Home / پروفائيل / ڊاڪٽر فيروز احمد : سنڌ جو املهه ماڻڪ​
above article banner

ڊاڪٽر فيروز احمد : سنڌ جو املهه ماڻڪ​

Aijaz Quereshiڪي ماڻهو پنهنجن تخليقن ۽ ڪم ذريعي پنهنجو وڏو ۽ اڻمٽ نالو پئدا ڪندا آهن. سنڌ ڌرتي هڪ ڀاڳ ڀريو ماڳ آهي، جتي مختلف دورن ۾ شاعر، اديب، مفڪر، سياستدان، عالم ۽ استاد پئدا ٿيندا رهيا آهن. هڪ اهڙو ئي املهه ماڻڪ ڊاڪٽر فيروز احمد پڻ هو.

ڊاڪٽر فيروز احمد 5 آگسٽ 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم ڪراچيءَ ۾ ئي حاصل ڪيائين ۽ جوانيءَ تائين اُتي ئي رهيو. هن مئرين زولاجي جي سبجيڪٽ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم ايس سي ڪئي، جنهن ۾ هن ڊسٽنڪشن مارڪون کنيون. 1964ع ۾ ڊاڪٽر فيروز آمريڪا ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسڪالرشپ “فُل برائيٽ” حاصل ڪري پي ايڇ ڊيءَ لاءِ روانگي اختيار ڪئي ۽ اُتي هن مئرين زولاجي جي فيلڊ ڇڏي هوائي يونيورسٽيءَ مان ’ڊيموگرافي‘ جي علم ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪا هن رڪارڊ ٽائيم ٻن سالن ۾ پوري ڪئي. ان بعد هن اُتي ئي آدمشماري جي اڀياس (Population Studies) جي علم ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ جڳ مشهور يونيورسٽي هارورڊ ۾ وڃي پهتو. 1969ع ۾ ڊاڪٽر فيروز صاحب پنهنجو علمي ڪيريئر شروع ڪيو ۽ ايسٽ ڪيروسينا يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي جو استاد مقرر ٿيو. اهڙي طرح ڊاڪٽر صاحب آمريڪا ۾ ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ ملازمت ڪندو رهيو ۽ علم جو اٿاهه سمنڊ بڻجي دنيا جي سماجي، سياسي مسئلن خاص طور تي غربت ۽ غريب ملڪن جي مسئلن تي گهڻو ڪجهه لکيائين ۽ انهن جي حل لاءِ گهڻيون ئي تجويزون ڏنيون. ڊاڪٽر صاحب آمريڪا ۾ رهائش دوران اُتي مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. انهيءَ دوران هن ڪن دوستن سان گڏجي سياسي ايڪٽوازم ۾ حصو ورتو. ساڻس گڏ هن تحريڪ ۾ ڊاڪٽر اقبال احمد، ڊاڪٽر اعجاز احمد ۽ ڊاڪٽر صغير احمد پڻ شامل هئا. انهيءَ دوران هن اتر آمريڪا مان انگريزيءَ ۾ هڪ اخبار ‘پاڪستان فورم’ جي نالي سان ڪڍي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ آمريڪا ۽ آفريڪا جي سياسي، سماجي مسئلن جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ ڏني ويندي هئي، ۽ انهن جي اشوز تي لکيو ويندو هو.

may-15-2014 (52)

1974ع ۾ ڊاڪٽر فيروز پنهنجي ديس ۾ موٽي آيو ۽ اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي جو پروفيسر بڻيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪين حالتن ۾ ٻه ٽي سال رهيو پر پوءِ جلد ئي نوڪري ڇڏي سنڌ ۾ هارين، مزدورن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ليڪچر پڻ ڏيڻ شروع ڪيائين. ان سلسلي ۾ هن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گهڻا دورا ڪيا. ان دوران هن ڪراچيءَ ۾ هڪ ادارو “ٿرڊ ورلڊ اسٽڊيز” قائم ڪيو ۽ ان جي پاران پنهنجو پراڻو رسالو “پاڪستان فورم” اردوءَ ۾ ڪڍڻ شروع ڪيائين. اڳتي هلي هو عوامي تحريڪ سان منسلڪ ٿي ويو ۽ ڪجهه وقت ان سان گڏجي ڪم ڪندو رهيو. هن اچڻ شرط پوسٽ گريجوئيٽس شاگردن کي تربيت ڏني، سيمينار ڪرايا ۽ پي ايڇ ڊيءَ جو گائيڊ بڻيو.

آئون 1974ع ۾ انگلينڊ ۾ پڙهندو هوس ۽ مون ڊاڪٽر صاحب کي انگلينڊ ۾ ايندي ۽ ليڪچر ڏيندي ٻڌو. يونيورسٽي آف لنڊن جا ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج آهن. تن مان هڪ اسڪول آف اورينٽل ۽ آفريڪن اسٽڊيز ايشيا ۽ آفريڪا جي علمن بابت هڪ بهترين ادارو آهي. ان اداري ۾ ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگريون ڏنيون وينديون آهن. مان اتي ئي پڙهندو هوس ۽ تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ليڪچر ڏيڻ ايندو هو ۽ پوءِ پاڪستان آيو ۽ اچي سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪيائين. آئون پڻ ڊگري حاصل ڪري 1974ع ۾ واپس سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي پهتس. هتي ڊاڪٽر صاحب سان ملاقاتون ٿيڻ لڳيون ۽ بعد ۾ گهري دوستي ٿي وئي. ڊاڪٽر صاحب جڏهن به پاڪستان ايندو هو ته ساڻس اسلام آباد، ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. حيدرآباد ۾ هميشه ڊاڪٽر صاحب مون وٽ اچي رهندو هو.

يونيورسٽيءَ جي وقت ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪم مان ڪافي استاد متاثر هئا پر ڪجهه کيس اشتراڪي ۽ ترقي پسند سوچ جي ڪري ڪونه ڀائيندا هئا. عجيب زمانو هو، يونيورسٽي ته اسان جي تعليم جو مرڪز هئي پر هتي ڪجهه قوتون اهڙيون هيون جن هن کي نه سٺو. مون جڏهن ساڻس پهرين ملاقات ڪئي ته مون کانئس سندس ادارت ۾ آمريڪا مان نڪرندڙ رسالي ’پاڪستان فورم‘ جا پرچا گهريا. پاڻ مون کي ڏيڻ جو واعدو ڪيائين پر اهو چيائين ته اعجاز ان جي قيمت 300 رپيا آهي. آءٌ ٻئي ڏينهن صبح جو پئسا کڻي وٽس ويس. پاڻ مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي ڪافي پرچا ڏنائين، جيڪي ٽن جلدن ۾ هئا. پئسن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيائين ته “ڀاءُ مون توکي آزمايو ٿي. تون پهريون ماڻهو آهين جيڪو پئسا کڻي آيو آهين. معنيٰ ته تو ۾ شوق آهي” پاڻ مون کي وڌيڪ ٻڌايائين ته ڪافي ٻيا دوست به اِهي جلد وٺڻ آيا پر پئسن جو واعدو ڪري ڪونه موٽيا. ڳالهه پئسن جي نه هئي پر مون سندن شوق ڏسڻ پئي چاهيو. ٿوري وقت کان پوءِ جنرل ضياءُ الحق مارشل لا لاڳو ڪيو ۽ ان ۾ سڀني ماڻهن سان جيڪو حال ٿيو اها اسان سڀني کي خبر آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي به ڪراچيءَ ۾ تنگ ڪيو ويو. سندس رسالي کي بند ڪيو ويو ۽ هن لاءِ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون ويون جو آخرڪار 1980ع ڌاري هو پاڪستان ڇڏي آمريڪا واپس هليو ويو ۽ اُتي ڪيترن ئي ادارن ۾ محقق جي حيثيت سان ڪم ڪيائين ۽ تدريس جي عمل سان وري منسلڪ ٿي 1992ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ فل پروفيسر ٿي ويو. هي يونيورسٽي واشنگٽن ڊي سي ۾ موجود آهي.

آءٌ 1993ع ۾ آمريڪا ويو هوس، اُتي پهچي مون کيس فون ڪيو. پاڻ تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ مون کي رات جي مانيءَ تي سڏيائين. انهن ڏينهن ۾ هو واشنگٽن ڊي سي ڀرسان ورجينيا رياست جي شهر ورجينيا ۾ رهندو هو. ورجينيا واشنگٽن ڊي سي سان گڏ آهي. اها رات يادگار رات هئي اسان لاءِ. مانيءَ کان پوءِ اسان جي ڪچهري شروع ٿي، جيڪا رات جي 2 وڳي تائين هلي. سڄو وقت سنڌ بابت ئي ڳالهايوسين. هتان جي سڄي سياسي ۽ سماجي صورتحال، سنڌ جي ٻولي، سنڌ جو ادب، سنڌ ۾ سماجي تبديلي بابت سوچ ويچار وغيره. مون ڊاڪٽر صاحب کان گهڻو ڪجهه پرايو. هو علم جو هڪ سمنڊ هو. انتهائي پڙهيل، هر موضوع جي ڄاڻ جو ڀنڊار. هو هڪ بهترين تجزئي نگار پڻ هو. ڪچهريءَ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب مون کي واپس پنهنجي هوٽل ۾ ڇڏڻ آيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسان جي هڪ ٻئي دوست علي نواز ميمڻ جيڪو پڻ ورجينيا ۾ رهندو آهي (لاڙڪاڻي جو هي دوست ورلڊ بئنڪ ۾ وڏي عهدي تي رهيو آهي ۽ ڪافي ڪتابن جو ليکڪ آهي ۽ سنڌ بابت مختلف موضوعن تي لکندو رهي ٿو) منهنجي دعوت ڪئي. هن صاحب ان دعوت ۾ ڊاڪٽر فيروز صاحب سميت ڪيترن ئي دوستن کي سڏيو جن ۾ قاضي اصغر عابد مرحوم به هو. مانيءَ کان پوءِ اچي سنڌ جي حوالي سان بحث ڇڙيو، مون کي ياد آهي ته فجر ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر صاحب بحث ۾ ڀرپور حصو ورتو.

پنهنجي وفات کان هڪ سال اڳ 1996ع ۾ جڏهن حيدرآباد آيو ته به مون وٽ اچي ترسيو ۽ انهيءَ دفعي مان کيس ڪراچي تائين پڻ ڇڏڻ ويو هوس. يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي هن ٽين دنيا جي اڀياس لاءِ هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ۽ اتان ئي پاڪستان فورم جي نالي سان هڪ اردو ۾ رسالو ڪڍيو، جيڪو ترقي پسند خيالن جو هو ۽ پاڪستان ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ 20 کن ڪتاب لکيا ۽ ان سان گڏ 30 سائنٽيفڪ پيپرس ۽ 300 کن مضمون لکيا، جيڪي سڄي دنيا جي رسالن، جرنلن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا. ڊاڪٽر صاحب کي سندس ڪتابن ۽ لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام مليا. ڊاڪٽر صاحب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پنهنجا مقالا پڙهيا ۽ ڪافي عزت ماڻيائين. پاڪستان ۾ سماجي سائنس جي حوالي سان ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ حصو ورتو. هو هميشه ننڍن صوبن خاص طور سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي پنهنجو آواز اٿاريندو هو. ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب سڄي دنيا جي مظلوم ماڻهن لاءِ ڪم ڪندڙ مقامي ۽ بين الاقوامي تنظيمن جو ميمبر پڻ هو ۽ انهن ۾ سندس صلاحڪاري ڪردار تمام اهميت وارو رهيو. آمريڪا ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب انگريزيءَ ۾ هڪ رسالو “پاڪستان ڊيموڪريٽڪ فورم” جي نالي سان ڪڍيو.

ڊاڪٽر صاحب سڄي حياتي مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ طبقن جي آجپي لاءِ پاڻ پتوڙيو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مختلف ترقي پسند گروپن سان لاڳاپيل رهيو ۽ هن مظلوم قومن کي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ اتحاد لاءِ همٿايو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وڃي اُتان جي ماڻهن کي تنظيمي طور گڏ ٿيڻ جي تلقين ڪندو هو.

يحيٰ خان جي آمريت هجي يا ضياءَ جي آمريت، هن انهن سڀني جي خلاف تمام گهڻو لکيو ۽ آمريڪا ۾ مظاهرا ڪرايا. جڏهن ڀُٽي صاحب پنهنجي دور ۾ بلوچستان ۽ پختونستان جون حڪومتون ڊاٺيون ته هي انهن غير جمهوري قدمن خلاف ٿي بيٺو ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي ڪجهه لکيائين. ايم آر ڊي ۾ به سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. ان دؤر ۾ هن سڄي دنيا جي ترقي پسند ماڻهن کي مارش لا سرڪار جي ظلمن ۽ ناانصافين کان آگاهه ڪيو ۽ آمريڪا ۾ تمام گهڻا مظاهرا ڪرايا. هن پاڪستان ۾ سياسي ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ پنهنجي قلم کي هٿيار بڻايو. سندس خيال هو ته سڀ ماڻهو گڏجي جدوجهد ڪن ته گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ هو ته بيمارين، بک، افلاس، غربت ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل عوام کي هڪ گهڻ طرفي جدوجهد وسيلي ئي نجات حاصل ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ هن سوشيالاجي ۽ معاشي علمن جي روشنيءَ ۾ تمام گهڻو لکيو.

1978ع ۾ تڏهوڪي حڪومت جي وزير قانون اي ڪي بروهي ڊان اخبار ۾ هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان هڪ وفاقي نه پر وحداني رياست آهي ۽ قوميت جو ڪوبه تصور وجود نٿو رکي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي رسالي “پاڪستان فورم” جي نومبر 1978ع واري شماري ۾ سندس ان غير حقيقت پسنداڻي موقف جي خلاف مدلل ۽ وزنائتو مضمون لکيو. ڊاڪٽر صاحب لکيو ته “قوميت نه رڳو هڪ سماجي ۽ سياسي فڪر جو تصور آهي پر هڪ زنده حقيقت پڻ آهي، تنهنڪري ان جو واهپو ڪو گناهه ڪونهي.” ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکيو ته “پاڪستان جي بانين نه رڳو هڪ نئين رياست پر مجوزه رياست لاءِ وفاقي طرز حڪومت جو تصور پڻ ڏنو جنهن ۾ صوبا بنيادي اڪائيون هئا ۽ انهن کي تمام گهڻي خودمختياري ڏني وئي هئي. 1940ع جي قرار داد پاڪستان ۾ هندستان جي اتر اولهندي پرڳڻي (هاڻوڪي پاڪستان) ۽ اڀرندي پرڳڻن ۾ “آزاد رياستن” جي قيام جو مطالبو ڪيو ويو هو.”

ڊاڪٽر صاحب هڪ روشن خيال، بهادر ڪارڪن ۽ دانشور هو. پنهنجي مؤقف تي اٽل ٿي بيهڻ وارو انسان هو. هو بين الاقوامي سطح تي سماجي سائنس جو هڪ مڃيل استاد ۽ اسڪالر هو. سندس مشهور ڪتابن ۾ “سياست ۽ نسل پرستي” آهي جيڪو انگريزيءَ ۾ آهي. هن ان ڪتاب ۾ خاص طور تي ملڪ جي ننڍين قومن ۽ ايم ڪيو ايم جي نسل پرستاڻي سوچ ۽ ارادن جي سلسلي ۾ خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن ‘سنڌ، قومي ۽ جمهوري جدوجهد’، ‘پاڪستان ۾ هڪ ماڻهوءَ جو آئين’، ‘پاڪستان ۾ فوجي حڪومتون ڇو’، ‘سامراج ۽ پاڪستان’، ‘انگولاجي آزادي’ ۽ ‘انقلاب افغانستان’ جهڙا شاندار مقالا ۽ ڪتاب لکيا.

ان کان سواءِ هن سنڌ جي قومي مسئلي بابت هڪ نهايت اهم مضمون لکيو جنهن جو عنوان ‘قومي سوال’ هو، هيءُ مضمون ڊاڪٽر صاحب 1972ع ۾ ٻوليءَ جي فسادن کان پوءِ لکيو هو جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان لساني سياسي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيل هئي. ڊاڪٽر صاحب جو اهو مضمون تمام گهڻو مشهور ٿيو. سندس هي مضمون هڪ انگريزي اخبار ۾ ڇپيو، جنهن جو بعد ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کانسواءِ ‘زرعي انقلاب ۽ پاڪستان’، ‘سماجي تبديلي ۽ اقتصادي آزادي’، صنعتي ترقي ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون سندس انقلابي فڪر جو اهڃاڻ آهن. ساڻس حياتي وفا نه ڪئي ۽ هو 56 ورهين جي ڄمار ۾ آمريڪا ۾ 5 اپريل 1997 تي گذاري ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو