Home / ڪرنٽ افيئر / گورنر هائوس ۾ ٽن وڏن جو اجلاس گورنر هائوس ۾ ٽن وڏن جو اجلاس ڪراچي ۾ هاڻي ڪا به هڙتال نه ٿيندي؟
above article banner

گورنر هائوس ۾ ٽن وڏن جو اجلاس گورنر هائوس ۾ ٽن وڏن جو اجلاس ڪراچي ۾ هاڻي ڪا به هڙتال نه ٿيندي؟

Sameer Mandhoro14 مئي تي گورنر هائوس ۾ ڪراچي جي تاريخ جي انتهائي اهم ۽ غير معمولي گڏجاڻي ٿي. ظاهري طور تي اها گڏجاڻي ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي باري ۾ هئي. پر انهي تاريخي ميٽنگ ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ظهير الاسلام، ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو آفتاب سلطان سميت اهم شخصيتن جي شرڪت ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ به رکرائي وئي هئي ته عسڪري ۽ سولين قيادت ڪراچي جي معاملي تي متفق آهي. هتي اهو پيغام به ڏيڻ مقصود هو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ پوليس يا رينجرز جي وس جي ڳالهه ناهي، ضرورت پوڻ تي فوج به اچي سگهي ٿي. هڪ نياپو اهو به ڏيڻو هو ته جيڪي قوتون ڪراچي ۾ حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون سي سڌري وڃن. هڪ ٻيو ميسيج به هو جيڪو سڌو سنئون متحده قومي موومينٽ لاءِ هو جنهن گڏجاڻي کان صرف ٽي ڏينهن اڳ اهو نياپو حڪومت کي ڏنو هو ته “ڪراچي کي سال لاءِ به بند ڪرائي سگهون ٿا” ان سميت ٻيا به کوڙ نياپا هئا جن جيڪو سمجهيو تن تيئن ئي ورتو.

پر سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا شايد ميڊيا تي به اچي سگهي اُها اِها به هئي ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي بقا ڪراچي جي حالتن سان آهي، جنهن جو سڌو سنئون مطلب اهو ٿيو ته ڪراچي شهر فوج ۽ ان جي ذيلي ادارن لاءِ ڪيترو اهم آهي.

انهي ڏينهن ٽي گڏ جاڻيون ٿيون. هڪ ۾ وزيراعظم نواز شريف. جنرل راحيل شريف، جنرل ظهير السلام ۽ ٻين اڳواڻن (سياسي نه) کي رينجرز ڊي جي طرفان ڪراچي ۾ سيپٽمبر کان جاري آپريشن، انهي ۾ ٿيندڙ ڪاميابين، مشڪلاتن ۽ ضرورتن تي هڪ جامع بريفنگ ڏني وئي. ڊي رينجرز رضوان اختر جي بريفنگ مان هڪ ڳالهه واضح طور تي سامهون آئي ته ڪراچي ۾ ڏوهن ۽ رت جي راند پويان سياسي قوتون سرفهرست آهن، جيستائين انهن قوتن جو آشيرواد رهندو معاملا ٺيڪ نه ٿيند.ا سو اهڙين طاقتن کي سخت پيغام ڏنو وڃي ته سڀ ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو. ساڳي بريفنگ ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته ڪراچي ۾ دهشتگرد تنظيمن جو نيٽ ورڪ به موجود آهي. جڏهن ته ڪجهه ٻاهريون قوتون به نٿيون چاهين ته حالتون بهتر ٿين.

may-15-2014 (18)

آرمي چيف جو اجلاس ۾ ويهڻ ۽ وزيراعظم، وزيراعليٰ سنڌ ۽ گورنر سنڌ جي سامهون اهڙي بريفنگ جو مقصد رينجرز جو مورال بلند ڪرڻ سان گڏوگڏ سياسي ۽ صوبائي قيادت کي داٻو ڏيڻ به هو. ٻڌايو ويو ته سياسي پناهه سبب قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريڻ بجاءِ بد کان بدترٿيندا ٿا وڃن. ٻي ميٽنگ ۾ وري سياسي قيادت کي به گهرايو ويو، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به شرڪت ڪئي. ميٽنگ ۾ اها ڳالهه واضح طور تي چئي وئي ته پوليس ۽ رينجرز انهن سياسي شخصيتن خلاف پهرين ڪارروائي ڪندي جيڪي ڏوهارين جون ساٿاري هونديون يا انهن کي پناهه ڏينديون. رڳو نواز شريف ويٺل هجي ها ته ميٽنگ دوران ۽ پوءِ ڪيترائي اعتراض سامهون اچن ها پر عسڪري قيادت جي موجودگي سبب خاص ڪري متحده سان ٿيندڙ سلوڪ تي ئي ڳالهايو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته سياسي قيادت يعني نواز شريف جو داٻو به هن ڀيري ڪجهه سخت هو. چيائين ته اها ڳالهه سڀ ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته ڪراچي ڪنهن هڪ پارٽي يا لساني گروپ جي ملڪيت نه آهي. انهي روش جا ٻه مقصد ٻڌايا پيا وڃن. هڪ ته عسڪري قيادت جي موجودگي ۾ سياسي لٻاڙ هڻڻ ڏکيو ڪم. ٻيو ته نواز شريف متحده جي ڪمزور پوزيشن ڏسي به اهڙو رويو اختيار ڪيو. انهي کانسواءِ بزنس مين هئڻ سبب هن جو ذاتي مطلب به ڪراچي ۾ گهڻو آهي ۽ پنجاب به ته ڪراچي جي ڪري خوشحال آهي. سو انهي کي ايئن پيپلز پارٽي جيان ڪنهن هڪ گروپ جي رحم ڪرم تي سياسي مقصدن ڪري ڪيئن ٿو ڇڏي سگهجي؟

ڪجهه صاف ۽ ڪجهه دٻيل لفظن ۾ نواز شريف، پيپلز پارٽي ۽ متحده کي اهو چيو ته هو ڪراچي جي امن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن نه ته پوءِ ڏنڊو گهمندو ڪو به نه بچندو، جنهن تي ظاهري طور سڀ متفق هئا ته هو سڀ ڪراچي ۾ امن چاهين ٿا. پر اندر ۾ سيني وٽ پئي کاڌا.. سڀ کان وڏو ڌچڪو متحده کي لڳو جنهن جي هٿن مان ڪراچي شهر ويندي ٿو نظر اچي. مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي وري عسڪري قيادت جي مداخلت کٽڪي ٿي. هو سمجهن ٿا ته تازو حامد مير واقعي کانپوءِ نواز شريف جو زخمي حامد مير سان ملڻ ادارن تي بداعتمادي ظاهري ڪرڻ هو ۽ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ادارا ٽڪراءُ جي پوزيشن ۾ آهن ته هجن صورتحال ۾ ڪراچي جي حالت کي بهانو بڻائي فوج ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، جنهن لاءِ هي ٻئي سياسي پارٽيون تيار ناهن.

انهي گڏجاڻي ۾ ڪراچي ۾ فائينل رائونڊ جي منظوري سان گڏوگڏ رينجرز ۽ پوليس کي هدايتون ڏنيون ويون ته هو آپريشن تيز ڪن ۽ انهي کي منطقي انجام تائين پهچائين. ٻي صورت ۾ ڪراچي ۾ اهو ڪجهه ٿيندو جيڪو هن کان اڳ نه ٻڌو ويو نه ڏٺو ويو.. آپريشن جو دائرو وڌائيندي ڳجهن ادارن کي پڻ چيو ويو آهي ته هو پوليس ۽ رينجرز سان ڀرپور سهڪار ڪن.

سياسي اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ انهن کي حڪومتي ۽ عسڪري قيادت جي فيصلن بابت آگاهي کان اڳ اهي خدشا به ظاهر ڪيا ويا ته سخت ڪارروائي جي صورت ۾ خطرناڪ قسم جو رد عمل به اچي سگهي ٿو. پر فيصلو اهو ڪيو ويو ته اهو زهر جو ڍڪ ڀرڻو آهي. دهشتگردن جي هٿن ۾ ڪراچي کي ننڌڻڪو نٿو ڇڏي سگهجي. سيپٽمبر کان هيل تائين جاري رهندڙ آپريشن دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاص ڪري رينجرز ڪافي معلومات حاصل ڪري ورتي آهي ۽ انهي عرصي دوران هڪ خوف جي لهر به پيدا ڪئي وئي آهي ته جيئن رينجرز جو خوف اثرائتو ۽ ديرپا فائدا ڏئي سگهي. اهو جيڪو هن گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو انهي تي اڳ ئي ورڪ ٿي چڪو هو. پهريون ۽ ٻيو مرحلو ٽريلر هو. اصل فلم هاڻ ڏسڻ لاءِ لڳندي گرائونڊ ورڪ ٿي چڪو آهي. هن فيز کي آپريشن ڪلين اپ به چئي سگهجي پيو. پر شروعات مان ايئن نٿو لڳي. سياسي حڪومت ۽ حالتن کي سمجهداري سان Handle ڪرڻ لاءِ واضح حڪمت عملي کان ڪم ورتو پيو وڃي.

سيپٽمبر کان هن گڏجاڻي تائين سمورا معاملا ڪنهن حد تائين سنڌ حڪومت وٽ هئا. اها سنجيده قدم کڻي ها ته اهڙي قسم جي نوبت نه اچي ها جنهن ۾ عسڪري قيادت سولين مسئلن ۾ مداخلت ڪري ها. ماضي مان هن ملڪ جي سياستدانن ڪجهه ناهي سکيو. خاص طور تي سنڌ حڪومت ته سکڻ جي موڊ ۾ ئي نٿي ڏسجي. اهڙيون حالتون هموار ڪري فوج کي سولين معاملن ۾ مداخلت جو موقعو ڏيڻ ۽ اهو به ڪراچي جهڙي اهم ترين شهر ۾، مان لڳي ٿو ته ڊرائنگ رومز ۾ ويٺلن کي جيڪا بريفنگ ڏني وڃي ٿي انهي ۾ صرف اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو ته سڀ ٺيڪ آهي باقي ميڊيا جون رڙيون اجايون آهن.

حالتن کي سنگين نوعيت تي پهچائڻ ۾ ڪنهن حد تائين پيپلز پارٽي به ذميوار آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪراچي کي بهانو بڻائي سنگين قدم کنيا ويا ته انهي جي سموري ذميواري پيپلز پارٽي تي لاڳو ٿيندي. جنهن گذريل ڇهن سالن کان هن صوبي ۾ حڪومت ڪئي آهي ۽ سٺن ڪمن (جيڪي مون کي ياد نٿا اچن) برن ڪمن کي به OWN ڪرڻ گهرجي. نه صرف ڪراچي بلڪه سموري صوبي ۾ بدترين حڪمراني جي ذميوار پيپلز پارٽي ۽ ڪنهن حد تائين سندس اتحادي به آهن.

مثال طور: هن وقت تائين جيڪڏهن اسان اهو چئون ته ڪراچي جون حالتون صرف متحده جي ڪري خراب آهن ته باقي ضلعن ۾ ڀيانڪ صورتحال جي پويان به ڇا متحده آهي؟ 29 ضلعن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ صرف پوليس ڊپارٽمينٽ ضلعي چيف رينڪرز آهن. جڏهن ته باقي ڪجهه پي ايس پيز سفارشن سبب اٽڪيا پيا آهن. ڪيترن ئي ضلعن جا چيف انجئينر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا عملدار پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي مهربانين سبب ٽڪيا پيا آهن. سنڌ حڪومت جو ڪو اڳواڻ ڪا دعويٰ ڪرڻ جي به قابل ناهي ته هنن ڇهن سالن ۾ ڪو هڪ به اهڙو ڪم ڪيو آهي جنهن تي هو فخر ڪندا هجن. يا هو اهو چئي سگهن ته هنن طاقت جي سرچشمي جي ڪا عملي خدمت ڪئي آهي؟ نه بلڪل نه، “افيئر” جي پنن تي 2012ع ۾ لکيو هوسين ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي ساک بچائڻ لا ءِ پنجاب حڪومت کان بهتر ڪم ڪرڻ گهرجي، جي نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ هنن جا ڪجهه مثالي ڪم ئي ڪاپي ڪري. پر هي جوان صرف اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي پاڻ کي گهڻو ڪجهه سمجهي رهيا آهن.

تازي گڏجاڻي کانپوءِ جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت کي متحرڪ ٿيڻ گهرجي ها نه صرف ڪراچي بلڪه سموري سنڌ ۾ بدترين نظام کانپوءِ پيدا ٿيندڙ حالتن کان پيپلز پارٽي پاڻ کي آجو قرار نٿي ڏئي سگهي. هن گڏجاڻي ۾ جيڪا تنقيد (اڻسڌي طرح) سنڌ حڪومت تي ٿي ان مان به لڳي ٿو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي ٿر جي مائرن تي ٺٺوليون ته سوليون آهن پر عسڪري قيادت جي اڳيان چشمن پويان اکيون هيڏانهن هوڏانهن ڦيرڻ به ڏکيو هو. ٿر جا ٻار انهي ڪري ٿا مرن جو دايون ڇڪي ٻار ڄڻائين ٿيون، چئو نه ته ڪراچي ۾ بدترين صورتحال پيدا ڪرڻ پويان ڪنهن جو هٿ آهي ۽ ڪڏهن کان آهي؟

وفاقي ۽ عسڪري مداخلت مان لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي صرف سنڌ تائين محدود رهڻ باوجود به ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. فنڊز نه هئڻ جو بهانو بڻائي حالتن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جو چوڻ نه سياسي بصيرت آهي نه ئي سٺي ايڊمنسٽريشن جي نشاني.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو