Home / سنڌ افيئر / وڻجارن جي سنڌ ۽ گجرات وارو گس!
above article banner

وڻجارن جي سنڌ ۽ گجرات وارو گس!

Khalid Kunbharبڙ تلاءَ سرحد جو ڇيڙي وارو ڳوٺ آهي، جتي پاڪستان جي سرحدي چونڪي آهي. جتان پاڙيسري ملڪ جي تند ڪي وکون ئي مس هوندي ۽ جي اتان بيهي نهاريندا تـ رڳو تند کان هن پاسي رڻ پيو اڇائيندو.اهو رڻ ويهـ ڪوه آهي. انهي رڻ جا هن ڪاڪي قيصر خان ڪيترائي پنڌ ڪيا آهن. هن وطن ٺهڻ کان پهرئين قيصر خان کوسي جو اباڻو وطن رڻ کان هن پاسي گجرات ۾“ برڙوئو” آهي.پر ليڪي نڪرڻ کانپوءِ هي اچي چوڙئي جبل جو ڀر جهلي ويٺا ۽ اتان کان هنن اچي بڙتلاءِ وسايو. “برڙوئي ” مان رڻ جهاڳي هن جو ننگر اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ڪاڪو قيصر خان ٻڌائي ٿو تـ اسان جي ذات وارا اڪثر ڪري پينشن ننگر مان کڻندا هئا. سو اسان جي گهڻي اٿل ننگر ڏانهن هئي. سو گجرات وارن شهرن سئي گام ۽ احمد آباد گهٽ وڃڻ ٿيندو هو. سيڌو سامان بـ هتان ئي وٺندا هئاسين. . انهن ڏينهن ۾ رڻ وارو اهو رستو وڏو وسندڙ هوندو هو. ماڻهو ماڻهو سان گڏيو پيو هوندو هو. ڍڳي گاڏيون بـ اتان جام هلنديون هيون. انهي رڻ واري رستي سان سنڌ ۽ گجرات جو واپار هلندو هو. اهو سمورو واپار وڻجارا ڪندا هئا. انهن وڻجارن جو ڪم ئي واپار هو. انهن جو ڪوبـ ڳوٺ نـ هو بس سدائين سفر ۾ هوندا هئا. رڻ ٽپي پارڪر ۾ داخل ٿيندڙ وڻجارا سنڌ وطن تائين ويندا هئا. پارڪر ۾ گهڻا تڻا تلاءِ انهن ئي وڻجارن جا کوٽرايل آهن. انهن ۾ راڻاسر، نرياسر ، رڻمل ساءِ وڻجارن جي ٺهرايل تلائن جي هڪڙي نشاني هوندي هئي.اهي تلاءَ اندر وچ تي يا تلاءَ جي تري جي پاسي ۾ مٽي جو ڍڳ ٺاهيندا هئا.. اهي وڻجارا سمورو سامان ڍڳين تي کڻندا هئا. ڪنهن زماني جا مشهور وڻجارا لاکو ۽ ڀارمل هئا. چون ٿا لاکي وڻجاري وٽ لک ڍڳيون هونديون هيون . بڙتلاءَ کانسواءِ سنڌوڙي ڳوٺ وٽان بـ رڻ مان رستو آهي جيڪو بـ گجرات وڃي ٿو ۽ ڪڇ ڏانهن ويندڙ رستو وري آديگام وٽان آهي.ڳوٺ ڏيڏياڙي وري اهڙو ٽڪنڊو آهي، جتان کان رڻ مان رستو گجرات ۽ راجستان ٻنهي ڏانهن ويندو هو.

انهن رڻ وارن رستن ذريعي پارڪر هڪڙي ئي وقت ڪڇ، گجرات ۽ راجستان سان ڳنڍيل هوندو هو. اهو رڻ وري مختلف رستن کان مختلف آهي. جيئن سنڌوڙي وٽان ۽ آديگام وٽان لڳ ڀڳ ستاويهـ ڪوه آهي. انهي رڻ جو پانڌئيڙو ڪاڪو قيصر خان ٻڌائي ٿو تـ ، رڻ جي پنڌ ۾ سونهين سواءِ پنڌ نـ ڪجي. انهي پنڌ ۾ گهڻا تـ بس نڪ جي سڌائي تي هليا ويندا هئا. جيئن نرڀو ڪولهي ڳوٺ ڪوهاڙي وارو تـ رات ڏينهن پيو هلندو هو بس هو نڪ جي سڌائي تي سڄي رڻ جو واقف هو. سهراب خان کوسو چون ٿا تـ رڻ جي پنڌ جو اهڙو تـ ڪاريگر هو جو ويندي ڪاٺي کوڙي ويندو هو، ورندي اچي اتان اها ئي کوڙيل ڪاٺي کڻندو هو. ڪاڪو قيصر خان ٻڌائي ٿو تـ رڻ ۾ واٽ تـ هوندي ڪونهي نـ وري ڪو گيسو سو ڪڏهن ٻـ چار وکون اوڀر تـ ڪڏهن ٻـ چار وکون اولهـ، پارکو پانڌئيڙا اچي رڻ اڪرندا هئا. باقي جنهن واٽ تان وڃجي واپس انهي ئي واٽ تان ورجي اهو ممڪن ئي ناهي. هونئن تـ رڻ جو پنڌ رات جو ڪبو آهي پر ڏينهن جو بـ ڪري سگهجي ٿو. ڏينهن واري پنڌ ۾ پانڌي وٽ پاڻي گهڻو هجي اڃ ڏاڍي ٿي لڳي. بس رڻ واري پنڌ ۾ ڏينهن جو بـ “اونهي سري” اڪرڻ کان ڀلجي نٿو سگهجي .may-15-2014 (42)

انهي سري رڻ جي سر وچ ۾ اهو پنج ڪوه جيترو پنڌ آهي جتان کان اوهان کي رڳو رڻ ئي رڻ نظر ايندو. اتان کان اڪرڻ کانپوءِ ڪارونجهر جبل ڏسڻ ۾ پيو ايندو هو، هتان ايندي پوءِ بس انهي سڌ تي پيا ايندا هئاسين . ووڙائو جبل جيڪو چوڙئي کان ٿورو اڀرندي آهي . صفا بارڊر تي اهو جتان ڪٿان پيو ڏسبو آهي. چون ٿا انهي ووڙائو جبل جي جيستائين ڇانءِ وڃي ٿئي اوستائين گرهڻ آهي رڻ ۾ ، ڪاڪو قيصر خان ٻڌائي ٿو تـ رڻ ۾ گرهڻ جي خبر پئجيو ٿي وڃي. گرهڻ شروع ٿيندي تـ پهرئين ٿورا ٿورا پير اندر گچندا پوءِ وري ٿورو اڳتي وري پير اڃا اڳتي ٽنگين تائين انهي ڪري پنڌ ڪندڙ گرهڻ واري جڳهـ تي پير رکڻ مهل ئي سهي ڪري وٺندو تـ او هتي گرهڻ آهي.

سو ڏينهن وارو رڻ جو پنڌ بـ ڪرڻ وارو ڪري سگهي ٿو . پر هونئن رڻ جو پنڌ ڪبو رات جو آهي . رڻ واري پنڌ لاءِ رات سونهي آهي ۽ انهي رات ۾ قطب تاري تي پنڌ ڪبو. پوءِ جيڏانهن بـ پنڌ ڪرڻو آهي بس تاري کي اک ۾ رکڻو آهي.ڏس جي خبر قطب تاري مان پوندي. پر جيڪڏهن ڪو پنڌ ڪندڙ رڻ ۾ سمهي وري اٿي پنڌ ڪندو تـ ڏس جي سڌ ۽ تارن جي سڃاڻپ اها ناهي رهندي، انهي ڪري اڪثر اسان ۾ جهيڙا بـ رڻ واري پنڌ ۾ ڏس تان ٿيندا هئا. انهي ڪري سمهڻ مهل يا تـ تير جو نشان ٺاهي ڇڏيندا هئاسين يا وري جُتي جو منهن اوڏانهن ڪري ڇڏيندا هئاسين. انهي مان خبر پوندي هئي تـ هاڻ اسان کي هيڏانهن سفر ڪرڻو آهي. اهي ماڻهو جيڪي رڻ واري پنڌ ۾ اڪثر چاندي ۽ مصري کڻي ايندا هئا. اهي تـ ڏينهن جو ئي وچ رڻ ۾ سمهي رهندا هئا. اهي ڇا ڪندا هئا جو رڻ مان ٽي وڏيون چيپون ڪٽي ماڻهو جي قد جيتريون چورس ٻنهي پاسن کان رکي هڪڙي مٿان رکي پاڻ اندر سمهي رهندا هئا. پوءِ جهڙو لر اي سي ۾ ستو هجي اهڙيون ٿڌيون هونديون هيون. ڪاڪو ٻڌائي ٿو تـ رڻ ۾ وسڪاري جا چار مهينا پاڻي هوندو آهي . انهن ڏينهن ۾ رڻ جو پنڌ ڏاڍو ڏکيو ڇا، ناممڪن آهي پر سونهان وسڪاري جي وسندي مينهن ۾ بـ پنڌ ڪندا هئا.

ڪاڪو قيصر خان ٻڌائي ٿو تـ انهي رڻ ۾ ننڍا وڏا ڪيترائي ٻيٽ آهن.ٻورڙيو ٻيٽ ،ڌڻ ٻيٽ،نڙو ٻيٽ ، سڀني کان وڏو نڙو ٻيٽ آهي جنهن ۾ ڪنهن وقت گاه وڻ ۽ ٻوٽو جام هو. اهو ٻيٽ پنج ڇهـ ڪوه آهي اڳي پانڌي اڪثر ڪري انهي ٻيٽ وٽ اچي ساهي پٽيندا هئا. اتي پاڻي بـ مٺو آهي.ٻـ ٽي نريون هيٺ مٺو پاڻي آهي. مال بـ نوڙي پي سگهي ٿو پر هاڻ اتي رڳو ديويون آهن. هنجن وارو مشهور ٻيٽ وري ڏيپلي تعلقي ۾ راهمڪي بازار کان بـ مٿي آهي. هنج پکي اتي رهن ڪونـ پر چون ٿا اتي وڏا ڪاٺين جا ماڙا ٺاهيندا هئا جن کي سمنڊ جون لهرون بـ لوڏي ڪونـ سگهنديون هيون.اهي ڪاٺين جا ماڙا ماڻهو جيڏا هوندا هئا، اتي هنج بيضا ڏيندا هئا. ٻچا بـ اتي اٿاريندا هئا، پوءِ جڏهن ٻچا اڏڻ جيڏا ٿيندا هئا تـ ڪانجهر ڪوٽ ڏانهن هنج هليا ويندا هئا.

ڪاڪو قيصر خان ٻڌائي ٿو تـ 56ع تائين ڪا خاص پابندي ڪونـ هئي، ڪسٽم هوندي هئي. انهي ۾ ڪاڪو پاڻ ملازم هو. پوءِ رينجرس آئي تـ پوءِ پنڌ بـ ويا. ڪاڪو قيصر خان ٻڌائي ٿو تـ ٻورڙي واري ٻيٽ تائين 56 تائين پاڪستان جون سرحدون هيون پوءِ ايوب هنن کي پورو رڻ ڏنو.ٻورڙي ٻيٽ تائين وڏيرا هرڻن جو شڪار پيا ڪندا هئا ۽ هرڻن کي رڻ ۾ ڊوڙائيندا هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو