Home / سنڌ افيئر / پيار جي پرڻي جو ڀيانڪ انجام
above article banner

پيار جي پرڻي جو ڀيانڪ انجام

Allah Bachayo9 مئي 2014 جي جمع جو اهو ڏينهن بدين ضلعي جي ڏاکڻي قديم شهر ڪڍڻ ۽ ڀر پاسي ۾ تمام گهڻي ڏک وارو هو. ان ڏينهن جي هڪ بنهه دردناڪ واقعي علائقي جي هزارين ماڻهن کي ڏکارو ڪيو هو. ان ڏينهن اٽڪل 11 وڳي ڌاري ڪڍڻ شهر کان اٽڪل 4 ڪلوميٽر اتر طرف ڳوٺ رئيس ولي محمد جمالي ۾ مرحوم رئيس ولي محمد جي اڪيلي 32 ورهين جي ڳڀرو نوجوان پٽ مير جعفر جمالي پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ پنهنجي لائيسنس واري بندوق جا فائر ڪري پنهنجي حياتي جو ڏيئو پنهنجي هٿن سان اجهائي ڇڏيو. مير جعفر جي اوچتي آپگهاتي دردناڪ موت جي خبر بابت پهرين ته شهر ڪڍڻ ۽ علائقي جي ماڻهن کي اعتبار نه پئي آيو ته مير جعفر واقعي پنهنجو پاڻ کي اهڙي دردناڪ انداز سان ماريو آهي.

اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ڪڍڻ پوليس فورس سان گڏ جاءِ واردات تي پهتو ۽ ڪڍڻ شهر جا ڪجهه صحافي پڻ جلدي اتي پهتا، جن ڏٺو ته مرحوم مير جعفر پنهنجي آسائش واري ڪمري جي ويهڻ واري جاءِ تي رت ۾ لت پت پيل هو، سندس بي جان جسم جي دل واري گهاءَ مان رت وهي رهيو هو.

ڪڍڻ پوليس مرحوم جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ صحت مرڪز ڪڍڻ ۾ پهچايو، جتي ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويا. سڀ ماڻهو نوجوان جي دردناڪ موت تي افسوس ڪري رهيا هئا. مرحوم مير جعفر جيڪو پنهنجي مرحوم والد رئيس ولي محمد جمالي جي اٽڪل 500 ايڪڙ زرعي زمين ۽ ٻي سموري ملڪيت جو اڪيلو وارث هو. هن جون ٻه ڀينرون آهن، جيڪي پرڻيل هيون، هن اٽڪل چار سال اڳ بدين شهر جي هڪ نوجوان ڇوڪري صنم قيصر سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن مان کيس هڪ ٻن سالن جي نياڻي نندا جعفر پڻ ڄائي. پيار جي شادي ڪرڻ بعد هو پنهنجي گهر واري کي پنهنجي ڳوٺ ۾وٺي آيو، جتي هن انلاءِ هڪ بهترين بنگلو پڻ ٺهرايو، جنهن گهر ۾ هن سان گڏ سندس جيجل امڙ ۽ هن جي پڦي پڻ هن سان گڏ رهنديون هيون، جيڪي ٻئي واردات کان اڳ گذاري ويون هيون، امڙ ۽ پڦي جي لاڏاڻي بعد هو پنهنجي اڪيلي زال سان گڏ ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، اٽڪل هڪ سال اڳ هن پريمي جوڙي ۾ ڪن ڳالهين تان سخت اختلاف پيدا ٿي ويا.

جنهن ڪري مرحوم مير جعفر جي زال صنم ڪجهه مهينا اڳ پنهنجو ڳوٺ ۽ گهر ڇڏي بدين شهر ۾ پنهنجي مائٽن ۾ وڃي رهڻ لڳي، جتي پڻ مرحوم مير جعفر ڪڏهن ڪڏهن ڪي راتيون بدين ۾ پنهنجي زال وٽ پڻ رهندو هو، پر ٻنهي جي دلين ۾ پيل اهي بدگماني ۽ شڪ جا ويڇا گهٽجڻ جي بجاءِ وڌڻ لڳا.

may 31-2015       7

رپورٽ موجب واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ مرحوم بدين ۾ پنهنجي وني سان ملڻ ويو، جتي ٻنهي جا پيدا ٿيل سخت اختلاف نبري نه سگهيا، مرحوم پنهنجي زال کي واپس پڻ هن جي ڳوٺ واري گهر ۾ اچي رهڻ لاءِ چيو، جڏهن ته سندس گهر واري مرحوم کي ڳوٺ ڇڏي بدين ۾ اچي رهڻ تي زور ڀريو. اهي پڻ اطلاع آهن ته سندس زال کيس طلاق ڏيڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني. رپورٽ موجب واقعي واري ڏينهن پاڻ کي بندوق هڻي پنهنجي حياتي جو انت آڻڻ کان اڳ مرحوم پنهنجي وني سان موبائل فون تي ڳالهايو ته هاڻي موڪلاڻي ٿا ڪريون تون پنهنجو فون بند نه ڪجئين، بندوق جو ٺڪاءُ ضرور ٻڌجيئن.

مرحوم جي گهر واري کيس التجائون ڪندي رهي پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي، مرحوم پنهنجي دل تي فائر ڪري پاڻ کي اڦٽ ماري وڌو. مرحوم جي وني بعد ۾ واقعي واري ڏينهن شام جو صحت مرڪز ڪڍڻ ۾ پوليس جي پهري ۾ پهچي پنهنجي خاوند جو آخري ديدار ڪيو. مرحوم مير جعفر جو والد مرحوم رئيس ولي محمد جمالي مرحوم رئيس محمد اسماعيل خان جمالي جو ننڍو ڀاءُ هو. رئيس اسماعيل خان ٿر جي جمالي برادري جو اڳواڻ ۽ سردار هو، هن جي ڪڍڻ لڳ ديهه چارو ۾ اٽڪل 3 هزار ايڪڙ زرعي زمين جي جاگير هئي.

هي پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا، رئيس ولي محمد ٽنهي ڀائرن ۾ ننڍو هو.ٻئي وڏا ڀائر رئيس اسماعيل خان ۽ رئيس ممتاز خان پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا، پر مرحوم رئيس ولي محمد ڏاڍو ڏنگو ماڻهو هو، پنهنجي جاگير ۽ aرڪاري راڄواهه جي پٽ تان به ڪنهن زماني ۾ ماڻهن کي مٽڻ نه ڇڏيندو هو، غريب هارين ۽ ٻين بي گناهه ماڻهن کي جهلي مارون ڪڍندو هو، تر ۾ سندس وڏو ڏهڪاءُ هو. جڏهن ته مرحوم رئيس اسماعيل خان اصول پرست سياسي ۽ برادري جو اڳواڻ هو، مرحوم تمام گهڻو دور انديش هو، مرحوم ولي محمد جي اڪيلي پٽ به آخر ۾ پاڻ کي عبرت جو نشانو بنايو آهي.

سنڌ ۾ عير فطري اٽڪل سمورن پريمي جوڙن جو بنهه خطرناڪ انجام ٿيندو آهي. سنڌ ۾ پيار جا پرڻا اڪثر ان ڪري ناڪام ٿيندا آهن، جو انهن ۾ ٻنهي خاندانن جي مائٽن جي مرضي شامل نه هوندي آهي. اصل ۾ اهڙين شادين ۾ نه پيار هوندو آهي ۽ نه ئي محبت جا ڪي فطري جذبا هوندا آهن، اها فقط جنسي ڇرواڳي هوندي آهي. جيڪا جٽاءَ نه ڪندي آهي. بنا سوچڻ سمجهڻ جي زندگي جا جذباتي ڪيل فيصلا سدائين ناڪام ٿيندا آهن. مڌ ۽ ٻيا نشا سنڌ جي نوجوانن جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن. مير جعفر جي واقعي ۾ اهم نوٽ ڪرڻ جي اها ڳالهه آهي ته هن ڪاوڙ ۾ پنهنجو پاڻ کي نشانو بڻايو آهي ۽ موت کان اڳ هو نشي جي حالت ۾ هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو