.

عام آدمي پارٽي جو اڳواڻ ڪجريوال مودي جي گجرات کي ترقي جي ماڊل جي مهم کي ڪچو ثابت ڪرڻ لاءِ انگن اکرن سان گجراتين کي اڇو چٺو ٻڌايو پر مجال آهي جو گجراتي ٻين تي اعتبار ڪن. اهڙي طرح ممتا بينرجي جڏهن بنگال مان TATA کي سڱن تي کنيو هو ته ڪارپوريشن زراعت ۽ هارين جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ هارين جي گڏيل مهم سبب رتن ٽاٽا جڏهن پنهنجو سرمايو بنگال مان کڻي گجرات پهتو ته مودي TATA گروپ جي باوجود زيادتين ڪارپوريٽ Injustice کي اهڙو کڻي پيش ڪيو جو سڄي هندستان ۾ رتن ٽاٽا لاءِ زمين آسمان ٿي وئي.

مودي سوشل ميڊيا جي اثر کان واقف تڏهن ٿيو جڏهن گجرات ۾ 2012ع ۾ ٿيندڙ ياستي اليڪشن ۾ هن کي Twitter ۽ Facebook وڏي سپورٽ ڪئي هئي. مودي کي سوشل ميڊيا جي اهميت کان واقف ڪندڙ پوني جي فرگوسن ڪاليج جا شاگرد هئا جن سندس گجرات ۾ اليڪشن مهم هلائي هئي.

سوشل ميڊيا تي مودي ڇانيل رهيو سندس Twitter تي پوئلڳن جو تعداد 40 لک آهي ۽ مودي 11 ملين ماڻهن سان Twitter تي سڌو سئون رابطو ڪندو هو. اهڙي طرح مودي جي ڊجيٽل ٽيم 150 ملين اهڙن ووٽرن کي ٽارگيٽ ڪيو جيڪي زندگي ۾ پهريون دفعو ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيا هئا. مودي جي ڊجيٽل ٽيم جو خيال هو ته ملڪ ۾ 65 سيڪڙو ووٽرن جي عمر 35 سالن کان گهٽ آهي ۽ انهن سان سياسي بحث جذباتيت بجاءِ انگن اکرن جي ٻولي ۾ ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح ويب سائيٽن، فيس بوڪ، ٽوئيٽر ۽ Apps جو هڪڙو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. هر موبائيل استعمال ڪندڙ وٽ Free sms سروس ذريعي مودي جو فوٽو ۽ سندس پيغام عام هو.

چون ٿا ته مودي جي چونڊ مهم ۾ شامل مارڪيٽنگ جي ماهرن مودي جا نه فقط نعرا ٺاهيا پر ساڳيا نعرا مختلف ٻولين ۾ به ترجمو ڪري هر اليڪشن ريلي ۾ انهن کي نشر ڪيو ويو. اهڙي طرح ٽيليويزن چئنلن لاءِ خاص ڪلپ تخليق ڪيا ويا ۽ ماهرن اهڙي ته هوشياري سان مودي جا فوٽيج جوڙيا جو هلندڙ ماڻهو گهڙي کن ترسي فوٽيج مڪمل ڏسي.

مودي جي Brand تخليق ڪرڻ ۾ هن همراهه کي هڪڙي اهڙي ماڻهو طور تي پيش ڪيو ويو جيڪو عام ماڻهن سان ملي انهن جي ڏکن تڪليفن کي سمجهي ۽ انهن جو تدارڪ ڪري. مودي جو پروفائيل ٺاهيندڙن مودي کي هڪڙو اهڙي جفاڪش ماڻهو ڪري عام ماڻهن سان متعارف ڪرايو جيڪو ننڍپڻ جي غربت ۽ چانهه پيارڻ واري ڪردار سان نماياب ڪيو ويو. مودي جي عام ماڻهن تائين رسائي کي ممڪن ڪرڻ لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي چائي په چرچا جهڙو 32منٽن جو اهڙو پروگرام ترتيب ڏنو ويو جو مودي ان سيٽلائيٽ جي مدد سان سوين جڳهين تي هڪ ئي وقت عام ماڻهن کي پنهنجو اليڪشن منشور ٻڌائي رهيو هو. بيڪ گرائونڊ ۾ هڪڙو ٻاڪڙا هوٽل هو جيڪو مودي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٻاهر واري ڪم ڪندڙ ڪردار کي نمايان ڪري رهيو هو. چائي په چرچا جو پروگرام 5827 جاين تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نشر ڪيو ويو.

جيتوڻيڪ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي ته مودي ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ عوام کي خطاب ڪري اليڪشن مهم جي مينيجمينٽ جوخيال هو ته مودي جو عام ماڻهو سان گهڻي ۾ گهڻو انٽرڪشن ٿئي. ان ڪري مودي 437 ريلين ۾ پاڻ شريڪ ٿيو ۽ ٽوٽل 3 لک ڪلو ميٽر سفر ڪيو.

باوجود ان جي ته مودي جي چونڊ مهم اخبارن، ٽيليوزن ۽ سوشل ميڊيا تي رڻ ٻاريو ويٺي هئي پر اهي ماڻهو جيڪي ڳوٺن ۾ ٿي رهيا ۽ مودي جو انهن سان ملڻ ضروري هو، ان ڪري 3.D ٽيڪنالاجي جي مدد سان Holographic ڪانفرنسون منعقد ڪرايون ويون. ٽيڪنالاجي جي سڄي ٽيم احمد آباد ۾ سيٽلائيٽ سان ڳنڍيل مودي جون تقريرون اهڙي طرح اسٽيج تي پروجيڪٽس جي مدد سان پيش ڪيون ويون جهڙو مودي اسٽيج تي بيهي تقرير ڪري رهيو آهي. چون ٿا ته UP ۾ جتي BJP کي اڳين اليڪشن ۾ فقط 10 سيٽون مليون هيون، هن چونڊ ۾ 72 سيٽون کٽيون. 3.D ٽيڪنالاجي جي مدد سان سون جي تعداد ۾ ٽرڪن تي پريس پرنٽ ڪري مودي ۽ ڳوٺاڻن سان سڌو رابطو جوڙيو ويو. اهڙي ٽيڪنالاجي ذريعي مودي پاڻ احمد آباد مان ماڻهن سان مخاطب پئي ٿيو ۽ سڄي ملڪ ۾ جتي به مودي تقرير ڪري رهيو هو اها ڊائريڪٽ انهن ٽرڪن تي سيٽلائيٽ ذريعي ٽيليڪاسٽ ٿي رهي هئي. ڊجيٽل مهم جو وڏو ڪارنامو اهو به هو ته مودي جي ٽيڪنالاجي ذريعي تقرير لوڪل ٻولي ۾ پهچي ترجمو پڻ ٿي رهي هئي.

دلچسپ حقيقت جيڪا هندستان جي تازين چونڊل ۾ سامهون آئي سا هئي شخصيت کي ووٽ نه ڪي پارٽي کي يا نظرئي کي. مودي ئي پارٽي هو ۽ مودي ئي نظريو هو. جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيسي جي جابجا استعمال سبب ماڻهن بي جي پي کان هٽي ڪري فقط مودي کي ووٽ ڏنو. ڇاڪاڻ ته مودي جو پروفائيل اهڙي شخص طور متعارف ڪرايل هو جيڪو هندستان جي غربت، بيروزگاري کي ختم ڪرائي تعليم، صنعت ۽ مواصلات جو انقلاب آڻي سگهي ٿو.

چون ٿا ته مودي کي گجرات جو ماڊل وڏو ڪم آيو ۽ سموري چونڊ مهم ۾ مودي گجرات کي رول ماڊل بڻائي هندستان جي ترقي جو آسرو ڏنو. مودي جي مخالفن راهول گانڌي ۽ ڪجريوال وٽ اهڙو ڪو خاص نعرو نه هو جنهن جي مارڪيٽنگ ڪري سگهجي.

هندستان جي اليڪشن ۾ مودي هڪ اهڙي پراڊڪٽ. جو نالو ٿي ويو جو هر هنڌ ان جي کپت هئي. مودي جي مارڪيٽنگ فقط 3.D ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا تائين محدود نه هئي پر مودي جو فوٽو ۽ چونڊ نشان گل ته هر ٽوپي، شرٽ، ڪوپ ۽ چانهه جي دٻي تي به هو. هر ميٽنگ يا ريلي ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن کي اهڙيون پراڊڪٽس مفت ملي رهيون هيون. چون ٿا ته مودي جي Brand جي مقبوليت جو اهو عالم هو جو ننڍي وڏي صنعت مودي جي فوٽن ۽ چونڊ نشان واريون شيون ٺاهي مارڪيٽنگ ۾ کپايون، ڇاڪاڻ ته مودي جي فوٽو جو وڏو چرچو هو.

اها حقيقت آهي ته مودي Brand جي ايڏي ته مارڪيٽنگ ڪئي وئي جو مودي رستن کان وٺي ماڻهن جي گهرن جي هر شيءِ تي ڇانيل هو. اهو ئي سبب هو جو مهاراشٽرا جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي 60 سالن جي پوڙهي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ووٽن واري دٻي کي لوڏيو ۽ ماڻهن کان پڇيو ته مودي جي تصوير وارو چانهه جو مگ ڇو نه ٿو نڪري.

مودي جي ڪاميابي نه صرف هندستان بلڪه پوري خطي ۾ اليڪشن مهم مئنيجمينٽ جي هڪ نئين روايت کي هٿي ڏني آهي. هندستاني جيڪي سڄي دنيا جي انفارميشن ٽڪينالاجي جي شعبي تي ڇانيل آهن نه صرف پنهنجي ملڪ جي صنعت تي ڪنٽرول ڪيو آهي پر سياست به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي طابع ٿيندي نظر اچي رهي آهي. مودي جي ڊجيٽل مهم ۽ سائنسي چالاڪين نه صرف مودي کي سرڪار ٺاهڻ ۾ مدد ڏني پر ان سان گڏ رڪارڊ ووٽر ٽرن آئوٽ به ممڪن بڻايو.

اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان ۾ به پ پ جي جيالن ۽ نواز جي متوالن جي جاءِ تي سفيد پوش نوجوان هوندا جيڪي ٿڌين آفيسن ۾ ويهي بلاول ۽ نواز کي ڳوٺاڻن سان ڳنڍيندا، ته پوءِ سمجهي وڃو ته مستقبل جي سياست ۾ نظرين ۽ پاليسين کان وڌيڪ موثر هٿيار انفارميشن ٽيڪنالاجي هوندو ۽ ان کي ٻارڻ ملڪ رياض ۽ خاقان عباسي جهڙا امير مهيا ڪندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو