Home / ڪور افيئر / ميڊيا پراسڪي وار: مامن جي من ۾ ڇاهي؟
above article banner

ميڊيا پراسڪي وار: مامن جي من ۾ ڇاهي؟

مظهر

هن حلف کڻڻ بعد پهريان ڇهه مهينا لوڊ شيڊنگ بلڪل نه ڪئي. هن ڪيترائي پاور پلانٽ لڳرائي انهن کي وقت کان اڳ اسٽارٽ ڪرايو ته نئين پيدا ٿيندڙ تقريبا 800 ميگاواٽ بجلي ته سندس نوڪريءَ جو سال پورو ٿيڻ کان اڳ ئي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي جنهن سان لوڊشيڊنگ تي فرق پيو. سڄي ملڪ ۾ ”بي جا بي جا“ ٿي وئي ۽ پنجاب وارن ته چيو ”انج ڦڙيدي اي لالٽين!“

هن آئي ايم ايف کان 556 ملين، ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 400 ملين ۽ ورلڊ بينڪ کان 12 بلين ڊالر امداد يا قرض طور منظور ڪرايا جن مان سواءِ ورلڊ بينڪ جي ٻين وٽان منظور ٿيل ڏوڪڙن جون پهريون قسطون پهچي به ويون. هن تيزيءَ سان رابطا ڪيا ته نان نيٽو آمريڪي اتحادي طور ادا ڪيل ڪردار جي ڪل مسواڙ 1.4 بلين مان 352 ملين ڊالرن جي ٻي قسط ڪوليشن سپورٽ فڻڊ مان نڪري اچي خزاني ۾ داخل ٿي. هو برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب کان ”تحفي طور“ ڏيڍ ارب ڊالر وٺي آيو ته دنيا حيران ٿي وئي.هن ٿري جي ۽ فور جي نيلام ڪيا ته ويتر ٻيا ڊالر آيا. ۽ ايترا ڊالر جو هڪ ئي وقت ملڪ ۾ آيا ته هن ملڪ جو گوڏير رپيو پنهنجي ڌوڙ ٿي ويل ”پگ“ ڇنڊي وري ٻڌي اٿي بيهي رهيو.

هن برادر ڪميونسٽ ملڪ چائنا جي وزيراعظم وين جيابائو کي گوادر ايئن پيش ڪيو جيئن سمرقند جي بادشاهه شهريار کي شهرزاد ڪنيز پيش ڪئي وئي هئي. هن گوادر کان ڪاشغر تائين 5000 ميل نئين شاهراهه ريشم تي ڪم شروع ڪرايو ۽ بلوچستان کي چائنا جي نئين عالمي اقتصادي پروجيڪٽ جو سستو خام مال بنائي ڇڏيو. باءِ دا وي… بلوچستان جو نالو ڪجهه عرصي کان پوءِ رڳو تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهبو. هاڻي اسلام آباد ۾ ڪير به بلوچستان جو نالو استعمال نٿو ڪري، ان خطي جو نئون نالو ”پاڪ ــ چائنا اڪنامڪ ڪاريڊور“ آهي. ان سڄي ڪم جو سياسي دائپو ”پاڪ ــ چائنا اڪنامڪ ڪاريڊور“ جي چيف منسٽر ڊاڪٽر نوڪر بلوچ جي ڪٺ پتلي سرڪار کان ڪرايو ويو. نيشنل پارٽي ….. ٽريڊيشنل برٿ اٽينڊنٽ! هي اهڙو ڪم هو جنهن جي پنجاب وارن وٽ ملڪه ترنم نورجهان جي گاني جهڙي اهميت هئي ته ”مين کنڊ پتاشي ونڊان، اج قيدي ڪرليا ماهي نون!“

نئين شاهراهه ريشم جي ٺهڻ سان چائنا تائين تيل جي پهچ تي لڳندڙ موجوده وقت ۾ ٽن هفتن جيتري گهٽتائي ايندي ۽ موجوده فاصلي ۾ 5700 ميل گهٽجي ويندا. دبئي کان خنجراب (سوست بارڊر) 3300 ميل آهي، جڏهن ته دبئي کان هندي وڏي سمنڊ اندر ملاڪا ٽريٽس ڪراس ڪري شنگهائي تائين پهچڻ جو فاصلو 9000 ميل آهي. اصل مزا ته برادر ملڪ چائنا جا آهن جنهن سان ايڏي والهانه محبت آهي جو ويجهڙ ۾ انفارميشن منسٽري پنهنجي پريس رليزن ۾ ”نادانستگيءَ مان“ ان ملڪ کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا ”برادر اسلامي ملڪ چائنا“ لکندي رهي آهي.

may-15-2014 (22)

هي سڀ ٿيڻ ٿي چڪو، پر مامون جان خوش ڪونه آهن ۽ ميان نواز شريف لاءِ ڪاتي تکي ڪري رهيا آهن. ”ڦر ڀي هم سي يه گلا هئي ڪه وفادار نهين…….“

پنهنجي چونڊ سان نئون فوجي سربراهه مقرر ڪرڻ کان پوءِ ايئن لڳي رهيو هو ته هاڻي ميان صاحب پنج سال مزي سان حڪومت ڪندو. پر معاملا ايڏو تيزيءَ سان خراب ٿيا آهن جو نه رڳو تجزئي نگارن کي ايئن ٿو لڳي ته پنج سال وڏا آهن پر سياسي ڏائڻين مڊٽرم چونڊن ۽ گرينڊ الائنس جا نڀاڳا منتر پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

هنن ڪالمن ۾ اسان چار سال اڳ اها ڳالهه لکي هئي ته جيتوڻيڪ ميان نواز شريف جي رائيٽ ونگ پارٽي پنجاب جي پاپولر پارٽي آهي پر افسران بالا ۽ ان جي وچ ۾ وڏا فاصلا آهن. بلڪه افسران بالا زرداريءَ کي ته زهرمار ڪندا رهيا آهن پر نواز شريف لاءِ وٽن ڪابه رعايت ان ڪري ڪانهي جو هو جڏهن ٽڪرائي ٿو ته پنجاب ۽ افسران بالا آمهون سامهون ٿي وڃن ٿا جنهن سان دوست دشمن وٽ ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته اهي جيترا ”ٻڌڻ ۾ هڪ“ لڳن ٿا اوتروئي ”ڏسڻ ۾ ٻه“ آهن. ظاهر آهي ته اها شيءَ حڪمت عمليءَ واري پلاننگ کي نقصان ڏئي ٿي. هو چاهين ٿا ته مٿي اهڙا ماڻهو حڪمران ٿي اچي ويهن جيڪي هجن به پنجاب مان ۽ هنن سان اهڙا کيرکنڊ هجن جو اهي ۽ افسران بالا ”ڏسڻ“ توڻي ”ٻڌڻ“ ۾ هڪ لڳن.

اهو به گذريل ٽن چئن ورهين دوران اسان جو تجزيو رهيو آهي ته افسران بالا پهريان ته اها ڪوشش ڪئي ته مائنس ون فارمولي تحت بڙي ميان مان جان ڇڏائي سندس نواز ليگ جي پيڪنگ بدلائي ان کي وري کڻي ري ـ سائيڪل ڪجي. پر جڏهن اهو نه ٿي سگهيو ته هنن ٿرڊ فورس جي تلاش شروع ڪئي ۽ پوءِ اوهان ڏٺو ته ڦڙو ڦڙو سنامي ڪيئن تيار ٿيندي آهي.

سنامي اليڪشن کٽڻ ۽ ميان صاحب کي ڊيڄارڻ لاءِ تيار ڪئي وئي هئي، پر پنجاب جي ماڻهن جلسا سناميءَ جا ڏٺا ۽ ووٽ شير کي ڏنا، ۽ اهڙيءَ ريت ميان صاحب مرڪز ۾ موٽي آيو. پنجاب جي ووٽرن سنامي تيار ڪندڙن جي گيم خراب ڪري ڇڏي ۽ پنجاب مان اها پارٽي اقتدار ۾ آئي جنهن جو ماضي ٻڌائي ٿو ته اهاافسران بالا سان negotiateڪري ٿي. جيئن اسان اڳ به لکيو آهي، هو پيپلز پارٽيءَ کي زهر مار ڪندا رهيا ۽ هاڻي نواز ليگ هنن کي زهر لڳي ٿي. هن فرق کي چٽيءَ ريت هيئن به بيان ڪري سگهجي ٿو ته زرداريءَ سان هو صرف نفرت ڪندا هئا پر نواز شريف کان هو ڊڄن به ٿا. نواز ۾ اها به خرابي آهي ته هن جو تعلق پنجاب سان آهي، هو انڊيا سان بزنيس فرينڊلي ناتا وڌائڻ ۽ ان کي موسٽ فيورڊ نيشن وارو اسٽيٽس ڏيڻ چاهي ٿو. (مامون جان کي خوش ڪرڻ لاءِ هاڻي Most Favoured Nation واري اسٽيٽس جو نالو مٽائي Non-discriminatory Trade Access رکيو ويو آهي.)

اوهان ڏٺو ته مشرف جو ٽرائيل شروع ٿيڻ سانخواجي آصف تي بنا ڏوهه غداريءَ جو ميڊيا ٽرائيل هلايو ويو. هو آسان شڪار هو. ان کان پوءِ ملڪ جو سڀ کان وڏو چينل غدار ثابت ٿيو، اڳتي هلي اهو چينل توهين مذهب جو ڏوهاري ٿيو. پوءِ عمران خان اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌليءَ جي ڌرڻي ۾ ان ميڊيا چينل کي نشانو بنايو، پوءِ سڀ مولوي تنظيمون ان چينل پٺيان ڪاهي پيون. هن وقت چينل معافيون ۽ گيسيون پيو ڪري پر ان کي ڇڏيندا ڪونه. اصل ۾ مامون جان defiant پنجاب جي هر پرزي کي واري واري سان مڏو ڪرڻ چاهين ٿا. خواجي آصف کان پوءِ جيو چينل سڀ کان آسان شڪار آهي، ان جي تدفين کان پوءِ هو ٻي شيءَ ۾ هٿ وجهندا. هن مامري اهو پڌرو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف تحمل restraint کان ڪم نه ورتو ته سندس حڪومت جي شامت جلدي اچي سگهي ٿي. في الحال ته افسران بالا جو طريقو اهو آهي ته سڌي لڙائي لڙڻ بدران هڪ هڪ کي الڳ ۽ اڪيلو ڪري پورو ڪيو وڃي. ڪجهه فرد ۽ ادارا شڪار ٿي چڪا، ٻئي مرحلي ۾ ڪو ٻيو شڪار ڳوليندا. جيڪڏهن ميان نواز شريف سڌي مقابلي تي آيو ته پوءِ ته کيس ٻن ڏينهن ۾ واندو ڪري ڇڏيندا.

هن وقت ن ـ ليگ سرڪار تي ڪتا ڇڏيا ويا آهن. سياسي ڏائڻيون ڪم کي لڳي ويون آهن. ملڪ ۾ جيڪو ڪم چوويهه ڪلاڪ چالو آهي سو آهي ماڻهن ۽ ادارن جي محب وطني ۽ غداريءَ جو تعين ڪرڻ. الائي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ يا ڪنهن منصوبي سان پراڪسي حضرات ان ڪم کي لڳا آهن جيڪو جيڪڏهن انهيءَ ئي اسپيڊ سان جاري رهيو ته نتيجا هنن جي اميدن جي ابتڙ نڪري سگهن ٿا. هن ملڪ جو بنيادي تضاد سويلين يا فوجي بالادستيءَ جو تضاد آهي جيڪو مارڪسي تجزئي مطابق هاڻي اتي پهچڻ وارو آهي جتي ان جي حل ٿيڻ بنا معاملا اڳتي نه وڌي سگهندا. پراڪسي حضرات جيڪو ڌوٻين ۽ ڌاڙيلن جو اتحاد قائم ڪري اهو بحث پاڻ شروع ڪيو آهي ته جي اهو سندن هٿن مان نڪري ويو ته پوءِ اصل تضاد کي حل ڪرڻ واري ڳالهه به شروع ٿي سگهي ٿي. مامون جان ڏسن پيا ته اولهه ۾ عبدالله عبدالله ۽ اوڀر ۾ نريندرا مودي تخت نشين پيا ٿين. آمريڪا ايڏو پري هليو ويو آهي جو هاڻي ان جي لنگوٽيءَ ۾ به هٿ نٿو وجهي سگهجي. ايران سان گئس پائيپ لائين جو معاهدو پنهنجي موت مري ويو ۽ ايران سرحدي گارڊز جي گمشدگيءَ واري معاملي جي ڪري ڪاوڙيل به آهي. اها سڄي صورتحال هنن کي گهيري ۾ اچڻ واري فيلنگ ڏئي ٿي. ان صورتحال ۾ لڳي ٿو ته مامون جان پهريان گهر جا معاملا جلد از جلد ٺيڪ ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن پاڙي پاسي کي پنهنجي خواهش موجب منهن ڏيئي سگهن. ان منظرنامي ۾ مڊٽرم اليڪشن وغيره جا آئيڊيا آزمايا پيا وڃن پر اصل آئيڊيا اهو به آهي ته عوام جي بيحد اصرار تي ۽ نظرياتي سرحدن جي تحفظ خاطر پاڻ ئي پيش قدمي ڪئي وڃي. (۽ جي ڏٺو وڃي ته رڳو اها ئي سڀ کان آزموده ڪار، ڪامياب ۽ آسان پيش قدمي هوندي آهي.)

سو چئي نٿو سگهجي ته مامون جان جي من ۾ ڇاهي؟ ٿي سگهي ٿو ته اهو پهرين رائونڊز ۾ پنهنجا پراڪسي ميدان ۾ لاهي ۽ اڳتي هلي پاڻ سندرو ٻڌي رنگ ۾ لهي اچي. پر ان جو ڪو نتيجو ڪونه نڪرندو جو سناميءَ جون لهرون ڏينهون ڏينهن پنهنجي شدت وڃائي رهيون آهن، پراڪسي ڪنهن نه ڪم جا آهن، ۽ هي ڊرامو به بورنگ آهي. جيڪڏهن ميرا سلطان پاڻ اچي پنهنجي سامان جي حفاظت ڪري ته اوهين ڏسندا ته ملڪ هڪ ڀيرو وري ”مثبت“ رخ ڏانهن اهو سفر شروع ڪندو جيڪو آگسٽ 2008 ۾ جنرل پرويز مشرف جي ايوان صدر مان روانگيءَ سان رڪجي ويو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو