Home / سنڌ افيئر / ٿر واسي، ڏڪار ۽ تبديل ٿيندڙ ٿر!
above article banner

ٿر واسي، ڏڪار ۽ تبديل ٿيندڙ ٿر!

Arif Hassanٿر ۾ گُذريل سؤ سالن دوران پَوندڙ برساتن جا انگ اکر اسان کي ٻُڌائين ٿا ته سوڪهڙو يا ڏُڪار ٿر لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.تنهن هوندي، صدين کان ٿري سماج وٽ انهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ پيڙهي به پيڙهي اَنيڪ طريقا رهندا پيا آيا آهن.

پهريون طريقو يا نُڪتو بئراجي علائقن ڏانهن ماڻهن جي پنهنجي مال متاع سميت لڏ پلاڻ ڪرڻ آهي. ساڳئي وقت هي لڏ پلاڻ اڪثر اُن وقت ٿيندي آهي جڏهن سنڌ ۾ ڪڻڪ لڻڻ جي مُند هوندي آهي ۽ ٿري لاباري جي ان ڪِرت لاءِ پنهنجو لاهياري وارو پورهيو آڇيندا آهن، جنهن جي بدلي انهن کي پنهنجي مال متاع لاءِ پاڻي ۽ گاهه چارو ملي پوندو آهي. جيڪڏهن چؤماسي جون برساتون نٿيون پون ته اُهي پنهنجي بئراج واري زميندار يا مُجيري وٽ ٻي مُند تائين ٽڪاءُ ڪرڻ جا بندوبست سوچيندا آهن. اڳي مُجيري ۽ هاري لاهياري جو اهو تعلق مڪمل طور تي آهتپڻي (شين جي مٽا سٽا واري معيشت) تي مدار رکندو هو پر هاڻ اِهو تڪڙو تڪڙو روڪڙي وهنوار وارو ٿي ويو آهي تنهن ڪري اِهو گهٽ ڀروسي جوڳو بڻجي رهيو آهي.

ٿرين پاران ڏُڪار کي منهن ڏيڻ جو ٻيو صديون پُراڻو طريقو برساتي پاڻيءَ کي يا جمع ڪرڻ لاءِ هيٺاهين وارين جاين تي مٽيءَ جا پُشتا ٻڌڻ ۽ کاٽيون ڪرڻ وارو هو جنهن کي روايتي طور تراين ۽ ٽوڀن جي نالي ۾ سُڃاتو وڃي ٿو. هر سال سانوڻ جي مينهنَ واري مُند کان اڳ انهن تراين جي کاٽي ڪئي ويندي هُئي ۽ اُنهن مان مٽي ڪڍي اُنهن جي پاڻي سانڍڻ واري گُنجائش کي وڌايو ويندو هو. تنهن ڪري، انهي سرگرميءَ سان پاڻيءَ جي وڌندڙ گُهرج پُوري ڪرڻ جي ڏس ۾ هڪ اضافي ذريعو ميسر ٿي پوندو هو.

may 31-2015       9

ڏُڪارن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ٿر ۾ روايتي طرح اپنايو ويندڙ ٽيون طريقو مال جي چراگاهن يا گئوچر وارين زمينن کي لتاڙ کان بچائڻ هوندو هيو ۽ گئوچر واري زمين کي والار ۽ کيڙي وغيره کان آجو رکڻ لاءِ مقامي ڳوٺ-راڄ پنچائتي ٻنڌڻن کي سدائين سگهارو ڪري رکندا هئا.

تراين، ٽوڀن ۽ برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ جي ٻين ذريعن جهڙوڪ تلائن، بندن ۽ پاڻي روڪ پُشتن وغيره جي سُٺي سار سنڀال لهڻ ۽ ٻيلن جهنگلن (گَئُوچرن) جي بَچاءُ وارا ڪم اوچين ذاتين (ٺاڪر راجپوت وغيره) طرفان سرانجام ڏنا ويندا هئا جنهن لاءِ هيٺين پورهيت جاتين کان بنا معاوضي واري بيگار وٺڻ يا اثر رسوخ استعمال ڪري زوري زبردستي ڪم ڪرائڻ وارو سرشتو رائج هو. اهو ان ڪري ممڪن هوندو هيو جو هيٺيون جاتيون مڪمل طور تي پنهنجي اوچين ذاتين وارن مُجيرين جي تابعدار خدمت گذاري واري اثر هيٺ ڪم ڪندڙ هيون ۽ زندگيءَ ۾ اڳڀرو ٿيڻ لاءِ انهن وٽ ٻئي ڪنهن قسم جو تحرڪ وٺڻ ممڪن ڪو نه هو. انهن منجهه جيڪي هُنر مند هوندا هئا سي زرعي اوزارن جون گُهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ اهڙي سامان جي ڳوٺاڻي سطح تي خود انحصاريءَ کي ممڪن بنائيندا هئا. انهن هنرمندن کي زرعي ساز سامان ٺاهڻ جو اُجورو روڪڙي رقم بدران ٻني ٻاري جي ٿيندڙ اُپت جي ڪجهه حصي جي صورت ۾ ئي ادا ڪيو ويندو هو.

ٿر جو مٿيون وضاحتي تعارف ورهاڱي کان پوءِ گهڻو وقت هلي ڪو نه سگهيو.1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ هند جنگين جي نتيجي ۾ هندن جون مٿيون اوچيون جاتيون (راجپُوت ٺاڪر وغيره) هُن پار لڏي ويون هليون. هُنن جي روانگي کان پوءِ پويان ٻئي ڪنهن وٽ اهڙو اختيار ڪو نه رهيو جو اُهي ٻيلن جهنگلن، گئوچرن، تراين، ٽوڀن ۽ پاڻيءَ گڏ ڪرڻ جي ٻين مختلف وسيلن جي سار سنڀال لاءِ ڪا انتظامڪاري ڪري سگهن.

اُن بعد 1980ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ ٿر ۾ شديد ڏُڪار آيو ، جنهن جي نتيجي ۾ ٿر جي خطي ۾ ڪيتريون ئي غير سرڪاري تنظيمون اچي ويون. ساڳئي وقت مٺيءَ تائين پڪو روڊ ٺهي جُڙي راس ٿي ويو، جنهن ٿر تائين سولي رسائي کي ممڪن بڻائي ڇڏيو ۽ اڃا پوءِ پهرين ’ٿر‘ پوءِ ’ٿرپارڪر‘ جي نالي واري نئين ضلعي جو قيام عمل ۾ آيو ۽ مٺيءَ کي اُن جو مرڪزي شهر يا هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو. انهن سڀني واقعن جي نتيجي ۾ ٿر جي ريگستان ۾ ڪاموراشاهيءَ جا عملدار اچي رهائش پذير ٿيا، نيون آفيسون کُليون ۽ زندگيءَ جا نوان رنگ ڍنگ ۽ کپت يا صارفيت جُون نيون نيون شيون متعارف ٿيون. هوٽلون ۽ کائڻ پيئڻ جون جڳهيون کُليون ۽ وڌيڪ وسيع ۽ ڪُشاديون بازارون ٺهيون. انهن سڀني تبديلين اچڻ جي ڪري ذات پات جا ٻنڌڻ ۽ رُڪاوٽون ڪمزور ٿيڻ ۽ ٽُٽڻ شروع ٿي ويون.

21 هين صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾ روڊن رستن جي وڏي ڄار وڇائڻ واري قدم کڻڻ جي ڪري ڪيتريون ئي ٻيون وڏيون تبديليون پڻ آيون. نوان ڌنڌا ۽ نيون ملازمتون پيدا ٿيون جن ٿر جهڙي ڏوراهين ڏيهه ۽ وارياسي خطي کي هڪٻئي توڙي سڄي دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو. هاڻ هُنر ۽ صلاحيتون ذات پات جي جابراڻي اختيار مان آجپو ماڻي چُڪيون آهن ۽ اُهي ڳوٺن کان شهرن ڏي روڪڙي وهنوار طرف منتقل ٿي چُڪيون آهن اهي شيون ڳوٺاڻين آبادين جي صديون پراڻي پاڻڀرائپ يا خود انحصاريءَ تي بُري ريت اثر انداز ٿيون آهن.

ماڻهن جي کائڻ پيئڻ جون عادتون ۽ طور طريقا مٽجي چُڪا آهن ۽ کاڌ خوراڪ جا اسم بئراجي علائقن مان اچي هتي ملڻ لڳا آهن. اُٺ جي جاءِ يا موٽر سائيڪل والاري ويو آهي ۽ کير جيڪو ٿر واسين جي غذا جو هڪ لازمي جُز هيو سو هاڻ وڌ کان وڌ ڪمپنين وٽ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي ۽ اُنهن جون ٿڌيون گاڏيون اِهو کير کارڻ سواءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد کڻي پُڄائي رهيون آهن ته جيئن ان کي ٺاري محفوظ رکي سگهجي. قدرتي کير جي جاءِ تي هاڻي پائوڊر يا ٻُوري وارو ۽ ملڪ پيڪ کير واپرائجي رهيو آهي.

انهيءَ عرصي دوران ضلعي جي مڙني مرد بالغن جي اڪثريت وٽ ۽ ڪُجهه عورتن وٽ گشتي يا موبائيل فون اچي ويا آهن. ايتري قدر جو ضلعي جا گهڻو پري وارا علائقا به شهري پيداواري شين تي هري ويا آهن ۽ اُنهن تي ئي ڀاڙڻ لڳا آهن. نه ته هن کان اڳ ٿريا اُهو ئي کائيندا هئا جيڪو ڪجهه هُو پيدا ڪندا هئا. هاڻ اُهي جيڪي ڪجهه اُپائن ٿا سو سڀ ڪجهه منڊيءَ ۾ وڪڻي ٿا ڇڏين ۽ اُهو ڪجهه خريدي ۽ سودي اچن ٿا جنهن جي هنن کي ان کان اڳ ڪڏهن ضرورت نه رهي هُئي. انهي عمل جي ڪري اِهي غريب تر ٿي ويا آهن سواءِ اُنهن ڪٽنبن جي جن جا گهر ڀاتي نوڪرين وارن شعبن مان ڪا ملازمت ماڻي چُڪا آهن يا وري ڪراچي ۽ حيدرآباد وغيره جهڙن شهرن ۾ ڪا محنت مزوري يا ڌنڌي ڌاڙي واري ڪِرت ڪري رهيا آهن. مختلف سروي رپورٽن ۽ کوجنائن مان اسان کي اِها سُڌِ پئي آهي ته ٿر ريگستان جا ڪيترائي گهراڻا گهڻ رُخن قرضن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن جن جي واپسي يا ادائگيءَ جو اُهي ست ساري نٿا سگهن.

ساڳي ريت چراگاهن يا گئوچر واري زمين جو وڏو حصو اثر رسوخ رکندڙ خاندانن گذريل 20-15 سالن دوران والاري قبضو ڪري ورتو آهي. اُن سواءِ ٿر جي موجوده معيشت زندگيءَ جي نون اُڀرندڙ رنگن ڍنگن ۽ وڌندڙ انساني آباديءَ جي اُمنگن پورين ڪرڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿي رهي آهي.

ٿرين کي هن وقت وڌ کان وڌ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي گهرج آهي ته اُها سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي فقط ۽ فقط گُذر معاش يا روزي روٽيءَ جي ذريعن حاصل ڪرڻ جي آهي. روزگار جا اهي گهربل نوان ذريعا تڏهن ئي پيدا ڪري سگهجن ٿا جڏهن نون ناتن تي ٻڌل ترقياتي رٿا لاءِ سهوليت ڪاري ٿيندي ۽ جنهن سان ٿر جي روايتي معيشت کي هلائي بهتر بنائي سگهبو ۽ گڏوگڏ ماحول دوست سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪوئلي، سارڻن جي لُوڻ، چائنا ڪِلي يا اڇي مٽي ۽ گرينائيٽ واري ڳاڙهسري پٿر جهڙين معدني دولتن کي ڪتب آڻي ترقي وٺرائڻ وسيلي پڻ-

مٿي ڄاڻايل پويون سموريون صنعتي سرگرميون اڳ ۾ انتهائي تباهه ڪُن طريقي سان جاري آهن. جيڪڏهن انهن معدني وسيلن کي پوري رٿابندي ۽ سُرت سمجهه کانسواءِ استعمال ڪرڻ جون ڪوششون جاري رهيون آهن ته ٿر جي ٽاڪئين ۽ ڪمزور فطري وايو منڊل ۽ صديون پراڻي ثقافت جي بيخ ڪني ٿي ويندي.

اُن کان سواءِ جيستائين انهن سرگرمين ۽ ڪمن لاءِ مقامي ٿر واسين ۾ صلاحيتن، هُنرن، ڏانونَ ۽ مهارتن کي وڌائي ترقي نه ڏياري ويندي تيستائين غير مقامي ڌاريا مزدور ۽ هنرمند ماڻهو هتي اچي ڪري اُهي ڪم ڪندا رهندا جيڪي پاڪستان جي ٻين مختلف حصن ۾ وسن ٿا.

پڇاڙڪا لفظ: ٿر غُربت جي ذات پات واري غُلبي تي ٻَڌل ثقافت کان طبقاتي بُنياد تي بيٺل صارفيت يا واهپيداريءَ ۾ هيجاڻي طور تبديل ٿيندڙ پريشان ڪُن عمل آهي. هاڻ سوال اِهو آهي ته ان سموري عمل کي وڌيڪ سُهائيندڙ، سُونهائيندڙ ۽ انصاف ڀريو ڪيئن بڻائجي؟ گُذاري واري ڪا خيرات امداد يا ڪو عارضي وظيفو يا مالي سهائتا يقيني طور ان سوال جو جواب ناهي.

سنڌيڪار: دليپ ڪوٺاري

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو