Home / سنڌ افيئر / مڪاني کاتو ريموٽ ڪنٽرول وسيلي هلڻ لڳو!
above article banner

مڪاني کاتو ريموٽ ڪنٽرول وسيلي هلڻ لڳو!

مڪاني ادارن جو کاتو ٽن ڪيڊرن سپروائيزري،ايل سي ايس (لوڪل ڪائونسل سروس) ۽ ايس سي يو جي (سنڌ ڪائونسلس يونيفائيڊ گريڊ) سروس تي مشتمل آهي 1. سپروائيزري ڪيڊر ۾ تعلقي سطح تي مقرر ٿيندڙ ڊولپمينٽ آفيسر لوڪل گورنمينٽ، ضلعي سطح تي مقرر ٿيندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ڊويزن سطح تي مقرر ٿيندڙ ڊائريڪٽر اچي وڃن ٿا. 2. لوڪل ڪائونسل سروس ۾ اُهي هيٺين سطح جا ملازم اچي وڃن ٿا جيڪي ميونسپل ڪارپوريشن، ضلع ڪائونسل، ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسل طرفان مقرر ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي ٻي ڪنهن ڪائونسل ۾ بدلي بي نه ٿي سگهندي آهي. 3. ايس سي يو جي سروس ۾ ستين گريڊ جي يوسي سيڪريٽري کان وٺي 19هين گريڊ جا آفيسر اچي وڃن ٿا جن جي مقرري ۽ بدلي وغيره جا اختيار سنڌ گورنمينٽ وٽ هجن ٿا. هن ڪيڊر کي چئن برانچن : (a) ايڊمنسٽريشن (b) اڪائونٽس (c) انجنيئرنگ ۽ (d) ميڊيڪل ۾ ورهايو ويو آهي. قانون موجب هڪ ڪيڊر وارو ٻئي ڪيڊر جي پوسٽ تي مقرر نه ٿو ٿي سگهي، ٻيو ته ڇا پر ايس سي يو جي سروس جي هڪ برانچ جي ملازم ان ئي سروس جي ٻي برانچ ۾ مقرر نه ٿو ٿي سگهي، پر خبر نه آهي ته ڊپٽي ڪمشنرن کي مڪاني ادارن جي خرچن جي منظوريءَ جا اختيار ڏئي اڻ سڌي طرح ايڊمنسٽريٽر جو باس يعني چيف ايڊمنسٽريٽر ڪيئن بڻايو ويو آهي؟!

سپروائيزري ڪيڊر جي آفيسرن جو ڪم باقي ٻين ڪيڊر يعني ايس سي يو جي ۽ ايل سي ايس جي مانيٽرنگ ڪرڻ آهي، پر هن کاتي جي ڊويزن سطح جي آفيسرن يعني ڊائريڪٽرن کي جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن اهي ٻين کاتن جي تعلقي سطح جي آفيسرن کان به گهٽ آهن، 7 گريڊ جي يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري جي بدلي، ڊسيپلينري ايڪشن جا اختيار به صوبي سطح تي قائم سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ وٽ آهن، ٻيو ته ڇا پر يونين ڪائونسل جي نائب قاصد جي نوڪري جي فنڊن ۽ ريٽائرمينٽ وغيره جا معاملا به اهو بورڊ اڪلائي ٿو! ان کان سواءِ ڊويزنل، ضلع ۽ تعلقه سطح تي هي کاتو روينيو جي ونگ لڳي رهيو آهي، روينيو عملدار ڪنٽرولنگ اٿارٽي نه هجڻ جي باوجود اهڙا اختيار استعمال ڪري رهيا آهن، ڪٿي ڪٿي ته ايڊمنسٽريٽرن جون چارجون به هنن عملدارن کي ڏنل آهن، هو ڪڏهن سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ وزير بلديات جا به اختيار استعمال ڪريو ڇڏين ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪنهن لوڪل گورنمينٽ جي آفيسر جي ڪمپلينٽ ڪئي ته سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بغير انڪوائري ڪرڻ جي ان جا لاهه پٽيو ڇڏي، اها اجائي مداخلت به تڏهن قابل قبول هئي، جڏهن اُهي پنهنجي اصولي کاتي (روينيو) خاص طور تي تپيدارن کي سڌاري ڇڏين. حقيقت ته اها آهي ته ڪورٽن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس تپيدارن ۽ مختيارڪارن تي هلي رهيا آهن ۽ ٽرانپيرنسي انٽرنيشنل به پنهنجي تازي رپورٽ ۾ روينيو کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ قرار ڏنو آهي، جيڪڏهن هنن پنهنجي اصل کاتي جتي انهن تي ڊسيپلنري ايڪشن به کڄي سگهي ٿو، ان جو به اهو حال ڪيو آ ته پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته جتي ماتحت هوندي به بادشاهه هوندا اتي ڇا حال ڪندا! ان ڳالهه کان سواءِ هو پنهنجي کاتي، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ پروٽوڪول وغيره ۾ ايترا ته مصروف آهن جو هو مڪاني ادارن جا صرف چيڪ ئي ڪڍي سگهن ٿا باقي مانيٽرنگ جو ته هنن وٽ وقت ئي ڪونهي، ان جي باوجود خبر ناهي ته مڪاني ادارن وارا الائي ڪهڙي بنياد تي اِهو سمجهي رهيا آهن ته روينيو وارا اچي سندن کاتي کي ٺيڪ ڪندا! ٻاهريان ڪڏهن به ڪنهن جو گهر ڪو نه سڌاريندا آهن، بلڪه وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئڻ بجاءِ وهجندا آهن، ان ڪري انهن کي خرچن جي منظوريءَ جا اختيار ڏيڻ سان جيڪي ٻن ٽن لکن جا ڪم ٿيندا هئا اهي به ڪو نه ٿيندا ۽ مڪاني ڪائونسل جا آفيسر ڊپٽي ڪمشرن جو ڪوَرُ ملڻ ڪري ڪک پن کائي ويندا، شايد اهو ئي سبب هجي جو کائن ٽي مهينا اڳ اهي اختيار واپس ورتا ويا هئا، خبر ناهي وري ڪهڙو خواب لڌن؟! هونئن به نظم ۽ ضبط تڏهن قائم ٿي سگهي ٿو جڏهن مٿان کان وٺي هيٺ تائين جا ملازم مڪمل ڪنٽرول ۾ هجن باقي جيڪڏهن وچ تي سيڪريٽريءَ جي سطح جا ايس اينڊ جي اي ڊيءَ جا آفيسر هوندا ته اهي ته چاهين ته سيڪريٽريءَ جي ميٽنگ ۾ اچن ۽ نه چاهين ته نه اچن!.

may-15-2014 (40)

ڀلا جيڪڏهن روينيو وارا بشمول نامينيز (بغير پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيل) ڪميشن پاس 20، 30 سال تجربو رکندڙن کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا ته پوءِ ڊي ايم جي ۽ ايڪس پي سي ايس وارا ته اڃا به وڌيڪ قابل هوندا، پوءِ ته بهتر ٿيندو ته تعليم، صحت، ايگريڪلچر، فشريز، وغيره جي تعلقي، ضلع ۽ ڊويزن سطح جي عهدن جون چارجون به انهن کي ڏنيون وڃن ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ جو عهدو ختم ڪري ميمبر بورد آف روينيو (ايل جي)، ڊائريڪٽر جي جاءِ تي ايڊيشنل ڪمشنرIII، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ جي جاءِ تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر111 جو عهدو پيدا ڪري روينيو کاتي جا عملدار مقرر ڪيا وڃن. تعلقي سطح تي به ڊولپمينٽ آفيسرن جو ڪم مختيار ڪارن کان ورتو وڃي ۽ سيڪريٽري يونين ڪائونسل جا عهدا ختم ڪري اهي ڪم روينيو جي سپروائزرن حوالي ڪيا وڃن ته جيئن يونين ڪائونسلن جون آفيسون به ڪنهن نه ڪنهن جي ستين فارم تي چاڙهي ڇڏين. اهڙن قابلن ۽ ايماندارن جي هوندي وڏي وزير ۽ وزيرن جي به ڪهڙي ضرورت؟!.

اها حقيقت به ناقابل انڪارآهي ته ملڪ، صوبن، ڊويزنن ۽ ضلعن جي جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن ڊي ايم جي (ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ)، ايڪس پي سي ايس، پي ايس ايس (پراونشل سيڪريٽريٽ سروس) ۽ او ايم جي (آفيس مئنيجمينٽ گروپ) جي آفيسرن جي حوالي آهي، جيڪڏهن اُهي اُتي ويهي بهتري ڪرڻ بجاءِ غير قانوني ڀرتين ۽ مقررين ۾ ملوث آهن ته پوءِ اُهي مڪاني ادارن ۾ وري ڪهڙا ڦاڙها ماريندا؟! ڀلا جيڪڏهن انگريزي رواني سان ڳالهائڻ ۽ لکڻ ڪري اهي هر فيلڊ جا ماهر بڻجي ويندا آهن ته پوءِ کانئن ڊاڪٽرن، انجنيئرن، استادن ، اوستن، ڊکڻن ۽ لوهرن جو به ڪم ورتو وڃي.

موجوده نظام ٺاهيندڙن وري ڪنٽرولنگ اٿارٽيءَ جو آزار ختم ڪري لوڪل گورنمينٽ ڪميشن قائم ڪئي آهي جيڪا ڪراچيءَ مان رموٽ ڪنٽرول ذريعي هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، ٽن ميونسپلس ڪارپوريشنس، چارزيڊ ايم سيز، 24 ضلع ڪائونسلن، 50 کن ميونسپل ڪاميٽين ، 150 کن ٽائون ڪاميٽن ۽ 1150 يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪميٽين جي انسپيڪشن ۽ مانيٽرنگ ڪندي، جنهن جي ماضي جي ڪارڪردگي اهڙي هئي جو مڪاني ادارا واٽرسپلاءِ ۽ سينيٽيشن جا ڪم ته ٺهيو، پر پگهارن ڏيڻ جي لائق به نه رهيا آهن، ان جي ابتڙ ٽي ايم او ترقي ڪري ان حد تائين پهتا آهن جو روينيو وارا به مڪاني ادارن جو ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن. ڪي ديوانا ته اختيار نه هجڻ باوجود هر مهيني بئنڪن کي خط لکي اڪائونٽ بند ڪرائي، ايڊمنسٽريٽرن کان شرط مڃرائي وري کولرائڻ جي مشق ڪري رهيا آهن.

ان ڪري سنڌ حڪومت کي تجويز ڏينداسين ته لوڪل گورنمينٽ کاتي کي ٺيڪي تي ڏيڻ بجاءِ سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۽ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جهڙا ادارا ۽ روينيو جي مداخلت ختم ڪري ٻين کاتن جهڙو بڻائي. اُن سان گڏوگڏ مانيٽرنگ ڪندڙ آفيسرن جا گريڊ ۽ اختيار ٻين کاتن جي آفيسرن برابر بڻائي کين پنهنجون آفيسون، ٻيون سهولتون مهيا ڪري ڏئي ۽ تڪڙيون بدليون ۽ ڊيپوٽيشن تي مقرريون نه ڪري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو