Home / اسپيشل افيئر / نازين سان ٽڪر کائيندڙ جاسوس شهزادي!
above article banner

نازين سان ٽڪر کائيندڙ جاسوس شهزادي!

س ب کوسو

برطانيه طرفان “غير معمولي زندگي” جي عنوان سان پوسٽ وارين ٽڪلين جو هڪ سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن جو مقصد تاريخي حيثيت رکندڙن کي ڀيٽا ڏيڻ آهي. انهن تاريخي حيثيت رکندڙن مان هڪ نورالنساءِ عنايت خان به هئي جنهن کي Spy Princess جاسوس شهزادي ڪوٺيو ويو. نورالنساءِ 02 جنوري 1914 تي ماسڪو ۾ هندستان جي مسلمان خاندان ۾ جنم ورتو. سندس شجرو هندستان جي هيرو سلطان ٽيپو سان ملي ٿو. هوءَ پنهنجي والدين جي چئن ٻارن مان سڀ کان وڏي هئي. سندس والد عنايت خان يورپ ۾ رهندو هو. صوفي ازم جو استاد ۽ موسيقار هيو. سندس امڙ امينه بيگم (Ora Meena Ray Baker)آمريڪن هئي. جنهن جي ملاقات عنايت خان سان آفريڪا ۾ سفر دوران ٿي. نور النساءِ انهي ساڳي سال ۾ پيدا ٿي جنهن ۾پهرين مهاڀاري جنگ سموري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو هو. جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي روس ڇڏي انگلينڊ هلي وئي.

1927ع ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. والد جي وفات کانپوءِ نور النساءِ پنهنجي ڏکويل امڙ ۽ ڀائرن ڀينرن جي سار سنڀال جي ذميواري سنڀالي ورتي. نوجوان ڇوڪري جنهن کي خاموش طبع ، شرميلي، حساس ۽ خواب ڏسندڙ سڏيو ٿي ويو. ٻارن جي نفسيات ۽ موسيقي جي تعليم ورتي. هن پنهنجي ڪيريئر جي ابتدا شاعري ۽ ٻارن جون ڪهاڻيون لکڻ سان ڪئي. ٻاراڻي رسالي ۽ فرينچ ريڊيو تي مواد موڪلڻ لڳي. 1939ع ۾ سندس ڪتاب “ويهه جاتڪ ڪهاڻيون” لنڊن مان شايع ٿيون.

may 31-2015       31

هو پنهنجي والد جي امن، شانتي واري درس کان متاثر هئي. هن ۽ سندس ڀاءُ ولايت خان نازين جي ظلم کي شڪست ڏيڻ لاءِ جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. نورالنساءِ پنهنجي هڪ خط ۾ چيو ته “منهنجي خواهش آهي ته هندستاني هن جنگ ۾ امتيازي سوڀ حاصل ڪن. جيڪڏهن هڪ ٻن ايئن ڪري ورتو ته اهو بهادري وارو قدم جس جوڳو ليکيو ويندو ۽ انگريزي ۽ هندو نشانين وچ ۾ پل وارو ڪردار ادا ڪندو.

19 نومبر 1940ع ۾ هن وومين آگزيلي ايئر فورس ۾ بطور ايئرڪرافٽ وومين ڪلاس ٽو ۾ شموليت اختيار ڪئي. کيس وائرليس آپريٽر جي سکيا لاءِ موڪليو ويو.تربيت دوران هن پنهنجو نالوNora Baker نورا بيڪر رکيو. سندس مٿيان آفيسر انهي ڳجهي جنگ ۾ سندس لاءِ گاڏڙ ساڏڙ راءِ رکندا هئا ڇو ته سندس سکيا به اڻ پوري هئي. جيتوڻيڪ فرينچ ٻولي ۾ رواني، وائرليس آپريٽر واري قابليت وٽس هئي پر تجربيڪار ايجنٽ نه هجڻ جي باوجود به نازين جي قبضي هيٺ آيل فرانس ۾ خدمت لاءِ جوڳي اميدوار قرار ڏني وئي. سندس شموليت کان پوءِ کيس گرفتاري جو خوف ورائڻ جي صورت ۾ واپس ورڻ جي آڇ ڪئي وئي پر هن اهڙي آڇ کي ٿڏي ڇڏيو. نور عنايت خان پنهنجي هڪ ساٿي جي ويساهه گهاتي سبب گرفتار ٿي وئي، جيڪو ڊبل ايجنٽ هيو. نازين مٿس وڏو تشدد ڪيو پر هو ڀورا ڀورا نه ٿي. هڪ بهادر ۽ حوصلي واري ناري هئي هن ڳجهي ڄاڻ نازين حوالي نه ڪئي.

1944ع ۾ کيس جرمن گسٽاپو (جرمني جي خفيه پوليس) ڊڄاڻو ڪيمپ ۾ موت جي سزا ڏني، کيس مٿي ۾ کولي هڻي ماريو ويو. جنگ ۾ شامل ٿيڻ وارو سندس فيصلو ان ڪري نه هو ته هو ڪا برطانيه سان پيار ڪندي هئي پر مذهبي رواداري، عدم تشدد وارن قدرن جي ڪري هو نازين خلاف جنگ ۾ شامل ٿي، کيس ننڍپڻ ۾ ئي اهو درس سندس والدين طرفان مليو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو