Home / اسپيشل افيئر / ميڊيا مافيا
above article banner

ميڊيا مافيا

Ali Abidميڊيا چئجي ٿو سُڌ سَماءَ واري ذريعن کي.اهي ذريعا اخبارون به آهن، رسالا ۽ ڪتاب به آهن ۽ ٽيلي ويزن پڻ ۽ اڄ ڪلهه هڪ ٻيو وسيلو پڻ تمام سگهاري ميڊيائي ذريعي طور سرگرم آهي جنهن کي ”سوشل ميڊيا“ چيو وڃي ٿو.

شروع شروع ۾ ته هر نئين ٽي وي چينل (اردو توڙي سنڌي) ماڻهن کي موهه ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو هڪ الڳ نعرو به ڏنو ۽ نعري هيٺ ماڻهن جون دليون کٽڻ ، کين پنهنجو ڪرڻ ۽ ويوئر شپ وڌائڻ جو ڪم ورتو. ڪن سنڌي چينلن ته وري ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان عشق جي ابتدا” واري دعويٰ سان پنهنجي شروعات ڪئي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سرڪاري ٽي وي تي سنڌي ڊرامن ۽ خبرن کي ڪُل ويههَ منٽ ملندا هجن اتي چوويهه ڪلاڪ سنڌي پروگرام ۽ خبرون نشر ٿيڻ يقينن ماڻهن جي لاءِ تمام گهڻي مسرت جو باعث بڻيا.

ماڻهن جي اهڙيءَ ريت چينلن سان محبت کي وري چينل مالڪن (خاص ڪري سنڌي) مختلف وقتن تي ماڻهن ۾پئسن تي ڪارڊ کپائڻ ۽ مختلف راڳ ۽ ناچ جون محفلون ڪرائي انهن جون ٽڪيٽون جاري ڪري ڪيئن ڪيش ڪرايو اهو ته وري هڪ الڳ قصو آهي ته سنڌي ٻولي، ڌرتي ۽ قوم سان عشق ۽ موئن جي دڙي جي ثقافت جي وارثي جي دعوا ڪندڙ چينلن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن سان ڪهڙيون تعديون آهن. بي تهاشا مهانگائيءَ جي هن دور ۾ ماسٽر ۽ بيچلر جون ڊگريون رکندڙ گهريلو حالتن هٿان مجبور نوجوان اهڙن ادارن ۾ اڄ به ڇهن اٺن هزارن تي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن.

اهي ادارا جيڪي ٻين ادارن ۽ ماڻهن جي تِر جيتري ڪوتاهي، ڪمي ۽ ڪرپشن کي ته عام ڪرڻ ۾ هڪ سيڪنڊ به ڪونه ٿا لڳائين پر سندن ادارن ۾ موجود اهل ماڻهن جو وٽن قدر اهو آهي جو انهن جي اهليت کي اڇلائيندي کين اڻ پڙهيل عام مزدور جيتري ڏهاڙي ڏيڻ جي به قابل ڪونه ٿا سمجهن .

may 31-2015       4

اهي ادارا جيڪي پاڻ ته روزانو ڪروڙين رپيا ڪمائي به ڪونه ٿا ڍاپجن پر اهي ماڻهو جيڪي سندن انهيءَ روزگار جي وٺڻ جو وسيلو بڻجن ٿا انهن لاءِ ڇهن کان اٺن هزارن تائين جي پگهار به ڄڻ کين مهانگي پوي ٿي ۽ ان کان به وڏو الميو اهو آهي ته انهن ادارن ۾ هيٺين عهدن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪن پنهنجي دک ۽ درد کي ڪنهن به اخبار يا چينل وسيلي ماڻهن تائين ونڊي به ڪونه ٿا سگهن. اهي جيڪي چوويهه ئي ڪلاڪ ٻين جي دکن ، دردن ۽ مسئلن کي پيش ڪرڻ ۾ رُڌل هجن ٿا پر انهن جي پنهنجي مسئلن جي ڪوريج لاءِ ڪنهن به چينل يا اخبار ۾ ڪا جاءِ ڪونه هوندي آهي. .

سنڌي چينلن جي حوالي سان ته اها ڳالهه طئي آهي ته انهن ٻولي ۽ ڌرتيءَ جو درد رکندي شروع ۾ جيڪي ٿورو ڪجهه ڪيو سو ئي انهن جو مثبت ڪردار هو باقي موجوده دور ۾ انهن جي مالڪن پنهنجي چينلن کي رڳو نوٽن ٺاهڻ جو ڪارخانو بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چينلن جي ڊرامن ۽ پروگرامن ۾ اسان کي ڪٿي به سنڌي ثقافت، اخلاقيات ۽ قدرن جهڙي ڪائي شيءِ ڪانه ٿي ملي. ائين ٿو لڳي ڄڻ اڄوڪي دور جي انهن چينل مالڪن جو ڄڻ مقصد اهو ئي رهيو آهي ته بس ڪنهن به ريت پئسو ڪمائجي پوءِ ڀلي ان جي عيوض چينلن تي ڇابه ڏيکارڻو پوي.

سنڌي چينل مالڪن اُٿندي ته ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ سان عشق جي ابتدا ڪئي هئي پر هينئر انهن جا ئي چينل چوويهه ڪلاڪ پنهنجي سنڌي قوم کي رڳو ڌاڙيل ڪري پيش ڪرڻ ۾ ئي رڌل آهن. هنن جو ڪوبه ڊرامو اهڙو ڪونه ٿو ڏسجي جنهن ۾ سنڌي ماڻهو کي لوفر، ڌاڙيل ،چور يا ڪنهن وڏيري جو ڪمدار ڪري پيش نه ڪيو ويو هجي. چينلن تي چوويهه ئي ڪلاڪ اهڙي پرچار مان اهو امڪان به ظاهر ٿئي ٿو ته ڪٿي هو پئسن خاطر ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪندي پنهنجي قوم جي ماڻهن کي دنيا آڏو ڄٽ، جاهل، ڦورو ڪري پيش ڪندا هجن. ان کان اڳ پي ٽي وي تي ناٽڪ رنگ ۾ به ته ڊراما پيش ٿيندا رهيا آهن پر انهن جي پيشڪاريءَ جو انداز ڪڏهن به ڪنهن کي اهڙو اگرو ڪونه لڳو. انهن وٽ مختلف موضوع ڪٿان ٿي آيا، بلڪه اڄ به جيڪي پي ٽي وي تي ڊراما پيش ٿين پيا انهن ۾ اهو ڌاڙيل ڪلچر ڇو ڪونه ٿو ڏيکاريو وڃي. ان سلسلي ۾ جڏهن کانئن ڪوئي ساڃهه وند پڇي به وٺي ٿو ته ان کي اهو ئي جواب ملي ٿو اهي ٽي وي تي اهو ڪجهه ڏيکارين ٿا جيڪو ماڻهو ڏسڻ چاهين ٿا. جڏهن کين اهو چيو ويو ته سنڌي معاشري ۾ ٻيا به ڪيترائي اهم مسئلا ۽ اشوز آهن جن کي ڊرامي جي صورت ۾ آڻي ڪي مثبت لاڙا قائم ڪري سگهجن ٿا ،تڏهن اهڙي سوال تي ڄڻ کين مُٺي ماٺ وٺيو ٿَي وئي.

اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ کان پوء هر ايندڙ جمهوري حڪومت ميڊيا جي آزادي واري عزم کي ورجايو ۽ اها ميڊيا جي آزادي اڳتي هلي سڀني ڏٺو ته ان جي ڇڙواڳي بڻجي وئي ۽ انهن جي اها ڇڙواڳي ان حد تائين وڌي وئي جو انهن چينلن جي مالڪن، اينڪرن ۽ اتي ڪم ڪندڙ سينئر صحافين ڄڻ پاڻ کي ڪا مٿاهين مخلوق تصور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ائين سندن اک ڪنهن ۾ به ڪونه ٻڏڻ لڳي، جنهن جا وقت بوقت تمام اُگرا نتيجا آڏو ايندا رهيا. هتي جيڪڏهن قومي سطح تي چينلن جي ڪردار جي ڳالهه ڪبي ته اتي سنڌي چينلن ڪيترن ئي متضاد قومي ۽ سياسي معاملن ۾ پوءِ به گهڻي ڀاڱي پنهنجي حدن اندر رهي نه رڳو غير جانبدارانه ڪردارادا ڪيو پر هو پنهنجي ضابطن اندر رهي نه فقط سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪندا رهيا پر ملڪ جي مڙني صوبن جي عوام جي سورن ۽ تڪليفن کي به ساڳي ئي زبان ڏيندا رهيا .ان جي ابتڙ وري اردو چينلز جو ڪرداربشمول ”جيو“ ڪو خاص مثبت نه رهيو آهي. هنن هميشه نان اشوز کي اشو بڻائي ته پيش ڪيو آهي پر ننڍن صوبن، اتان جي عوام، انهن جي مسئلن، ننڍين ننڍين قوم پرست سياسي پارٽين ۽ انهن جي وقت بوقت ٿيندڙ احتجاجن،تحريڪن ۽ ڪانفرنسن کي ڪابه اهميت ناهي ڏني، جنهن مان انهن جي ٻٽي رويي جي بوءِ بهر صورت اچي رهي آهي. انهن ئي چينلن جو ڪردار اهو رهيو آهي ته ڪراچي ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم سميت ڪا ٻي جماعت ڪو احتجاج يا ريلي ڪڍي ٿي ته ان کي نه رڳو ڀرپور ڪوريج ڏني ٿي وڃي پر ان ريلي ۽ احتجاج کي انهن جو حق ثابت ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ جڏهن سنڌي قومپرست ڪراچي ۾ گڏجن ته ان ڳالهه کي وري رنگ ئي ٻيو ڏنو وڃي ته انهن جي ريلي سان مختلف رستن تي ٽريفڪ جام هئڻ ڪري ماڻهن کي وڏي تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو، يا وري امن امان جي صورتحال جو مسئلو پيدا ٿيو ويو وغيره.

پر هتي وري سوال اردو ميڊيا ۾مختلف چينلن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ وارو آهي جنهن ۾ هو ٻين مڙني صوبائي ٻولي واري چينلن کي به مات ڏيئي ويٺا آهن. تازو ئي سينئر صحافي حامد مير تي ٿيل حملي کان پوءِ جهڙيءَ ريت اردو ميڊيا جي اخبارن ۽ چينلن جا قبلا تبديل ٿيندا رهيا آهن ، انهن مان انهن جي پيشيوارانه ذميوارين جو ڪٿي به ڪو ذري برابر عمل دخل نظر ڪونه ٿو اچي. ائين ڪونهي ته ڪو ”جيو“ ۽ ”جنگ“ گروپ ڪو انتهائي صاف ۽ شفاف ۽ ايماندارانه رپورٽنگ ڪندا رهيا آهن يا انهن تي ڪنهن به ماڻهوءَ، اداري يا عوام جون آڱريون ڪونه اُٿيون آهن، پر جڏهن ڪوبه ماڻهو، ادارو يا وسيلو اسان کي سچ ٻڌائي ۽ ڏيکاري تڏهن ته ان جو حمايتي ٿي بيهڻ سڀني تي فرض آهي. پر گذريل هڪ مهيني کان جيڪا تعدي جيو وارن سان ڀائو وارن ڪئي، ان کان وڏي ويڌن ته سندس ”پٽي ڀائين“ کان پُڳي، جن کيس نيچ ڏيکارڻ ۾ پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو.

هن ڀيري ته هنن ”جيو“ ۽ ”جنگ“ گروپ سان پيشيور ساڙ پاڙيندي يا ڪن جنمن جون دشمنيون نڀائيندي يا وري ڪنهن جي ونگار وهندي يا ڪنهن ايجنڊا تي عمل ڪندي پاڻ کي ايترو ته ڪيرائي ”جيو“ ۽ ”جنگ“ خلاف محاذ کڙو ڪيو آهي جو سندن اهو عمل ڪنهن جي به سمجهه ۾ ڪونه اچي سگهيو آهي.. جهڙيءَ ريت هر بليٽن ۽ هر پروگرام ، اخبارن جي مين سرخين ۽ تبصرن ۾ ”جيو“ ۽ ”جنگ“ گروپ کي نشانو بڻايو ويو ۽ جنهن نموني سان بنا بريڪ مهم هلي رهي آهي ، ان جي پردي پٺيان ضرور ڪي نه ڪي اهڙا سبب سمجهه ۾ اچن ٿا جيڪي انهن چينلن ۽ انهن جي مالڪن ۽ اختيارين جي حوالي سان ماڻهن ۾ نه رڳو شڪ ۽ شبها پيدا ڪن ٿا پر اهي يقيني ٿيندا پيا وڃن.

اها ڳالهه انتهائي اعتماد سان چئي سگهجي ٿي ته اڄ جهڙيءَ ريت اردو ميڊيا مڙي ڪري ”جيو“ ۽ ”جنگ“ گروپ جو گهيرو ڪيو ۽ ان جي لائسنس ڪينسل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، مستقبل ۾ جيڪڏهن انهن سڀني چينلن مان ڪنهن هڪ تي به ڪو اهڙو وقت آيو ته هو پنهنجو وجود به بچائي ڪونه سگهندو ۽ اهو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تاريخ منجهان ائين ميسارجي ويندو جيئن واريءَ تي لکيل اکر.

حامد مير تي حملي ۽ ان جي بيان کان پوءِ جيو جي ٽن چينلن جي لائسنس معطل ٿيڻ واري معاملي کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان صورتحال مان ”جيو“ ۽ ”جنگ“ گروپ وارن کي پنهنجي پرائي، سڄڻ ۽ دشمن جي سُڌَ چڱيءَ ريت پئجي وئي هوندي. هنن کي اهو به معلوم ٿيو هوندو ته انهن جي انهيءَ جنگ ۾ ساڻن ڪير ڪير گڏ هو، ڪنهن هنن جي حمايت ڪئي ، ڪنهن پاسو کنيو ۽ ڪير هنن جي مٿان تنقيد جا هٿيار تاڻي بيٺو هو. جن تي هنن تڪيو ڪيو هو ، سي ته هنن جي ويجهو ڪونه ٿي ڏٺا ويا. باقي سنڌي ميڊيا ان ڏس ۾ مڪمل طور پاڻ ملهايو، اهو کين ضرور ياد رکڻ گهرجي. هنن جو اهو اندازو به غلط ثابت ٿيڻ گهرجي ته جيڪي ظاهري طور ساڻن دوستيءَ جون دعوائون ڪندا هئا سي اندر جا ڪيترا ڪِنا نڪري پيا. موجوده صورتحال مان نڪرڻ کان پوءِ ”جيو“ ۽ ”جنگ“ گروپ کي سنڌ ۽ بلوچستان ۽ اتان جي عوام ۽ انهن جي مسئلن کي ڪوريج ڏيڻ کان محروم رکڻ واري پاليسيءَ تي سو بار سوچڻو پوندو ۽ هاڻي هنن کي اصل ۾ دشمن ۽ دوست ۾ فرق ڪرڻو پوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو