Home / اسپيشل افيئر / .. ۽ جڏهن پاڪستان تبديل ٿي ويو (I)
above article banner

.. ۽ جڏهن پاڪستان تبديل ٿي ويو (I)

Nadeem F paracha1979ع هڪ فيصلائتو سال هو. جيڪڏهن ڪنهن کي سال جي چونڊ ڪرڻي پوي جنهن ۾ پاڪستان جي سياست ۽ ثقافت جو جهڪاءٌ مذهبي، ذهني خلل ڏانهن ٿيو ته اهو پڪ سان 1979ع جي ئي چونڊ ڪندو. هن فيصلائتي سال جي شروعات 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت خلاف سندس پنهنجي چونڊيل جنرل ضياءَ الحق جي بغاوت سان ٿي.

پي ٽي وي تي قوم کي پنهنجي شروعاتي خطابن مان هڪ دوران، جنرل ضياءُ الحق لکيل تقرير اوچتو روڪي ڪئمرا ڏانهن ڏسندي ان ڳالهه جي دعويٰ ڪئي ته کيس خبر آهي ته ماڻهن پي ٽي وي ڏسڻ ڇو ڇڏي ڏني آهي.

“مون کي خبر آهي ته ماڻهو هاڻي پي ٽي وي ڇو نٿا ڏسن. جهرڪيون جو اڏامي ويو”.

نين چونڊن جي ڪيترن ئي واعدن دوران (جن مان هو ڪو به واعدو پورو ڪري نه سگهيو) ضياءُ الحق، جماعت اسلامي ۽ ٻين ڀٽو مخالف قدامت پرست سياستدانن کي مارشل لا جهڙي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زور ڀريو. جماعت اسلامي جي ميمبرن کي سڌ سماءَ واري وزارت هلائڻ جي کليل اجازت هئي۽ ان وزارت سڀ کان پهريون قدم ئي پي ٽي وي ۽ سئنيما لاءِ نئين سينسر پاليسي جو کنيو. تمام گهڻن فنڪارن، پروڊيوسرن ۽ ڊرامانگارن جي پي ٽي وي اچڻ تي پابندي مڙهي وئي (ڇاڪاڻ جو اهي ڀٽو جا حامي سمجهيا ويندا هئا).

اهڙي ئي هڪ لسٽ پاڪستاني فلمن گانن ۽ پي ٽي وي ڊرامن جي به ٺاهي وئي جن کي ٻيهر ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي. انهن مٿان بيهودائپ، اگهاڙپ ۽ بي حيائي جو ليبل هنيو ويو. مثال طور: ناهيد اختر جو گانو “تترو تارا تارا“ ۽ عالمگير جو گيت “ديکا نه ٿا ڪڀي هم ني يي سما” کي بيهودو چيو ويو.

جڏهن ته شوڪت صديقي جو ڊرامو “خدا ڪي بستي” جيڪو ڪراچي جي ڪچين آبادين جي غربت ۽ اتي پلجندڙ ڏوهن جي باري ۾ هن 1973ع ۾ لکيو هو، اهو ٻيهر هلائڻ تي پابندي مڙهي وئي، ڇو ته جماعتي سينسر بورڊ جي خيال ۾ اهو ڊرامو ڪميونزم/ سوشلزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هڪ اهڙو نظريو جيڪو جماعت جي خيال ۾ ڪافراڻو هو.

may 31-2015       15

نه رڳو اهو بلڪه نئين سڌ سماءَ واري وزارت پي ٽي وي آرڪائيوز ۽ وڊيو لائبريري مان ڀٽو جون سڀ تقريرون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گڏوگڏ نيوز بليٽن ۽ ٽاڪ شوز ۾ “ڀٽو“ جمهوريت ۽ ڪميونزم/سوشلز م جهڙن لفظن جي استعمال تي پابندي مڙهي وئي.

هوريان هوريان ضياءُ الحق ڀٽو مخالف پاڪستان نيشنل الائنس جي اليڪشني نعري “نظام مصطفيٰ” کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. هن اهو تاثر ڏنو ته پاڪستاني عوام به اهو ئي چاهي ٿو. ان تاثر کي هن نين چونڊن ڪرائڻ ۾ دير ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. هن جي اها دعويٰ هئي ته ان کان اڳ جو ماڻهو نين چونڊن جي مرحلي ۾ وڃن، هاڻوڪي فوجي حڪومت کي سماج ۽ سياست کي بدعنواني ۽ غير اسلامي عنصرن کان پاڪ ڪرڻو پوندو.

1978ع ۾ ضياءُ الحق جي اسلامي پاليسين جي رسمي اعلان کان اڳ ئي جماعتي وزارتن ڪيترن ئي ٽي وي اشتهارن، گانن ۽ فنڪارن تي پابندي مڙهي ۽ ڪيترين ئي اهڙين فلمن (جن کي اڳوڻي سينسر بورڊ منظور ڪيو هو) ڪاٽ ڪوٽ ڪري ايندڙ وقت لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو هو.

ارادو اهو هو ته اسلامي قانون ۽ ثقافت جي مڪمل طور لاڳو ٿيڻ لاءِ ميدان تيار ڪيو وڃي. جماعت جي اڳواڻ علامه ابو الاعليٰ مودودي جا مقالا “اسلامي رياست جو بنياد، مطابق اهو پهريون قدم هو.

ضياءَ الحق جي اسلامائيزيشن جي شروعاتي جوڙجڪ ۾ مودودي جو ڪردار اهم هو. ضياءُ الحق بابت اهو به چيو وڃي ٿو ته هو نوجوان فوجي آفيسرن ۾ مودودي جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ورهائيندو هو.

1979ع تائين جماعت اسلامي کي ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي هئي ته ضياءُالحق جي ذريعي انهن رياستي اقتدار جي ميدان ۾ پنهنجا قدم ڄمائي ورتا آهن. حالانڪه سندن اڳواڻ مودودي جي اصلي مقالي موجب اسلامي انقلاب هڪ اهڙي سماج وسيلي آڻي سگهجي ٿو جنهن کي نظم و ضبط سان اسلامائيز ڪيو وڃي. جماعت جي پنجابي قيادت ان عمل کي تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ضياءُ الحق تي اسلامي قانون جلد لاڳو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.

۽ پوءِ 1979ع ۾ مودودي گذاري ويو، جيئن ئي ضيا ءُالحق اسلامي قانون رائج ڪرڻ شروع ڪيا. سوسائٽي ڄڻ ته سڪتي ۾ اچي وئي. اها اهڙي غير يقيني ۾ ڦاسي پئي جتي ان کي نه ته ان ڳالهه جو احساس هو ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ نه وري ان ڳالهه جو اندازو ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.

سوسائٽي جي اهڙي غير يقيني ۽ جامد حالت جو اندازو انهن واقعن جي حوالي سان انهن ماڻهن جي رد عمل مان هڻي سگهجي ٿو جيڪي 1979ع ۾ رونما ٿيا.

جولاءِ 1979ع ۾ آمريڪي اداري “نيشنل ايروناٽڪ اينڊ اسپيس ايڊمنسٽريشن” (ناسا) اعلان ڪيو ته 1973ع کان زمين جي مدار تي موجود اسڪائي ليب سيٽلائيٽ ۾ فني خرابي سبب ان جي زمين تي ڪرڻ جو خدشو آهي. ناسا کي ان ڳالهه جو صحيح اندزو نه هو ته اها سيٽلائيٽ زمين جي فضا ۾ داخل ٿيندي ئي سڙڻ شروع ٿي ويندي ۽ عين ممڪن آهي ته اها سمنڊ ۾ وڃي ڪري. ليڪن پاڪستان ۾ ان ڪهاڻي نئون روپ اختيار ڪري ورتو.

رياستي ملڪيت پي ٽي وي اسڪائي ليب جي تازي لوڪيشن بابت باقاعده بليٽن جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، اها بليٽن گهڻو ڪري اظهر لوڌي ٻڌائيندو هو. اظهر لوڌي اهو نيوز ڪاسٽر هو جيڪو ضياءُ الحق جي زماني ۾ پي ٽي وي تي نمايان طرح موجود رهيو.

لوڌي بليٽن دوران سنجيده لهجو اختيار ڪيو ۽ پوءِ بليٽن جي وچ ۾ ايتري ئي ڏکاري لهجي ۾ دعائن جي اپيل شروع ڪري ڇڏي. اوچتو ئي تمام گهڻا پاڪستاني جن ان معاملي کي ڪا گهڻي اهميت نه ڏني هئي، اهي به پي ٽي وي تي ۽ خبرنگارن کان ان واقعي بابت ڳالهه ٻولهه دوران اشارن ڪناين ۾ قيامت ڏينهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ڪيترا ته اهو سوچڻ لڳا ته ڪٿي پاڪستان تي اسڪائي ليب جو ڪرڻ الله طرفان روز محشر جي شروعات ته ناهي؟

پاڪستاني سماج ۾ هلڪي پر شديد خوف واري لهر پئدا ٿي وئي. ليڪن ايئن لڳي رهيو هو ته ڄڻ فوجي حڪومت ان موقعي کي ڄاڻي ٻجهي لوڌي جي ڳنيڀر لهجي ۾ دعائن جي اپيل ذريعي عوام جي ذهنن ۾ ڊپ ويهارڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. شايد ان آزمائش وقت اهو جتائڻ پيا چاهين ته پاڪستان کي هڪ پرهيز گار حڪمران جي ضرورت آهي.

دلچسپ ڳالهه اها اها آهي ته تن ڏينهن ۾ پاڪستاني، صوفين جي مزارن تي، مسجدن کان وڌيڪ وڃڻ لڳا هئا. انهن ۾ اهڙو مڊل ڪلاس به شامل هو جيڪو فقط خاص موقعن تي ئي مسجدن جو رخ ڪندو هو.

بهرحال جيئن جيئن ضياءُ جا اسلامي قانوني رائج ٿيندا ويا، پي ٽي وي ٽرانسميشن ۾ اسلامي پروگرامن جو انگ ٻيڻو ڪري ڇڏيو. گڏوگڏ لوڌي ڊرامائي انداز ۾ اهو اعلان ڪندو رهيو ته اسڪائي ليب جي ڪرڻ جو وقت ويجهو آهي. ان ڪري ڪيترن ئي مڊل ڪلاس جي نوجوانن مسجدن جو رخ ڪرڻ شروع ڪيو.

لوڌي گهڻو ڪري بليٽن جي وچ ۾ ٽپڪو ڏئي ظاهر ٿيندو هو ۽ هڪ ڳنڀير ۽ افسوسناڪ تاثر سان فرمائيندو هو ته “ناظرين” ناسا جي رپورٽ مطابق اسڪائي ليب ايشيا ۾ داخل ٿي چڪي آهي، توهان کي گذارش آهي ته پنهنجي مسجدن ۾ وڃي پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعائون ڪريو ۽ الله کان توبهه ڪريو. توهان کي اسان اسڪائي ليب بابت ڄاڻ ڏيندا رهنداسين.”

حالانڪه شروعاتي ڪجهه ڏينهن تائين پي ٽي وي لئيق احمد کي گهرايو جيڪو 1970ع جي شروعات ۾ چئنل تي سائنسي پروگرام جي ميزباني ڪندو هو، ته جيئن هو اسڪائي ليب ڪرڻ جي وضاحت ڪري سگهي. ليڪن جيئن جيئن خلائي اسٽيشن ڪِرڻ جي حوالي سان دلچسپي وڌندي وئي، سندس جاءِ مذهبي عالمن حاصل ڪري ورتي. جن اهو تاثر ڏيڻ شروع ڪيو ته اها دراصل پاڪستان وارن لاءِ الله جي تنبيهه آهي.

پاڪستان جي ماڻهن هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن به مذهبي شخصيت کي غير مذهبي مامرن تي نه ڳالهائيندي ٻڌو هو، نه ڏٺو هو. ليڪن جلد ئي اهو هڪ معمول بڻجي ويو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. حد اها آهي ته جديد خانگي چينل به اسلامي عالمن کي زلزلي، ٻوڏن ۽ سونامي جهڙن واقعن تي ڳالهائڻ لاءِ گهرائڻ کان نٿا ڪيٻائين.

آخر ڪار اسڪائي ليب ڪري پئي (12 جولاءِ 1979ع) اولهه آسٽريليا جي ريگستانن ۽ سمنڊ ۾، ۽ اهو ڏينهن قيامت جنهن جو ماڻهن کي ڊپ هو، اهو نه آيو ۽ پوءِ اها ڳالهه ماڻهن جلد وساري ڇڏي.

اهو واقعو تمام جلد ماڻهن جي يادگيرين مان نڪري ويو،ليڪن پاڪستان جي سماج تي ان جيڪي آفاقي تباهي جا خدشا ڇڏيا هئا اهي پوئتي رهجي ويا ۽ اهو ئي اهو هيبتناڪ نظريو هو (جيڪو سرڪاري پرپيگنڊا وسيلي الله تعالي طرفان تنبيهه ٻڌايو ويو هو) جيڪو ضيا جي آمراڻي حڪومت جي اسلامي داءُ پيچ ۾ اپيل تيز ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. (هلندڙ)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو