Home / اسپيشل افيئر / ورهاڱي کان پوءِ لڏيندڙ صاحب رام بجاج جي ڪهاڻي
above article banner

ورهاڱي کان پوءِ لڏيندڙ صاحب رام بجاج جي ڪهاڻي

Ammir Abbasانڊيا اچجي ۽ ممبئي نه وڃجي ته مزو ناهي ايندو، هونئن به منهنجا اڪثر سٺا دوست ۽ واقفڪار ممبئي ۾ رهندا آهن، پر جيئن ته مون وٽ ممبئي جي ويزا نه هئي تنهن ڪري مون پنهنجي هڪ مهربان دوست گرمک جڳواڻي کي فون ڪيو جيڪو سنڌ جي هڪ اڳوڻي ايم پي اي سرڳواسي مهرو مل جڳواڻي جو پٽ ۽ بي جي پي پاران ممبئي جي جلگائون حلقي جو MLC رهي چڪو آهي. گر مک مون کي گر گائون ۾ رهندڙ هڪ سنڌي صاحب رام بجاج جو موبائل نمبر ڏيندي ساڻس ملڻ چئو ته هو توهان کي ممبئي جي ويز وٺرائي ڏيندو ڇو جو هو سنڌين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ مشهور آهي. مون صاحب رام کي فون ڪيو ته هن مون کان گيسٽ هائوس جي ايڊريس پڇندي چيو ته هو پاڻ مون سان ملڻ ايندو. ڏنل وقت باوجود هو نه پهتو ته مون هن کي وري فون ڪئي، هن چيو ته هو ڳوليندو ڳوليندو گيسٽ هائوس جي ويجهو پهتو ۽ مون کي فون ڪيائين پر منهنجو نمبر بند هو تنهن ڪري هو واپس موٽي ويو.

مون کيس ٻيهر اچڻ لاءِ چوڻ جي بجاءِ چيو مانس ته مان پاڻ ٿو ساڻس ملڻ اچان. هن جي ڏسيل ايڊريس تي جڏهن پهتس، جنهن بلڊنگ جي فليٽ ۾ هو رهي پيو تنهن کي ڏسي حيران ٿي ويس جو اهڙيون بلڊنگون مون دبئي ۾ ڏٺيون هيون. روڊ جي ٻنهي پاسن کان دبئي اسٽائيل جون انتهائي خوبصورت ۽ ماڊرن گهڻ ماڙ عمارتون ٺهيل هيون جن ۾ هزارين فليٽ هئا. صاحب رام بجاج مون کي 12 هين ماڙ تي پنهنجي فليٽ ۾ وٺي هليو.

لائونج ۾ ويهاري هن پنهنجي گهر واري کي چانهه ۽ بسڪيٽ آڻڻ لا ءِچيو. هن ٻڌايو ته سندس گهر واري سکر جي آهي، جنهن جو والد سکر جي مشهور سوئٽر ٺاهيندڙ ڪمپني آڪسفورڊ جو مالڪ هو پر هو اها فيڪٽري هڪ ميمڻ فيملي کي ڏئي آيا ۽ هتي اچي ساڳيو بزنس شروع ڪيائون جيڪو انڊيا جي ڪيئي شهرن ۾ آهي. آڪسفورڊ ڪمپني جو هينئر مالڪ الياس ميمڻ آهي جنهن هاڻي، ڪمپني کي ڪراچي ۾ شفٽ ڪيو آهي. هن اڄ به ڪوالٽي کي تمام بهترين رکيو آهي ۽ ان جي ئي ڪري هن جو بزنس وسيع ٿيو آهي ۽ ٻاهرين ملڪن تائين هن جا سوئٽر ۽ ٻيون گارمينٽس ايڪسپورٽ ٿين ٿا.

may 31-2015       8

چانهه وغيره کان پوءِ حال احوال ۽ تعارف جو سلسلو شروع ٿيو ته صاحب رام بجاج ٻڌايو ته هو اصل ۾ ڪنڌڪوٽ جو آهي. هن ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي مان بي ڪام جي ڊگري وٺي جڏهن هن اشتهار پڙهي هڪ بينڪ ۾ نوڪري لاءِ رابطو ڪيو ته کيس جواب مليو ته ان بينڪ ۾ هندن لاءِ نوڪري ڪرڻ تي پابندي آهي، جنهن تي هن بئنڪ جي سربراهه آغا حسن عابدي کي چيو ته هو اهو کيس لکي ڏئي ته بينڪ ۾ هندن جي نوڪري ڪرڻ تي پابندي آهي، جنهن تي هن کيس اهو لکي ڏنو. هو اها لکت کڻي انڊيا جي سفارتخاني ويو ۽ اتي کين اهو ڏيکاريو ته اتي موجود آفيسر کيس چيو ته جيڪڏهن واقعي توهان هندن سان اهڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي ته پوءِ توهان هي ملڪ ئي ڇڏي وڃو. پوءِ صاحب رام ۽ ڪجهه ٻين هندو نوجوانن هندستان جي ويزا لاءِ درخواست ڏني جن کي ستت ئي ويزائون ملي ويون ۽ اهڙي طرح سنڌ جا هي پڙهيل لکيل ۽ قوم جي سرمائي جي حيثيت رکندڙ نوجوان هڪ تعصب پرست پناهگير جي ڪري پنهنجي ڌرتي ماءُ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا. انڊيا اچڻ کانپوءِ صاحب رام هتان جي چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ به حصو ورتو ۽ کيس انٽيليجنس ۾ نوڪري ملي، جنهن دوران هن جو نائيجيريا ۾ دهشتگردن سان به مقابلو ٿيو جنهن ۾ هن کي گوليون لڳيون ۽ هو زخمي به ٿيو، بينظير ڀٽو سان هن جون ڪيئي ملاقاتون ٿيون ۽ هن ساڻس گڏ نڪتل فوٽو به ڏيکاريا.

صاحب رام هينئر رٽائرڊ آهي ۽ پنهنجي هڪ فرم هلائيندو آهي. هو بي جي پي جو هڪ سرگرم ۽ اهم ميمبر آهي ۽ اليڪشن کٽڻ جي صورت ۾ کيس ڪا چڱي ذميواري ملڻ جي اميد آهي. هو اڪثر صبح جو گرگائون کان ميٽرو وسيلي دهلي ۾ بي جي پي جي هاءِ ليول ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ ويندو

رهندو آهي. هن جو اولاد شادي شده آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ رهي ٿو.

70 سالن کان به وڏي ڄمار رکندڙ صاحب رام بجاج جي صحت رشڪ جي قابل آهي. سندس مائٽ شڪارپور جي هاٿي در پاڙي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ رهن ٿا جن سان ملڻ واسطي هو پاڪستان به اچي چڪو آهي.

مالڪي ۽ داد فريا نه هجڻ سبب صاحب رام جهڙا ڪيئي هيرا سنڌ کان لڏي ويا ۽ اها لڏ پلاڻ اڄ به جاري آهي. ان سان نقصان رڳو سنڌ، ان جي سماج ۽ مفادن کي پيو ٿئي ۽ اهو نقصان ڪيترو ٿي چڪو آهي، ان جو ڪاٿو نه لڳي سگهي ٿو ۽ نه ئي ان جو ڪو پورائو ڪري سگهجي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو