Home / پروفائيل / ورسي جي مناسبت سان طارق عالم: ڊگهي رولاڪي تي نڪتل شخص!
above article banner

ورسي جي مناسبت سان طارق عالم: ڊگهي رولاڪي تي نڪتل شخص!

Naseer Kubhar14 – A سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جو اُهو ڪوارٽر آهي ، جتان ڪالونيءَ واري گِهٽي سنڌي ادبي بورڊ کي وڃي لڳي ٿي. انهيءَ رستي تي پيادل آفيس ويندي طارق عالم کي مون پهريون ڀيرو ڏٺو هيو . طارق مارڪيٽ جي ڀر ۾ ئي ان ڪوارٽر ۾ هالار ، لاهُوت ۽ ڀاڄائي رضيه سان رهندو هو . شايد سال 93ع جي اپريل مهيني جي ڪا تاريخ هئي ، پينٽ شرٽ پاتل ، پيرن ۾ فرنچ فلمن جي هيروز جهڙا بُوٽ ، ڪُلهي ۾ سفري ٿيلهو لٽڪيل ، ڪرائيءَ تي رنگين پٽو چڙهيل . مون کي اِها پوءِ خبر پئي ته طارق جي ڪرائيءَ تي ننڍڙي ڳوڙهي آهي انهيءَ ڪري پٽو پائيندو آهي . پوءِ ڪجهه عرصي کانپوءِ اُها ڳوڙهي ۽ پٽو ٻئي غائب ٿي و يا . منهنجو ادبي بورڊ جي آفيس ۾ اڪثر وڃڻ ٿيندو هيو . اُتان دوستيءَ جا قدم اڳتي وڌيا .

طارق سان منهنجي واقفيت هُن جي زندگيءَ جي ٻي حصي ۾ ٿي جڏهن هُو گُردن جي پيوندڪاري کانپوءِ ، هڪ ذميدار فرد طور زندگي گذاري رهيو هو . ذميوار زندگي ته هُن جي اڳ به هئي پر انهيءَ طارق جي گهاريل طريقيڪار کي اسان جو سماج هضم نه ٿو ڪري . آئون پڙهائيءَ جا جيترا به سال يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ رهيس طارق مون کي پيار ڏنو .

ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيءَ جو فن ۽ ان جا فني لوازمات سمجهائڻ کان وٺي هر موڙ تي منهنجي رهنمائي ڪيائين . منهنجي ڪهاڻي ” وارياسا وجود“ جنهن جي ڀرپور موٽ ملي ، طارق جي ئي ايڊٽ ڪيل آهي . انهيءَ کان سواءِ ادبي دنيا ۾ مون کي سڀ کان پهرين لکڻيءَ جو معاوضو به طارق وٺي ڏنو هيو . طارق اديب جي ، ادبي سفر جو ساٿي ۽ انهيءَ جي ڏکن جو ڀاڱي ڀائيوار هوندو هيو . حقيقي ۽ سچي ڳالهه تي بغير واقفيت جي به اُن جو پاسو کڻندو هيو . اجائي ۽ بي تُڪي ڳالهه تي ڍينگ خانن کي به سَتَ سُريون ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪندو هيو . سنڌ جو ” مهان ڏاهو “ جي نالي سان سڏجندڙ اديب جڏهن طارق سان بدتميزي ڪئي ته پاڻ ٺهه پهه چيائين : ” آئون اِبنِ حيات پنهور ڪو نه آهيان ، جنهن کي تو ٽارچر ڏيئي تباهه ڪيو . آئون طارق آهيان ، اهڙو ذليل ڪندس جهڙو آهين .“

پروفيسر نوراني صاحب جنهن جي ڏنل گُردي طارق جي زندگيءَ کي جيئندان ڏنو .اُنهيءَ سان جڏهن سنڌ يونيورسٽي انتظاميه ناانصافي ڪئي ته طارق والڪينو وانگي ڦاٽي پيو . بقول نصير مرزا ته ” طارق ٽانڊي ٽپڻي “ هونئن ئي هيو مٿان پروفيسر نوراني جهڙو سخي ۽ اصول پرست ماڻهو هجي ته طارق جو ضمير ڪيئن خاموشيءَ جو روزو رکي سگهي ٿو .

may 31-2015       18

چون ٿا هُو رڪارڊي رولاڪ هيو . تڏهن ئي ته هُن جون ڪهاڻيون به رولاڪ ڪردارن جون آهن . اُهي ڪردار جيڪي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا پانڌيئڙا آهن . طارق پنهنجي ڪهاڻين ۾ اهڙن ڪردارن کي امر ڪيو آهي جيڪي پنهنجي حق ۽ سچ لاءِ ، سچ جو عَلم بلند ڪندا آهن . اِها ئي روايت هُن جي زندگيءَ جو حصو هئي . هُو دوستيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي زيتونن وانگي ڳاڙهو ۽ مٺو هيو ۽ مخالفت ۾ ڄامشوري جي پٿرن وانگي سخت هيو . هُن المهد کان لهد تائين جو سفر به ايئن ئي ڪيو هو . قمبر جي زرخيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ اسان جو هي طارق پنهنجي ڪهاڻين ۾ زيتونن جي خوشبو رکندڙ هيو جيڪا ملڪ آگاڻيءَ جي طويل ڪهاڻين ۾ به ملندي آهي . اُهو ئي قمبر جنهن جي مٽي هاڻن گهرن جي وڏن ڄارن ۾ رات جو ڏيئا ٻرندا هيا، تڏهن ته طارق پاڻ لکيو آهي :

امبر تارن ۾ ،

ڏيئا جليا ڳوٺ جا

ڪچن جارن ۾

دوستن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر بيٽسمين طارق ، چاچي عالم ابڙو جي گهر جنم وٺندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ آخري پليئر هيو . ڳالهه اوپنر ۽ لاسٽ پليئر جي ناهي پر ڳالهه انٽري جي آهي پوءِ اُها ڪرڪيٽ جي هجي توڙي زندگيءَ جي پِچ جي هجي . پر طارق پنهنجي انٽري ڀرپور ڏيکاري . پنهنجي مڙني ڀائرن ۾ هي سنڌي ادب جو بهترين پليئر هيو . هاڻي طارق جي ڀائرن جو تعارف طارق پويان ٿئي ٿو نه ڪي طارق جو تعارف ڀائرن پويان .

طارق عالم بنيادي طور تي هڪ ڪهاڻيڪار ، ناول نگار ، ڪالم نويس ، مصور ، شاعر ۽ ناٽڪ نويس هو. طارق جون گهڻيون ڪهاڻيون داخلي ڪيفيت جون آهن . هن پنهنجين اکين سان جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ سَٺو ، اُهو ڪاڳر جي ڪينواس تي چٽيو آهي . داخلي ڪيفيت ڪنهن هڪ نقطي تي محيط نه هوندي آهي پر طارق انهيءَ سفر ۾ پنهنجي ذهني ڪيفيت کي درست طريقي سان ڪتب آندو آهي . انهيءَ ڪري هُن جي ڪهاڻين ۾ توهان کي اُهي به ڪردار نظر اينداجيڪي عام ، ڌڪاريل ۽ داخلي ڪيفيت جا ماريل هوندا . طارق اهڙن ڪردارن جي نفسيات ، نفسياتي مسئلا تمام بهتر انداز ۾ بيان ڪيا آهن . توڻي جو ڪجهه ڪهاڻين ۾ نراسائي ۽ اٻاڻائي ايندي پر ڪي ڪردار ڏاڍا اتساهيندڙ آهن ۽ ڪيترين ڪهاڻين جا ڪردار هن جي ذاتي زندگي سان سلهاڙيل آهن .

” آدم ، سمنڊ ۽ خوشبو“ ڪهاڻي تي هڪ دفعي ڳالهائيندي چيائين ، ” منهنجو رشتيدار ڪراچي ۾ هوڙن تي ڪم ڪندو هو . هن جو ڪم ۽ جانٺي جواني ڏسي مون کي ڪهاڻي جو ٿيم ذهن ۾ آيو ته ڪهاڻي لکيم .“

ڪهاڻي ” فريم “ کان اڳ آئون طارق سان هُن جي اڇي مهراڻ ڪار ۾ ڪيترا ڪلاڪ هيرآباد جي روڊن تي رلندو رهيس . مون جڏهن بلڊنگس ۾ نهارڻ ۽ ڳولا جو سبب پڇيو ته چيائين ، ” پيارا ڪنهن واقفڪار جي رهائش هتي آهي ڳوليان پيو ، ملي نٿي .“ مون چيو ، ”ڪٿي ويجهي ۾ پڇي ٿا وٺون“ . ٽهڪ ڏيندي چيائين، ” نه نه اهڙي ڳالهه ڪونهي . تون بور ته ڪونه ٿو ٿئين؟“ مون مرڪي نه ڪئي ۽ ڪجهه دير بعد اسين ريڊيو تي نصير مرزا جي آفيس پهتاسين . پوءِ جڏهن ڪهاڻي ”فريم“ ماهوار ڪينجهر ۾ پڙهيم ته اصل ماجرا جي خبر پئي . ايئن ڪيترين ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ ماحول جي لاءِ هي روڊن رستن تي، گهرن گِهٽين ، درياهه ، ويرانين ۾ ڦرندو رهندو هيو . اهڙيون ڪيتريون ڪهاڻيون آهن جن بابت آئون پڇندو هيس ته انهن ڪهاڻين جي اصل حقيقت ۽ پنهنجي وجود جي شموليت ٻڌائيندو هيو .

لکڻ لاءِ هميشه اهوئي چوندو هو ته جيڪو ڪجهه ڏسين ، متاثر ڪري يا پاڻ ڀوڳين اهوئي لکجانءِ . زوري لکڻ هوا ۾ لٺيون هڻڻ وانگي آهي . انهيءَ کان نه لکڻ بهتر آهي .

طارق پيدائشي تخليقڪار هو. هُن ڪڏهن رنگن کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو ته ڪڏهن قلم وسيلي نڪرندڙ لفظن سان ڪهاڻيون ، ناول ، شاعري ۽ سفرنامي جي روپ ۾ هن ڪائنات جا جلترنگي رنگ اسان کي ڏيکاريا. طارق جي ڪهاڻين ۾ ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن جيڪي پڙهندڙ کي امرجليل جي ڪهاڻين جو پرتو نظر اينديون . ”خواهش جي ٽياس تي“. پر انهيءَ ڳالهه کي طارق خود جلد محسوس ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو منفرد اسٽائل اختيار ڪيائين ته سندس ڪهاڻيون ادبي سفر ۾ نروار ٿي ويون . انهن ڪهاڻين ۾ ” پيلو ڌنڌ ، فريم ، آدم سمنڊ خوشبو، يا رات سانت ۽ سوچون “ شامل آهن . انهن ڪهاڻين ۾ طارق پنهنجي لکڻ جي ڏانءُ کي نئون روپ ڏنو. پڙهندڙ توڙي تنقيد نگار کي اهي ڪهاڻيون ميچوئر نظر اينديون . جڏهن ڪهاڻين جو مجموعو ” سڃاڻپ جي ڳولا ۾ “ ڇپيو ته طارق جون ان وقت تائين ڇپيل سموريون ڪهاڻيون ڪتاب ۾ شامل ٿيون . پر طارق جون اڃا ڪجهه ڪهاڻيون سوجهرو ، سپيون ، عبرت بڪ ڪلب يا ڪاوش ڪهاڻي ڪتاب ۾ آهن جيڪي بهترين ڪهاڻيون آهن اُهي ڪتابي صورت کان رهيل آهن . هاڻي وقت جي تقاضا آهي ته طارق عالم اڪيڊمي اهو ڪم ضرور ڪري .

طارق اُهو قديم اسٽوري ٽيلر هو جيڪو برفاني طوفانن جي راتين ۾ باهه جي الائو تي ڪهاڻيون ٻڌائيندو آهي . هُن جي ڪهاڻين جي ڊانسنگ فلور تي زندگيءَ جا کِلندڙ رنگ ،روئيندڙ ڪردار ، ڪٿا ڪلي ۽ ڀارت ناٽيم جهڙو ناچ نچي رهيا آهن .سنڌ جي آرٽسٽ فيملي جي هن ميمبر بابت حسن مجتبيٰ جي ڳالهه سان آئون سهمت آهيان ته ” آريه ويدڪ شاعر مور پنک سان رگ و يد لکندا هئا ۽ مون کي لڳي ٿو هي شخص طارق اڄوڪي سنڌ ۾ ڪنهن آريه ويدڪ شاعر جي ڀٽڪندڙ آتما آهي جيڪو ورهين کان پرهه جي پيالن ۾ جيون رنگ جهڙو سوم رس ڀري موهن جي دڙي جي نرتڪي سمبارا کان وٺي تارا گهنشام تائين ڪلا جي نانءُ چيئرس ڪندو رهيو.

۽ طارق جو ناول ” رهجي ويل منظر“ جڏهن ڇپيو ته ان کان اڳ سنڌ سٺي ناول لاءِ واجهائيندي هئي اهڙي وقت ۾ طارق پنهنجي روئداد کي ناول جو روپ ڏنو ته گهڻن کي ڇرڪائي ڇڏيائين . هي اهو ناول آهي جيڪو سنڌيونيورسٽيءَ تي لکجندڙ سمورن ناولن ۾ مٿاهون مرتبو رکي ٿو . اڄ به انهيءَ موضوع تي ناول لکجن پيا . پر انهن ناولن تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان رهجي ويل منظر جي ڇاپ ضرور آهي . ڪو به ناول رهجي ويل منظر جي جاءِ والاري نه سگهيو آهي ۽ هر ٻي سال مذڪوره ناول جو نئون ڇاپو مارڪيٽ ۾ اچي ٿو. اڄ به هي ناول نوجوان دلين جو گائيڊ بڪ طور رهي ٿو . انهيءَ ڪري هن ناول نه صرف پڙهندڙن کي متاثر ڪيو آهي پر ڪجهه سوچڻ تي به مجبور ڪيو آهي . هاڻي انهيءَ ناول جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو به اچڻ گهرجي ته جيئن اسين سنڌي ناول کي ٻين ٻولين جي ناول سان گڏ ڳڻائي سگهون .

طارق پنهنجي ٽهيءَ جو ذهين ليکڪ هُن پنهنجي زندگيءَ کي تڪليف هوندي جيڏو ڀرپور گذاريو ايڏوئي لکڻ جي سفر کي به سڦلتا وارو گذاريو هُن نثر توڻي نظم ۾ جيڪو ڪجهه ڪم ڪيو اُهو ڳڻائڻ جهڙو آهي . هُن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ اُتساهه به حاصل ٿئي ٿو . طارق يارن جو يار رهيو آهي پنهنجي دل جي سمورين سچاين سان ، هڙئي ڪمزوريون بيان ڪندي دوستن جو ڀرم رکندڙ رهيو. تخيل جي رنگن کان وٺي ذاتي زندگيءَ تائين هُو هڪ اهڙي هيري مثل آهي جنهن کي جتان به ڏسجي چمڪندڙ نظر ايندو . وقت جي دز ۽ ميراڻ هُن کي ڪڏهن به ميرو نه ٿي ڪري سگهي . اهڙي بي بها موتي جو ملهه وقت جو جوهري ئي سڃاڻي سگهي ٿو .

پئي منجهه ڦلهيار ، ماڻڪ ميرو نه ٿئي

لال لالائي نه ڇڏي ، ساجن سڀ ڄمار

کُٽا جي خريدار ، ته به ملهه مهانگو تن جو .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو