Home / سنڌ افيئر / ڪيٽي شڪارپور!
above article banner

ڪيٽي شڪارپور!

Naseem Bukhariشڪارپور جي امن اوان واري ايجنڊ تي جڏهن هڪ سنڌي چئنل پورا پنج ڪلاڪ سڌي ريت نشريات ڏيکاري ٿو ته ظاهري طور تي اها هڪ وڏي ڳالهه لڳي ٿي پر حقيقت ۾ جڏهن ان جي ابتڙ پوري نشريات ۾ ڪا مخفي ايجنڊا به محسوس ٿئي ٿي ۽ انهن پنجن ڪلاڪن ۾ ڪي پنج منٽ به اهڙا نه ٿا هجن جن ۾ اداري جي ڪا تحقيقي ۽ ڇرڪائيندڙ خبر به آڏو آئي هجي.

ايئن پئي محسوس ٿيو ته اها نشريات به ڪنهن کي خوش ڪرڻ، ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي ارادي سان ٿي آهي، جنهن ۾ باربار ڀيا برادري جي اڳواڻن جو غير محسوس طريقي سان ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو هو، اهو جنهن به اسڪرپٽ لکيو هو ۽ جنهن جي بڇ تي اهو شو ڪيو ويو منهنجو خيال آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن خود اهو به عوام ۽ عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هوندو.

شڪارپور جي امن امان جي حوالي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي آيل چونڊيل نمائندن ۽ سياستدانن جا بيان ٻڌي ۽ پڙهي جيڪو احساس وڏي شدت سان اڀريو آهي. اهو لفظن جي استعمال ۾ احتياط جي اڻ هوند وارو آهي جيڪو بي ڌياني ۾ ماڻهو جي بچاءُ بدران خود ان جي ئي خودداري جو سبب ٿيو آهي. ان حوالي سان پ پ جي ضلعي صدر مير بابل پاران مهرن، جتوئين ۽ خود پنهنجي برادري ۾ موجود هزارين پوليس کي گهربل ماڻهن جي نشاندهي ۽ ٻين سردارن پاران به پنهنجي راڄ جي ڏوهارين پيش ڪرڻ جي صورت ۾ بابل پاران اهڙي اڳڀرائي جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو.

هن جڏهن اها ڳالهه ڪئي تڏهن ئي اهو طئي ٿي ويو هو ته ٻئي ڏينهن جي اخبار ۾ پهرين صفحي تي خبر هيڊنگ هوندي جيڪا هن کي پنهنجي ئي لفظن ۾ مارائيندي ۽ اهو ايئن ئي ٿيو ۽ ان جي آڌار تي ئي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي چوي ٿو ته بابل ڏوهاري پالي ٿو. اهو الميو رڳو بابل تائين ئي محدود ناهي پر مير عابد ڀيو جو اهو بيان به ڪيترائي سوال اٿاري ويو ته سندس والد جي قتل کان هن وقت تائين هو نشانو بڻبا رهيا آهن ۽ ڀيا خاندان جو ڏوهارين سان وابستگي وارو تاٽر ڏنو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج هڪ طرف ته اڳوڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي خادم رند جي ان بيان تي ڪاوڙجي ٿو ته هن چيو هو ته علائقا خود اها گواهي ڏين ٿا ته اتي ڪنهن ڪنهن جو اثر آهي ۽ ڪير ڏوهارين جو مددگار آهي. دراني کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ آهي ته خادم رند سڀني کي هڪ نظر سان ڇو ڏٺو ۽ سڀني کي هڪ قطار ۾ ڇو بيهاريو. ٻئي طرف آغا هر ماڻهو ۽ خاندان جي اشراف هئڻ واري به ڳالهه ڪري ٿو جيڪڏهن ان تضاد تي ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته اها ڳالهه ميڊيا جي رڪارڊ مان حاصل ڪري سگهي ٿو.

may 31-2015       16

اهڙا ئي تضاد اڳوڻي ايس ايس پي الطاف لغاري جي موقف ۾ به ڏٺا ويا جتي هڪ طرف هو رينجرز پاران ڀيا هائوس جي گهيراءُ جو سبب جاڳڻ ۾ ٻاهرين ضلعن جي مغوين جي موجودگي وارا اطلاع ڄاڻائي ويو. ٻئي طرف جاڳڻ ۾ نه رڳو پنهنجي دور پر ڪڏهن به ڪنهن ٻاهرين ضلعي جي ماڻهن جي بازيابي کي ئي رد ڪري ويو ۽ جهڙي ريت هن ڀيا هائوس ۽ ڀيا ڀوتارن جي ساک پت جي شاهدي ڏني هئي اهڙي دعويٰ به اهڙن لمحن ۾ جڏهن ساڳئي وقت بابل خان خود پنهنجي لفظن ۽ جملن ۾ وچڙ ي چڪو هجي.

اسان جي سياستدانن ۽ عوامي نمائندن توڙي انتظامي ڪامورن شڪارپور جي امن بابت پنهنجي بيانن ۾ ذات کي قوم طور متعارف ڪرايو آهي ۽ اسان جي ڀوتارن ۽ ڪامورن جي اها پراڻي عادت ۽ روش آهي هو ذات ۽ قوم ۾ ڪو فرق نه ٿا ڪن سندن راڄ ۽ قبيلا قوم جو درجو رکن ٿا.

شڪارپور ۾ ڀيا ڀائر ۽ سندن بنگلو جهڙي ريت رينجرز جي نشاني تي رهيو ان کي هو وفاقي حڪومت پاران سياسي پلاند قرار ڏين ٿا. سندن اهڙي بيان سان سندن مخالف ڌر جتوئي ڀائرن جي ن ليگ وٽ اهميت عيان ٿئي ٿي. جڏهن ته 6 مئي وارين ضمني چونڊن کان اڳ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ن ليگ مان مايوس هئڻ جو اعتراف ڪري چڪو هو جيڪا خاطري پنهنجي دل جي ٽيڪ طور تي هو ٻين جي جي آڏو ڪرائيندا آهن. اهڙي اهميت جو اعتراف ڪري بابل خان سادگي ۾ جتوئي ڀائرن کي اخلاقي طور وڏو فائدو ڏئي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته ان ڳالهه جا پنج سيڪڙو به اهڃاڻ ناهن ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار رينجرز کي حڪم ڏئي بابل خان جي گهر ۾ ان جي ڀاءُ کي اٺ ڪلاڪ يرغمال بڻايو هجي، سندس ڳوٺ جاڳڻ ۾ راڄ کي تنگ ڪيو هجي ۽ ٻئي ڀيري واري ڪارروائي ۾ سندس گهر ڏانهن ويندڙ رستن تان واٽهڙن کان به پڇا ڳاڇا ڪري کين نفسياتي طور تي دٻاءُ ۾ رکيو هجي ۽ اهو معاملو ان سطح تي پهچي چڪو هجي جو ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه کي وفاقي سان رابطو ڪرڻو پيو هجي.

“افيئر” کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀيا ڀائرن کي پنهنجي ئي پارٽي جي ڪنهن ماڻهو مشڪل ۾ وڌو آهي ۽ ٿوري عرصي ۾ سندس وڌندڙ اهميت ان کي باقائده کُکي آهي مير عابد ايم پي اي ٿي ويو. بابل ضلعي صدر آهي، فريال ٽالپر جي ويجهن ماڻهن ۾ ليکجي ٿو ان ڪري جڏهن مٿين سطح تي هو پنهنجي مضبوط حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي ته هاڻ هن کي هيٺين سطح جي ماڻهن جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ “افيئر” کي اهي اطلاع مليا آهن ته اهو سلسلو جيڪو ان پ پ اڳواڻ ڀين کي تڪليف ڏيڻ لاءِ شروع ڪيو آهي سا خود کيس به آزا مائش ۾ وجهڻ واري آهي.

ان ئي الطاف لغاري جي مقرري تي به اعتراض هئا پر فريال جي راءِ ۽ مرضي سبب سي ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيا ۽ شايد اهو پهريون ڀيرو هو جو سندس مرضي کانسواءِ ڀيا ڀائرن جي خواهش تي شڪارپور ۾ ڪو اعليٰ سطحي انتظامي آفيسر مقرر ٿيو هو.

شڪارپور ۾ ڀيا هائوس تي چڙهائي واريون خبرون هتان جي سومرن جي مفاد ۾ به آهن ڇو ته سومرا اها ڳالهه مڃين يا نه پر شڪارپور ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت جي حوالي سان هو پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ اهل سمجهن ٿا.

مقبول شيخ جي پٽ محسن شيخ کي سندس ڪلاس فيلو دوست ايم پي اي عابد ڀيو جي ماني واري دعوت مهانگي پئجي وئي جو جڏهن هو اها کائي موٽي رهيو هو ته رينجرز کيس روڪيو سندس گارڊ پڇا ڳاڇا هيٺ آيا ٽي ڪلاشن ڪوفون وقتي طور تي تصديق لاءِ روڪيون ويون. هٿيارن جي ڀل تصديق ٿي هجي پر اهڙي خبر ميديا تي اچڻ شيخ ڀائرن لاءِ ضرور مٿي جو سور هئي.

مقبول شيخ ته پ پ ۾ آهي پر امتياز شيخ بابل خلاف ڪارروائي تي ضرور خوش ٿيو هوندو ڇو ته ماضي ۾ بابل امتياز جي قيادت ۾ ڪم ڪري چڪو آهي.

شڪارپور جي سمورن سياستدانن بدامني جي باهه کي وسائڻ لاءِ ڏوهارين خلا ف ڪارروائي کي اڻ ٽرقرار ڏنو آهي ۽ اهو به اعتراف ڪيو آهي ته سياست ۽ ڏوهه گڏ گڏ هلن ٿا انهن ٻنهي جو جيستائين تعلق هوندو شڪارپور جو امن بحال نه ٿيندو. پر ڪو به سياستدان ڏوهارين جي مدد ڪندڙن جا سنوان سڌا ثبوتن جي آڌار نالا نه ٿو کڻي.

وري به ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفتاب پٺاڻ سنئون سڌو چوي ٿو ته سياسي مداخلت، اهليت جي بنياد تي مقرريون نه ٿيڻ فري هينڊ نه هئڻ ۽ ايس ايڇ ازو پاران ڪم نه ڪرڻ سبب بدامني نه ٿي رڪجي، جڏهن ته ڪاريون رڍون به ڪم خراب ڪن ٿيون. ايس ايس پي شڪارپور جاويد جسڪاڻي شڪارپور پوليس ۽ قبيلا ئي عنصرن جي نشاندهي ڪري ٿو هو شڪارپور کي ڊمپنگ ايريا ڪوٺي ٿو ۽ چوي ٿو ته الميو اهو ناهي ته شڪارپور ۾ ڏوهه ٿين ٿا، شڪارپور کان وڌيڪ ٻين ضلعن ۾ ڏوهه ٿين ٿا پر الميو اهو آهي ته سڄي سنڌ مان اغوا ڪيل مغوي شڪارپور ۾ پهچايا وڃن ٿا.

مٿي ذڪر ڪيل پوليس آفيسرن جا جيڪڏهن غور هيٺ آڻجن ته اهي تاثر لڳن ٿا جنهن لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي آپريشن جهڙو شڪارپور ۾ آپريشن ٿي جنهن ۾ رينجرز فوج به هجي هيليڪاپٽر هجن سٺا آفيسر ڀرپور نيٽ ورڪ ۽ سهولتن سان ڪم ڪن ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو، شڪارپور آپريشن، شڪاپور کان وڌيڪ سڄي سنڌ جي ضرورت آهي جيڪي به ڪچي جا نوگو ايريا آهن جيڪا به سرڪاري زمين قبضي هيٺ آهي ۽ جيڪي به ٻيلا سي سڀ جو سڀ ڪارروائي هيٺ اچن ته ڌاڙيلن جا ٿاڪ ۽ پناهه گاهون تباهه ٿي سگهن ٿيون پر سوال اهو آهي ته شڪارپور ۾ جيڪا طاقتور ڌر ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين جهڙي ڏک ڏئي ٿي ان کي تاءُ ايندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو