Home / ڪئپيٽل افيئر / نواز حڪومت خلاف تحريڪ جي شروعات لاهور کان ٿيندي!
above article banner

نواز حڪومت خلاف تحريڪ جي شروعات لاهور کان ٿيندي!

Razak Khatiن ليگ جي حڪومت پنهنجي اقتدار جي آئيني مدي جو هڪ سال پورو ڪري ڇڏيو آهي، انهي هڪ سال دوران جيڪڏهن ن ليگ جي پارلياماني سطح تي ڪارڪردگي ڏٺي وڃي ته ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته حڪومت جو پارليامينٽ ڏانهن رويو جمهوريت پرستي وارو نظر نٿو اچي، انهي هڪ سال دوران وزيراعظم ميان نواز شريف هڪ ڀيرو به سينيٽ ۾ نه آيو آهي، ان سلسلي ۾ سينيٽ جا ميمبر خاص طور تي مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ميمبر گهڻيون ئي رڙيون ڪندا رهيا پر سرڪار هنن جي هڪ به نه ٻڌي، ڪجهه سينٽرن جو ته اهو به خيال آهي ته وزيراعظم ته وڏي ڳالهه آهي، پر گذريل سال مخالف ڌر سان ٿيل تڪرار بعد، جڏهن مخالف ڌر پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ جو اجلاس هلندي ، پنهنجو متوازي اجلاس پارليامينٽ هائوس جي گيٽ نمبر هڪ تي 3 ڏينهن لاڳيتو ڪيو هو، ان بعد چوڌري نثار به هڪ ڀيرو به ايوان ۾ نه آيو آهي، حڪومت جو سينيٽ ڏانهن ان قسم جو رويو ان ڪري به اهڙو آهي ته هن ايوان ۾ حڪومت اقليت ۾ آهي، ۽ مخالف ڌر نه رڳو اڪثريت ۾ آهي، پر هن ايوان ۾ گها گهه پارليامينٽرين ويٺل آهن، صوبن جي هڪ جيتري نمائندگي آهي، ان ڪري حڪومت جو هتي پير نٿو لڳي، اهو ئي سبب آهي ته جيئن ن ليگ کي هلندڙ سال جي شروع ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي رٽائرڊ ٿيڻ جو انتظار ۽ بهانو هو ، هن دفعي به ائين محسوس ڪرايو وڃي پيو ايندڙ سال مارچ ۾ سينيٽ جي موجوده چيئرمين سيد نير حسين بخاري جو مدو ختم ٿيڻ وارو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته هو ڪنهن طريقي سان پنهنجو چيئرمين چونڊرائي وڃي،

هن حڪومت جي پهرين سال جي ڪارڪردگي تمام گهڻي مايوس ڪندڙ رهي، اٿندي ئي هن حڪومت جو خيال هو ته هو طالبان سان ڳالھين ۽ ڪراچي آپريشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندي ، جنهن جي نتيجي ۾ معاشي سرگرميون وڌي وينديون، پر حڪومت جي اها خواهش ان ڪري به خام خيالي ثابت ٿي ته موجوده حڪومت جي اڳواڻي ڪندڙ وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي حڪومت کي فيملي حڪومت ۾ تبديل ڪري چڪو آهي، ۽ فيملي ۾ سڀ عقل جا “ٻاون وير” ويٺل آهن، جن کي ان ڳالھ جو گهمنڊ آهي ته عقل جنهن جنس جو نالو آهي، اها هنن مٿان ختم ٿئي ٿي، ان ڪري هو باقي ٻيو ڪنهن کي کنگهن ئي نٿا. گذريل پارلياماني سال جو اندازو لڳايو وڃي ته هن حڪومت ڪل 11 بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايا، جنهن ۾ به دهشتگردي خلاف تحفظ پاڪستان قانون سميت 4 تڪراري بل آهن، پي پي او ۾ ٽيون ڀيرو 120 ڏينهن جي اضافي جي قرارداد اڪثريت راءِ سان پاس ڪرائي وئي آهي، سينيٽ مان انهن 11 بلن مان هڪ بل به پاس نه ٿي سگهيو آهي، سينيٽ ۾ حڪومت جي پوزيشن تمام گهڻي ڪمزور آهي، وزيراعظم پاران سينيٽ کي درشن نه ڪرائڻ جي ڪري سينيٽ ۾ ايم ڪيو ايم، قائدن ۽ ضابطن ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويو . انهن ضابطن جي تبديلي بعد وزيراعظم هاڻي ان ڳالهه جو پابند آهي ته هو هلندڙ اجلاس دوران هر هفتي ايوان ۾ اچي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندو، پر وزيراعظم انهن ضابطن ۾ ترميم بعد به ايوان ۾ نه آيو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پارليامينٽ ڏانهن وزيراعظم جو رويو ڪهڙو آهي؟

may 31-2015 1

جيڪڏهن انتظامي طور تي هن حڪومت جي هڪ سال جو جائزو وٺجي ته خبر پوي ٿي ته اتي به ساڳي صورتحال آهي، پاڪستان جي 20 کان وڌيڪ اهم وزارتن ۽ ادران ۾ اڃا تائين انهن جا سربراھ مقرر نه ٿي سگهيا آهن ، اسلام آباد ۾ ته اها ڳالهه مشهور آهي ته ملڪ جو وهنوار وزيراعظم جو ايڊيشنل سيڪريٽري هلائي ٿو، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي، پنهنجن ماڻهن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ اسٽيل ملز کي ويهاري ڇڏيو اٿن، جڏهن ته پي آءِ اي ۾ سيڙپ ڪئي پئي وڃي ته جيئن ان جو خسارو گهٽائي بعد ۾ وڪرو ڪئي وڃي،

اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت خلاف جڙندڙ اتحاد ۽ ايم ڪيو ايم

پاڪستان ۾ هن وقت حڪومت خلاف سياسي اتحاد جڙڻ شروع ٿي ويا آهن، هن دفعي اهو ڪم لنڊن کان شروع ٿيو آهي، جتي مشرف جي ساٿارين چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ طاهرالقادري سان حڪومت خلاف اتحاد جو اعلان ڪيو ويو آهي، شيخ رشيد ۽ ٻيا به ان اتحاد ۾ شامل هوندا، هن اتحاد مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجن پراڻن پگهاردارن کي آهستي آهستي گڏ ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف اڳي ئي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، اسلام آباد ۾ هر جمعي جي ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو ڌرڻو هوندو آهي،

حڪومت خلاف شروع ڪيل انهي تحريڪ بابت تحريڪ انصاف جو اهو موقف آهي ته جيستائين شفاف چونڊون نٿيون ٿين تيستائين حقيقي جمهوريت نٿي اچي سگهي، ان ڪري اها تحريڪ نه جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ لاءِ آهي ۽ نه ئي وچ مدي جي چونڊن جو مطالبو ان جي پويان لڪل آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته جون جي آخري هفتي ۾ تحريڪ انصاف لاهور ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ لاهور ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ڪندي ۽ انهي ئي جلسي ۾ عمران خان حڪومت خلاف لاهور کان لانگ مارچ جو اعلان ڪندو، ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته جولاءِ واري مهيني ۾ رمضان شريف هجڻ ڪري سياسي سرگرميون ٿي به نه سگهنديون ۽ انهي مهيني دوران لانگ مارچ جي تيارين جو به کيس وقت ملي پوندو ، امڪان آهن ته عمران خان لانگ مارچ جي تاريخ آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ رکي، عمران خان پاران اسلام آباد ۾ گذريل مهيني منعقد ڪيل جلسي ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن مٿان سخت ترين الزامن بعد ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته اليڪشن ڪميشن جي چئني ميمبرن کي اخلاقي طور تي استيعفا ڏيڻ گهرجي ها، پر انهن ائين نه ڪيو، هن وقت چيف اليڪشن ڪمشنر موجود ناهي، ان ڪري وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر ، قانون موجب سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج جسٽس ناصرالملڪ آهي، ان جي استيعفا جو ان ڪري به سوال پيدا نٿو ٿئي ته هو آئيني طور تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس بعد سينئر ترين جج آهي جيڪو ئي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر ٿي سگهي ٿو. اهڙي ريت اليڪشن ڪميشن مٿان سياسي پارٽين جو اعتماد به کڄي چڪو آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اليڪشن ڪميشن 15 مئي جي آخري تاريخ رکي هئي، ان کان اڳ ۾ اي سي پي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين کي خط لکي چيو هو ته هو ايندڙ چونڊن لاءِ چونڊ سڌارن جي حوالي سان تجويزون اماڻي ڏين، پر جماعت اسلامي کانسواءِ ٻي ڪنهن به پارٽي اي سي پي کي چونڊ سڌارن بابت تجويزون ڏياري نه موڪليون آهن. ان ڳالهه مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اي سي پي هاڻي اخلاقي طور تي ملڪ جي سياسي پارٽين اندر پنهنجو اعتماد وڃائي چڪي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر فخرالدين جي ابراهيم جي استيعفا بعد حڪومت اڃا تائين ان سلسلي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي،ڪجهه وقت اڳ ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس( ر) راڻا ڀڳوان داس جو نالو سامهون آيو هو، ان نالي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر اتفاق به ڪيو هو، اهو ئي سبب هو ته ان دوران فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي رٽائرمينٽ بعد 3 سالن تائين ڪوبه آئيني عهدو نه رکڻ جي ضابطن جي ترميم به پارليامينٽ مان پاس ڪرائي وئي هئي، جنهن تي مخالف جي ڌر جي سينئر پارليامينٽرين احتجاج به ڪيو هو ته هڪ شخص لاءِ قانون ۾ ترميم نه ٿيڻ گهرجي، ذميوار ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوان داس پاڻ انهي عهدي تي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري هاڻي حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو فوري طور تي اليڪشن ڪميشن جي چيف جي مقرري لاءِ ڪوششون شروع ڪري، پر شايد حڪومت ۽ پيپلزپارٽي اهو چاهي ٿي ته چار ئي ميمبر جيڪڏهن اخلاقي طور تي استيعفا ڏئي وڃن ته هو ان بعد نئين سر اليڪشن ڪميشن جي چونڊ ڪري، ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ اي سي پي جي ميمبرن مٿان ڌٻاءُ وڌند ويندو ۽ کين پاڻ ئي اهي عهدا ڇڏڻا پوندا،

جون واري مهيني لاءِ اهي به اطلا ع آهن ته لنڊن ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم جي سربراھ الطاف حسين لاءِ برطانيا جي زمين سوڙهي ٿيندي ٿي وڃي، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي جاچ سبب کيس سخت پريشاني ٿي رهي آهي، اها جاچ هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، مئي جي پڇاڙ ڪن ڏينهن ۾ برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر فلپ برٽن ، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪري پاڪستان وٽ موجود ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن جي ٻانهن گهري ورتي آهي، جنهن تي چوڌري نثار واضح ڪيو آهي ته پاڪستان عالمي معاهدن ۽ قانون جي ان سلسلي ۾ پابندي ڪندو. هي پهريون ڀيرو هو جڏهن ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي حوالي سان وزارت داخلا جي پريس رليز ۾ ان جو ائين ئي ذڪر ڪيو ويو آهي، جيئن پاڻ بيان ڪيو آهي، پريس رليز ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي حوالي سان اهو به چيو ويو آهي ته برطانيا جي پوليس ۽ عدليه خود مختيار آهن، حڪومت انهن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي آهي، ان مان ئي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته برطانيا جي حڪومت جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت چاهي به ته ان سلسلي ۾ هو ان جي مدد نٿي ڪري سگهي، جڏهن ته ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته برطانيا جي پاڪستان ۾ موجود انهي هاءِ ڪمشنر آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان به ملاقات ڪئي آهي، ان ڪري ايم ڪيو ايم جي موجوده تنظيمي صورتحال هڪ فيصلائتي موڙ ڏانهن وڃي رهي آهي. ذميوار ذريعن ته اهو به ٻڌايو آهي ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ لنڊن ۾ الطاف حسين جا سمورا اڪائونٽ به سيل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ پهريون ڀيرو عمران فاروق قتل ڪيس ۾ قاتلن جا خاڪا جاري ڪرڻ بدران انهن جون اصل تصويرون جاري ڪيون آهن، نه ته عام طور تي خاڪا جاري ڪيا ويندا آهن ، پر جڏهن جاچ ڪندڙ ايجنسين کي پڪ ٿي وڃي ته پوءِ جوابدارن جون اصل تصويرون جاري ڪيون وينديون آهن، هن سڄي مرحلي تي ڏٺو وڃي ته الطاف حسين جيئن ئي پاڻ مرادي جلاوطني اختيار ڪري لنڊن ويو ۽ اتي جڏهن کيس برطانيا جي شهريت ملي ته هن پاڪستان جي شهريت لاءِ پاڪستان جي سفارت خاني سان رجوع ئي نه ڪيو، ان ڪري هو قانوني طور تي پاڪستان جو شهري ئي نه رهيو آهي، هاڻي جڏهن سوڙھ وڌي وئي آهي ته الطاف حسين نه رڳو پاڪستان جو محب وطن شهري ٿي سامهون آيو آهي ، پر کيس پاڪستان جي شهريت به گهربل آهي، الطاف حسين کي پاڪستان جي حڪومت پاران ٽارڻ واري عمل جي ڪري ايم ڪيو ايم سخت ڪاوڙيل آهي. ٻئي طرف الطاف حسين کي لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار پڻ ڪيو ويوهو. بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي هٿن مان مڪمل نه پر گهڻي قدر نڪري ويل ايم ڪيو ايم جيڪا سدائين “ سوديبازي ” جي پوزيشن ۾ هوندي آهي، اها هن وقت پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوبه سودو ڪري سگهي ٿي، قومي اسيمبلي ۾ فاروق ستار کي هٽائي رشيد گوڊيل کي ايم ڪيو ايم جو پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جا ٻئي اصل جوابدار هن وقت پاڪستان جي رياستي اداران جي هٿن ۾ “ محفوظ گهر” ۾ موجود آهن ،اهي ئي اهي ٻه ماڻهو آهن جيڪي الطاف حسين جي باقي زندگي جو فيصلو ڪندا، الطاف حسين کي پاڪستاني پاسپورٽ نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪاوڙ مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته الطاف حسين هاڻي پاڪستان واپس اچڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي سياست ۽ تنظيم کي مافيا جي انداز سان هلايو آهي، جنهن ڪري پاڪستان جي سياسي منظر نامي ۾ سياسي پارٽين سان هن جون دوستيون نه هجڻ جي برابر آهن، سندن سڀ کان وڏو مددگار ۽ هاڻي پاڻ پريشان مشرف جي حالت به ساڳي آهي، ان ڪري هن دفعي سڄي راند پاڪستان جي نظر نه ايندڙ اداري جي هٿ ۾ آهي، پاڪستان جي هي اسٽيبلشمينٽ هن حڪومت مٿان ڌٻاءَ وجهي وڌيڪ پنهنجي “ جاءِ” وٺڻ چاهي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته هڪ طرف عمران خان تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ته ٻئي طرف چوڌري ڀائر ۽ قادري هڪ آواز ٿي ويا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم ( جيڪڏهن ٽٽڻ کان بچي وڃي ٿي ته) اها به انهي صف ۾ موجود هوندي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي به اڳتي ڪيو ويو آهي، هو عمران خان جي خلاف گرينڊ الائينس يا ايم ايم اي ٽائيپ ڪو نئون مذهبي جماعتن جو اتحاد ٺاهڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي.

ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته عمران خان ملڪ جي هڪ وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، ان جا سياسي فيصلا ۽ رويا هن وقت اسان جو موضوع نه آهن پر اها ڳالهه طئه آهي ته پاڪستان ۾ وڏين پارٽين جا اڳواڻ اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي هضم نٿا ٿين، ان ڪري عمران خان به انهن وٽ اعتبار جهڙو ناهي، جنهن ڪري مولانا کي به تيار ڪيو پيو وڃي، جيئن حڪومت مٿان ايندڙ ڏينهن ۾ پريشر وڌائجي، اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ اها خراب خبر آهي ته پنجاب جيڪو ،سدائين اسٽيبلشمينٽ جو ساٿاري رهيو آهي، اتان کان پهريون ڀيرو اسٽيبلشمينٽ خلاف آواز اچن پيا، توڻي جو پابندي پيل جهادين جي جماعتن هٿان پنهنجي حق ۾ مظاهرا ڪرائڻ جي باوجود پنجاب ۾ اها تبديلي اسٽيبلشمينٽ لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي، نه ته پنجاب جا ماڻهو سدائين سنڌين ، بلوچن ۽ پختونن جي نه رڳو حب الوطني کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندا هئا، پر اسٽيبلشمينٽي حب الوطني به اسان مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پنجاب پهريون ڀيرو پنهنجي داغدار روئي تي نظر ثاني شروع ڪئي آهي، جيڪا چڱي ڳالهه آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو