Home / اسپيشل افيئر / پاڪستان ۾ پوليو جو ڀوت!
above article banner

پاڪستان ۾ پوليو جو ڀوت!

sanaپاڪستان اندر صوبن ۽ شهرن ۾ مختلف فيسٽيول منعقد ڪرايا ويندا آهن جيئن ان تي ايوارڊ ملي يا وري ٻاهرين دنيا ۾ تعريف جا هار پارايا وڃن. اهڙو ئي نئون لقب “اعزاز” پاڪستان جي سيني تي سجايو ويو آهي، جنهن تي نه ته حڪمرانن ڪي تقريبون ڪوٺرايون نه ئي ڏوڪڙ خرچ ڪيا بس ٿوري لا پرواهي ۽ غلفت سان ئي ٻاهرين دنيا طرفان اهڙو اعزاز صرف ۽ صرف “پاڪستان” جي نصيب ۾ (حالانڪه شام ۽ ڪيمرون به ان لسٽ ۾ اچن ٿا) آيو آهي اهو آهي پوليو .

صحت جي عالمي اداري (WHO) پوليو وائرس ٻين ملڪن ۾ ڦهلائڻ کان بچاءُ لاءِ سفر تي بابنديون لڳائي ڇڏيون آهن، مطلب ته ڪنهن به ملڪ ۾ سفر ڪرڻ کان پهرين ماڻهو جو پوليو فري هجڻ ضروري آهي. دنيا جي صف اول۽ بيهندڙ پاڪستان پهريون ملڪ آهي، جنهن تي سفري پابندي لڳائي وئي آهي.

WHO ۽ ان جي ماتحت ڪم ڪندڙ ايمرجنسي ڪاميٽي وٽ اهڙو اختيار آهي ته ڪنهن به ملڪ تي اهڙيون پابنديون لڳائي جنهن سان وچڙندڙ بيمارين جو خدشو هجي، ايمرجنسي ڪاميٽي جو اجلاس هن مهل تائين انتهائي حساس وچڙندڙ بيمارين تي ئي ٿيو جنهن ۾ پهريون اجلاس “ڪانگو” ٻيو “ سوائن فلو” ٽيون آخري پوليو جي معاملي تي ٿيو ۽ ان ڪاميٽي ۾ پاڪستان جا ماهر به شامل آهن، جنهن ۾اهو فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان مان پوليو وائرس ٻين ملڪن تائين ڦهلجي ٿو تنهن ڪري ان تي سفر کان پهرين شرط ۽ ڪي پابنديون لڳايون وڃن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پوليو هن مهل تائين هزارين ماڻهن کي يا ته موت جي ننڊ سمهاريو آهي يا کين معذور ڪري ڇڏيو آهي. پرپاڪستان اندر اهڙين شديد ۽ موتمار بيمارين کي رب جي رضا سمجهي خاموشي اختيار ڪئي ويندي رهي آهي پوليو جهڙي مرض جي تاريخ ته يورپ ۽ آمريڪا مان آهي پر لڳي ايئن ٿيو ته ڄڻ پاڪستان سندن ناناڻو هجي.

may-15-2014 (32)

يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن پوليو جي مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ دنيا جا 80 ملڪ ان مرض کان پاڪ آهن. اهڙين سفري پابندين جي ڪري پاڪستان کي دنيا ۾ شرمساري کي منهن ڏيڻو پيو آهي ان جا ڪيترائي سبب پڻ آهن پاڪستان جرنل آف ميڊيڪل سائنسز جي هڪ رپورٽ مطابق ته پاڪستان ٺهڻ کان هن مهل تائين صحت هڪ بزنس طور سمجهيو ويو آهي عوام جي فلاح تي ڌيان گهٽ ڏيڻ سان گڏوگڏ انتهائي اهم “صحت” کي نظر انداز ڪيو ويو.

پاڪستان اندر پوليو جي وڌندڙ ڪيسن جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته ٻارن تائين پهچ ۽ پوليو ويڪسين متعلق پوليو جا قطرا نه ٿا پيارجن، ٻيو ته ملڪ اندر پوليو ورڪز سان ٿيندڙ موتمار واقعا به آهن. پوليو ورڪز جي مٿان ٿيندڙ دهشتگرد حملاکين پر تشدد علائقن ڏانهن وڃڻ کان روڪين ٿا. پشاور ۽ ڪراچي اندر پوليو ورڪرز کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته پوليو ورڪرز جي حفاظت لاءِ مقرر پوليس اهلڪار به نشانو ٿين ٿا.پوليو مهم جي دوران سخت گرمي ۽ جان هٿ تي کڻي گهمندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز يا ڊسپينسر جي روزاني جومعاوضو به انتهائي معمولي هوندو آهي. تقريبن 250 روپيا ڏهاڙي، ان سان گڏ ويڪسين، ڪولر ۽ برف به وٺڻي پوندي آهي. اندرون سنڌ ۾ اڪثر پوليو ورڪرز سخت گرمي جي حالت ۾ ٻارن جي صحت سڌارڻ کانپوءِ گرمي جي تپش نه سهندي پاڻ اسپتالن ۾ وڃي داخل ٿيندا آهن. ڀلا ان 250 ۾ ڪيئن پنهنجو علاج يا روز مرهه برف جو خرچ ڪن؟ عالمي نوعيت جون پابنديون هٽي به سگهن ٿيون. ڀارت دنيا جي نقشي تي پوليو فري سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ماهرن جي اها راءِ آهي ته ڀارت کي دنيا جو آخري ملڪ هوندو جتي پوليو ختم ٿين پرڀارت دنيا آڏو اهڙي بيماري کي شڪست ڏئي پاڻ مڃايو.

سوالٽر سڪاٽ جيڪو هڪ مشهور ناول نگار ۽ شاعر هو جنهن جي ساڄي ڄنگهه مفلوج ٿي وئي هئي. 1773ع ۾ ان جو سبب ۾ بخار ٻڌايو ويو. پوليو جي پهرين باقاعده رپورٽ 1843ع ۾ شايع ٿي هئي ۽ 1860ع تائين پوليو پوري يورپ ۾ موجود هيو ۽ پوءِ آمريڪا تائين پهچي ويو. 1910ع تائين هي مرض دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن ۾ پهچي چڪو هيو. 1893ع ۾ آمريڪا ۾ پوليو جا 132 ڪيس سامهون آيا هئا جن ۾ 18 ماڻهو پنهنجي زندگي هارائي ويٺا. 17 جون 1916ع ۾ آمريڪا ۾ هڪ سرڪاري اعلان ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ اندر 27 هزار پوليو جا ڪيس رجسٽرڊ ٿيا هئا جن مان 6 هزار متاثر ماڻهن پوليو هٿان موت جو شڪار ٿي ويا. 1949ع ۾ آمريڪا اندر 2720 ماڻهو ان مرض هٿان زندگي هارائي چڪا هئا. 1950ع ۾ پوليو عروج تي پهچي چڪو هئو ۽ اڪثر گرمين جي موسم ۾ ان جا ڪيس سامهون ايندا رهيا ۽ پوليو سبب دنيا ۾ تقريبن 5 لک ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي چڪا هئا ۽ ايئن اچانڪ لکن جي تعداد ۾ موت پوري دنيا کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ان جي بچاءَ ۽ حل لاءِ گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون. 1935ع ۾ نيويارڪ يونيورسٽي ڀولڙي جي ڪرنگهي جي هڏي مان ڪجهه جزا ڪڍي ۽ ويڪسين ٺاهي جيڪا ڪامياب نه وئي هئي.

1950ع جي شروعات ۾ بوسٽن چلڊرين اسپتال انساني ريشن مان پوليو جي ويڪسين ٺاهي جيڪا ڪامياب ٿيڻ تي ٽيم جي اڳواڻ سرجان اينڊرز ۽ ان جي ميمبر ٿامس ايڇ ولر ۽ فريڊڪ کي نوبل سان نوازيو ويو. 12 اپريل 1955ع ۾ جونس سالڪ پوليو ويڪسين ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ ويڪسين ٺهڻ کانپوءِ 1957 ۾ پهريون دفعو آمريڪا اندر پوليو جي مهم هلائي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ پوليو جي 5 لک ڪيسن مان 5600 تائين اچي چڪا هئا اهڙي طرح 20 آگسٽ 1974ع تي آمريڪا کي پوليو فري ملڪ قرار ڏنو ويو. 1988ع ۾ WHO پوليو جي خاتمي جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ اڄ سواءِ ڪجهه ملڪن جي پوليو ختم ٿي چڪو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو