Home / اسپيشل افيئر / ڪراچي جو کوکرا پار !
above article banner

ڪراچي جو کوکرا پار !

Akhtar Balochننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو ذڪر ٿيندو ته لڏپلاڻ جو ذڪر به لازمي آهي،بي بي سي اردو سروس جي مشهور صداڪار ۽ محقق رضا علي عابدي پنهنجي ڪتاب “اخبار جون راتيون” ۾ پنهنجي ڪٽنب جي پاڪستان لڏپلاڻ جو ذڪر ڪجهه هن ريت ڪري ٿو:

“ اسان جي گهر جو سامان گهڻو تڻو گهٽ اگهه ۾ کپيو، منهنجي لائبريري جا ڪتاب ردي وارا تور جي حساب سان وٺي ويا، وڌيڪ چوي ٿو ته، سڄو ڪٽنب واهگه جي سرحد تي پهتو. هندستان جي ڪسٽم وارا اسان جو سامان ڏسڻ لڳا، هڪ وڏي صندوق ۾ محرم جي عزاداري جو سامان ۽ قديمي تاريخي علم بند هئا. هڪ آفيسر ان کي کولڻ لڳو، مون چيو ته هن ۾ اسان جون مذهبي شيون آهن، هو پوئتي هٽي ويو.”

عابدي صاحب ۽ سندس ڪٽنب جا ماڻهو بنهه معصوم هئا، جن فقط علم ۽ عزاداري جي سامان تي گذارو ڪيو، باقي ماڻهو ته ڪليم جي ڪاغذن سميت ڇا ڇا نه گڏ کڻي آيا، جيڪي وڌيڪ خوشحال هئا، اهي رڳو پنهنجي علائقي جو نالو ئي گڏ کڻي آيا ۽ پاڪستان ۾ ان نالي کي پنهنجي نالي سان جوڙي ڇڏيو.

مونکي هڪ واقعو ياد اچي رهيو آهي جيڪو مون ڪٿي پڙهيو هو، مرحوم زيڊ اي بخاري جڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو منتظم هوندو هو، ان وقت هندستان مان لڏپلاڻ کانپوءِ ريڊيو پاڪستان تي ملازمت ڪندڙ ڪجهه ماڻهو پنهنجي نالي سان گڏ علائقي جو پُڇ به هڻندا هئا، مثال طور دهلوي، ميرٺي وغيره. هن ڪنهن اهڙي صاحب کي چيو“ ميان هاڻي توهان پاڪستان ۾ آهيو، اها علائقائي سڃاڻپ ترڪ ڪري ڇڏيو”. ان صاحب به سڌوسنئون جواب ڏيندي چيو ته “ هزارين ورهيه اڳ بخارا کان ايندڙ ته هاڻي به بخاري آهن. اسان کي پاڪستان ۾ آئي عرصو ئي ڪيترو ٿيو آهي”

هندستاني راجسٿان ۽ ان سان لڳندڙ علائقن مان پاڪستان لڏپلاڻ ڪندڙ کوکرا پار اسٽيشن کي ڀلا ڪيئن ٿا وساري سگهن، جتي پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي سڀ کان پهرين اتي ترسندا هئا. ليڪن سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته اهو کوکراپار ڪراچي ڪيئن پهتو؟

اها ڳالهه هاڻي نه رڳو ڪراچي واسين بلڪه سنڌ جي ٻين علائقن توڙي ڪراچي جي ٻهراڙي واري علائقي ملير ۾ رهندڙن لاءِ ڪنهن ڳجهارت کان گهٽ نه آهي.

may-15-2014 (48)

اها 2005 جي ڳالهه آهي جڏهن آءُ هڪ اين جي او جي ڪراچي آفيس ۾ ڪم ڪندو هئس ته پاڪستان حڪومت ۽ هندستاني حڪومت وچ۾ طئي ٿيو هو ته 17 فيبروري 2005 تي ڪراچي کان هندستان لاءِ ٽرين سروس جي شروعات ٿي ويندي.

ان ٽرين سروس جي حوالي سان سنڌ جي قومپرست تنظيمن کي تمام گهڻا اعتراض هئا، اهي سمجهن پيا ته ٽرين سروس وسيلي پاڪستان ۾ آباد هندستانين جي مٽن مائٽن جو هڪ وڏو انگ هندستان کان پاڪستان منتقل ٿي ويندو ۽ سنڌي جيڪي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ اقليت بڻجي رهيا آهن، اها ٽرين کين مڪمل طور اقليت ۾ بدلائي ڇڏيندي.

غيرسرڪاري تنظيمن کي ان ڳالهه جي قطعي ڪاپرواهه نه هئي ته ڪير اقليت ۾ ٿي ويندو ۽ ڪير اڪثريت ۾ ؟ اهي تنظيمون انسان ذات کي سمورين سرحدي حدبندين کان بالاتر سمجهن ٿيون ۽ انهن طرفان ان سفر ۾ شرڪت لاءِ وڏي گرم جوشي هئي، پاڪستان ۾ ان ٽرين جي آخري منزل کوکرا پار هئي.

هڪ صبح جو آءُ آفيس ۾ ويٺو هئس ته منهنجي هڪ خاتون ساٿي ترنم منهنجي هڪ ٻي خاتون ساٿي لورڊز جوزف کي خوشيءَ وچان چيو: “ الله ڪيتر نه مزو ايندو انڊيا وڃڻ ۾ ايترو سولو سفر توبهه! هن کان اڳ ته ڪراچي مان لاهور وڃو، 18 ڪلاڪ، پوءِ وري اتان دهلي 12 ڪلاڪ ۽ واپس ٿي وري راجسٿان، اف توبهه توبهه!

ان ڳالهه ٻولهه دوران آءُ به اهو سوچڻ لڳس ته واقعي ماڻهن لاءِ ڪيتري نه سهولت ٿي ويندي ، ليڪن اڳئين لمحي منهنجي خاتون ساٿي جيڪا ڳالهه ڪئي، ان مونکي ڇرڪائي وڌو.

موصوفه جي ڳالهه ٻولهه جو اڳيون حصو هي هو ته: هوءَ بس ۾ ويهي لانڍي کان 15 منٽن ۾ ملير 15، ملير 14 کان 15 منٽن ۾ کوکراپار، ان کانپوءِ اڌُ مني ڪلاڪ ۾ انڊيا! ايئن ته مونکي به خبر هئي ته جنهن کوکراپار کي هوءَ هڪ ٻئي کوکرا پار سان ملائي رهي هئي اهو هندستاني سرحد جي ويجهو عمرڪوٽ ضلعي ۾ آهي.

ٽرين جي روانگي کان لڳ ڀڳ هڪ هفتو اڳ ريلوي مزدور يونين جي اڳواڻ منظور رضي هڪ ڪچهري ۾ مونکي ٻڌايو هو ته ڪراچي کان ٽرين ذريعي کوکرا پار جو مفاصلو لڳ ڀڳ 284 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته عمرڪوٽ جي منهنجي صحافي دوست لال مالهي موجب روڊ رستي ڪراچي کان کوکراپار جو مفاصلو تقريبن 400 ڪلوميٽر هو، مون ان وقت ته ترنم کي سندس ان غلطيءَ تي نه ٽوڪيو ليڪن اهو سوچڻ تي ضرور مجبور ٿي ويس ته آخر ڪراچي ۾ کوکراپار آيو ڪٿان؟

منهنجو هاڻ به ان ۾ دفتر اچڻ وڃڻ رهي ٿو، ترنم جيڪڏهن ڪم جي دٻاءَ سبب پريشان هوندي آهي ته منهنجو بس ايترو چوڻ ئي ڪافي هوندو آهي ته کوکراپار رستي انڊيا وڃڻ ڪيترو سولو آهي، ان کانپوءِ سندس موڊ يڪسر بدلجي ويندو آهي، هوءَ دل کولي کلندي آهي.

بهرحال منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آرو ڪري ويهي رهيو ته آخر کوکراپار جي نالي واري وستي ڪراچي ۾ ڪڏهن قائم ٿي؟ ڪجهه دوستن معرفت علائقي جي مختلف رهائشي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پر ڪجهه به معلوم نٿي سگهيو. آخرڪار مون ملير ۾ رهندڙ پنهنجي صحافي دوست ارباب چانڊئي کي ان سلسلي ۾ ڪجهه معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ چيو. ارباب ٻڌايو ته جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ملير ۾ ئي رهندڙ محقق گل حسن ڪلمتي سان ڳالهائجي ته شايد اهو ڪا مدد ڪري سگهي.

گل حسن ڪلمتي جو ڪراچي جي تاريخ تي هڪ تفصيلي ڪتاب“ ڪراچي، سنڌ جي مارئي” پڻ شايع ٿي چڪو آهي.هن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ راجسٿان رستي لڏپلاڻ ڪندڙن جو پهريون ڍاٻو کوکراپار جي مهاجر ڪئمپ ۾ ٿيندو هو، ان کانپوءِ اهي مهاجرٽرين وسيلي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿي ويندا هئا.

انهن مهاجرن مان ڪجهه ڪراچي جي ٻهراڙي نما علائقي ملير ۾ آباد ٿي ويا. ان وقت سموري علائقي کي ملير جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، انهن مهاجرن پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ جتي اهي آباد هئا، ان کي پنهنجي هجرت ڪرڻ جي پهرئين ڍاٻي يعني کوکراپار جي نسبت سان کوکراپار جو نالو ڏئي ڇڏيو.

ٻه يا ٽي نسل گذري وڃڻ کانپوءِ هاڻي کوکراپار ۾ رهندڙ ماڻهو به شايد اها ڳالهه وساري چڪا آهن ته هن علائقي جو نالو کوکراپار ڪڏهن، ڇو ۽ ڪئين پيو ؟آءُ سوچيان ٿو ته هجرت کانپوءِ ملير ۾ آباد ٿيندڙ مهاجرن يوپي، دهلي، حيدرآباد ڪالوني بدران کوکراپار جي نالي کي ترجيح ڇو ڏني؟ گمان اهو آهي ته اهي ان ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان پنهنجي نئين تعلق کي اهو نالو ڏئي مضبوط بنائڻ چاهيندا هئا.

اها دراصل ان وڇوٽيءَ کي گهٽائڻ جي ڪوشش هئي جنهن جي شروعات پاڪستان جي قيام کان ئي سنڌي مهاجر جي شڪل م ٿي چڪي هئي، ان وقت لڏپلاڻ ڪري ايندڙن کي اهو اندازو ئي نه هو ته سندن ان ڪوشش باوجود 65 ورهين کانپوءِ به مقامي ۽ غيرمقامي ماڻهن جي وچ۾ ويڇن جو پوکيل اهو سلو وڌي وڻ ٿي ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو